ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آنڊي جي مرض ۾ ورتل ڳوٺاڻا

Editorial

صحت جي حوالي سان پاڪستان ۾ ڪيتريون بهتر سهولتون آهن، ان جو اندازو مختلف صحت مرڪزن ۽ اسپتالن جي حالت ڏسي آرام سان ٿي ويندو آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ صحت جو شعبو عام ماڻهوءَ لاءِ بنهه گهڻو مهانگو پڻ ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون به پنهنجن اسمن جا اگهه وڌائڻ لاءِ روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ دوائن کي غائب ڪري ڇڏينديون آهن. ٻيا مرض ته پنهنجي جاءِ تي پر بخار لاءِ ڪتب ايندڙ دوا به نه ملي سگهندي آهي. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هتان جو صحت کاتو ڪهڙي ريت ڪم ڪري رهيو آهن. پر ڪن علائقن ۾ جڏهن اوچتو ڪا بيماري پکڙي ويندي آهي ته ان جي ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ سخت متاثر ٿيندا آهن. برسات جي مند ۾ ته هونئن به بيمارين جو حملو ماڻهن تي ڪجهه وڌيڪ ٿيندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن تمام گهڻو ڀوڳيندا آهن. تازو ڌهرڪي ۾ 100 کان وڌيڪ ٻار ۽ ڳوٺاڻا آنڊي جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن.
خبر موجب ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ سونو خان شر ۾ آنڊي جي بيماري پکڙجي وئي آهي، جنهن ڪري ھڪ ھفتي اندر 100 کان وڌيڪ معصوم ٻار توڙي ڳوٺاڻا بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن کي علاج لاءِ رحيم يار خان جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سونو شر، مظهر شر ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ هفتي ۾ 100 کان مٿي معصوم ٻار توڙي ڳوٺاڻا آنڊي جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن، جنهن ڪري ڪيترائي ڳوٺاڻا پنهنجا آپريشن ڪرائي آيا آهن. هن وقت ڪيترائي ڳوٺاڻا رحيم يار خان جي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي آهن پر ان باوجود هن مهل تائين صحت کاتي جي عملدارن اسان جي سار نه لڌي آهي. هنن ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آنڊي جي مرض ۾ ورتل ڳوٺاڻن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي آنڊي جي بيماريءَ جو تيزيءَ سان پکڙجڻ جا سبب معلوم ڪيا وڃن ته جيئن ڳوٺاڻا احتياطي تدبيرون استعمال ڪري موذي مرض کان نجات حاصل ڪري سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته هڪ ئي ڳوٺ ايتري انگ ماڻهن جو ڪنهن بيماريءَ ۾ وٺجي وڃڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي صحت کاتي کي گهرجي ته اهو ترت ان ڳوٺ جي طبي امداد ڪري ۽ ان بيماريءَ جي ڪارڻ جو پتو لڳائي ته جيئن اتان جي مريضن جو بهتر علاج ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته اهي امڪان رشن آهن ته اها بيماري اڃا به وڌيڪ ماڻهن کي لڳي سگهي ٿي. تنهنڪري ميڊيڪل ٽيم موڪلي علاج شروع ڪيو وڃي.

خوراڪ مرڪز تي خراب ٿيندڙ ڪڻڪ
ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جون دانهون حڪومت پاڻ ڪندي رهندي آهي، ان کوٽ جي هوندي به حڪومت ملڪ ۾ پيدا ٿيل ڪڻڪ ٻاهر موڪليندي رهندي آهي، جڏهن اها کوٽ اڃا به وڌي ويندي آهي ته مهانگي اگهه تي ڪڻڪ ٻاهران گهرائي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي مهانگو اٽو خريد ڪرڻو پوندو آهي ۽ ماڻهو رڳو مانيءَ ۾ ٻڌو پيو هوندو آهي. هن وقت به سنڌ ۾ اٽو 100 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، پر ڇا سنڌ حڪومت کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته اٽو ماڻهو جي روزاني استعمال ۾ ايندڙ اسم آهي، جنهن کان سواءِ ماڻهو جيئرو نٿو رهي سگهي پر تنهن هوندي به اٽو ايترو مهانگو ڪيو ويو آهي جو عام ماڻهو لاءِ خريد ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. سنڌ جي گودامن ۾ رکيل ڪڻڪ سرڪاري نا اهلي جي ڪري خراب پئي ٿيندي آهي پر ان جي ڪنهن کي ڪا پرواهه به ڪانه هوندي آهي. جڏهن ته اها ڪڻڪ عوام لاءِ ذخيرو ڪئي ويندي آهي ته جيئن ڪڻڪ جو ڪو بحران پيدا نه ٿئي ۽ نه ئي وري ماڻهن کي اٽو مهانگو ملي.
هڪ خبر موجب ڪچي پل ويجهو گوادر موٽروي تي قائم فوڊ سينٽر تي خوراڪ کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب ڪروڙين روپين جي پيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ لڳي. تازين برساتن سبب فوڊ انسپيڪٽر جي نااھلي ڪري ڪچي پل سينٽر تي کليل آسمان ھيٺان پيل ھزارين ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿيڻ لڳيون. برسات ڪڻڪ بدبوءِ ڪري وئي، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن لا عذاب بڻيل آهي. هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن وزيراعلى سنڌ، خوراڪ کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪڻڪ جي هزارين ٻورين کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائي سرڪار کي وڏي نقصان کان بچائي نااهل فوڊ سينٽر جي انچارج خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس فوري طور معطل ڪيو وڃي.
هن مان اندازو ٿئي ٿو ته خوراڪ کاتو ڪهڙي ريت پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي، جڏهن ته خوراڪ کاتي جو مقصد ئي اهو آهي ته هو سنڌ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏيندو ۽ ڪو به بحران آيو ته ان کي حل ڪندو پر اهو کاتو پاڻ بحران جو سبب بڻجي رهيو آهي. گودامن ۾ رکيل ڪڻڪ خراب ٿي ضايع ٿي رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خوراڪ کاتي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button