ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد جا پڙ ۽ ميندي وارا جلوس

Editorial-Article-Rashid Laghari

سڄي ملڪ ۽ سنڌ جيان حيدرآباد ۾ يوم عاشور 10 محرم الحرام تي ملهايو ويو. حيدرآباد جي تاريخي پڙن، امام بارگاهن، نغارن، سيجن، دلدل ۽ تعزين تي جيترو لکجي سو گهٽ آهي. نوحه خوانيءَ جي پڻ هڪ جدا تاريخ رهي آهي. حيدرآباد جي ٽنڊو آغا ۽ لطيف آباد يونٽ نمبر 4 ۾ تاريخي وڏا علم پاڪ موجود آهي. هنن علمن جي رنگن لا خاص ڪاريگر پنجاب ۽ ٻين علائقن مان گهرايا ويندا آهن. واڍن جي پڙ ۾ وڏا علم پاڪ تيار ڪيا وڃن ٿا، جنهن تي چٽ ساليءَ جو ڪم به شاندار ڪيل هوندو آهي. محرم جي آمد وقت نغارا وڄايا وڃن ٿا. نغارا وڄائڻ جنگ شروع ٿيڻ جي علامت به آهي. اهي نغارا فقير جي پڙ وٽ تيار ڪيا ويندا آهن. هن وقت حيدرآباد ۾ دلدل ڪڍڻ جو رواج موڪلائي رهيو آهي. اڳ ۾ دلدل گهڻيون نڪرنديون هيون.
حيدرآباد ۾ 2 سئو سال پراڻا تعزيا پڻ موجود آهن. سنڌ ۾ قديمي تعزيا حيدرآباد، خيرپور ۽ ٽنڊو غلام علي ۾ موجود آهن، جيڪي تاريخي طور تي 2 کان اڍائي صديون پراڻا تعزيا ٻڌايا وڃن ٿا. حيدرآباد اهو تاريخي شهر آهي جتي جا پڙ به هڪ تاريخ رکن ٿا. شهر جي هر روڊ رستي تي سبيلون هونديون آهن. عاشور جي ڏينهن ۾ سماج جو هر وڇڙيل ماڻهو به جلوسن ۽ ماتمي پڙن تي موجود هوندو آهي، ماڻهن جي آمد وقت ڪو به فرق نه رکيو ويندو آهي. اهو سڀ ڪجهه پوري سنڌ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
حيدرآباد ۾ ٿيندڙ قديم عزاداريءَ ۾ شهزادي گھوٽ قاسم جي مينديءَ جا جلوس به اهم آهن. اهي تاريخي حيثيت رکن ٿا. 7 محرم تي حيدر چوڪ کوکر پاڙي ڀرسان گل شاهه بخاريءَ جي پڙ تان شهزادي گھوٽ قاسم جي قديم ميندي برآمد ڪئي ويندي آهي. جتي هزارين عورتن جي آمد هوندي آهي. جڏهن جماعتين جو پڙ گل شاهه بخاري گاڏي کاتي ۾ پهچندو آهي ته اتان گھوٽ قاسم جي ميندي برآمد ڪئي ويندي آهي، جيڪا قدم گاهه تي نهر ٿيندي آهي.
جماعتين جو پڙ حيدرآباد جو اهم ماتمي پڙ آهي. جيڪو پوري شهر جو چڪر ڏئي واپس نهر ٿيندو آهي. اهڙي ريت 7 محرم تي شهر جي مختلف پڙن تان سوين مينديون برآمد ٿينديون آهن. سري گھاٽ مان مائي سلمى طرفان نڪرندڙ قديم ميندي امام بارگاهه دعاءِ سڪينا مان برآمد ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ سنڌ توڙي پنجاب مان آيل عورتون شرڪت ڪنديون آهن. شهزادي گھوٽ قاسم جي ميندي تعزين ۽ جهولن جي شبيهن سان گڏ عورتون نوحه خواني پڻ ڪن ٿيون. جيڪي پيرين پنڌ قدم گاهه تي روايتي انداز ۾ پهچي نذر نياز پڻ بندوبست ڪن ٿيون.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته هيءَ سري گهاٽ جي واحد ميندي آهي، جتي سون جو تعزيو رکيو ويو آهي. جنهن کي ظاهر نٿو ڪيو وڃي. 7 محرم تي ٻئي پاسي ٻٻرن جي پڙ مان مرحوم خادم حسين شاهه عرف نٿو شاهه لڪياريءَ جي حويلي تان نڪتل ميندي ولايت علي شاهه جي پڙ ۾ نهر ٿئي ٿي. نهال شاهه، خير شاهه، ابراهيم شاهه، ڪامل شاهه، ڏنل شاهه، امام علي شاهه جي پڙن سميت نڪرندڙ مينديون پنهنجي پنهنجي پڙن تي نهر ٿين ٿيون. جتي هزارين عورتون اچي ميندي رکن ٿيون ۽ شاديءَ جون باسون پڻ باسين ٿيون. حيدرآباد ۾ شهزادي گھوٽ قاسم جون مينديون عورتون پنهنجي هٿن سان خاص انداز سان سينگارينديون آهن، جنهن ۾ ميندي ڳوهي، ان کي نازبو، گلاب جي گلن سان سينگاري خوبصورت بڻايو ويندو آهي. جڏهن ته هنن ميندين تان کنيل دعائون جڏهن پوريون ٿينديون آهن ته عزادار عورتون پنهنجي گھرن مان پڻ ميندين جا ٿال سينگاري کڻي اينديون آهن.
کاتا چوڪ مان سمدو جي ميندي برآمد ڪئي ويندي آهي. کاتا چوڪ تي هائي دوس جو صديون قديمي تلوارن جو يوم عاشور ملهايو ويندو آهي. سمدو جي ميندي پڻ ورهاڱي کان پوءِ هندوستان مان لڏي آيل هڪ خاندان پاران ڪڍي ويندي آهي. هن ميندي جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي ميندي بينڊ، باجن ۽ سازن سان کنئي ويندي آهي.
حيدرآباد ۾ هاڻ رڳو 3 دلدلون برآمد ڪيون وينديون آهن. ٽنڊو ولي محمد مان شيدين واري پڙ، کاهي روڊ مان خير شاهه جي پڙ ۽ ولايت علي شاهه جي پڙن تان اڄ به دلدلون برآمد ڪيون وينديون آهن. خير شاهه ۽ ولايت علي شاهه جو پڙ گڏ نڪرندو آهي. ان ڪري ان پڙ ۾ ٻه دلدلون، ٻه سيجون ۽ ٻه ذوالجناح هوندا آهن.
هيءَ پڙ 8 محرم تي رات جو 4 بجي ڌاري نڪرندو هو. صبح جو 8 وڳي ڌاري نهر ٿيندو آهي. هيءَ پڙ جڏهن واڍن جي پڙ مان نڪرندو آهي ته واڍن جي پڙ کان ٻٻرن جي پڙ تائين صبح جو قديم مرثيه خواني ڪئي ويندي آهي، جيڪا ٻڌڻ لاءِ عورتون پڻ پري پري کان اينديون آهن. جيڪي مرثيه ٻڌي پار ڪڍي اوڇنگارون ڏئي زارو قطار روئي شهزادي گھوٽ قاسم جو غم ملهائينديون آهن.
نهال شاهه جي پڙ مان نڪتل سيج وارو جلوس به اهڙي ريت ٻٻرن جي پڙ مان مرثين سان گذرندو آهي. 9 محرم تي جمال شاهه جي پڙ تان مجلس عزا کان پوءِ قديم سيج وارو جلوس برآمد ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ هڪ مخصوص نوحو پڙهيو ويندو:
“ڪهڙي ملڪ جو آهين امير،
هاءِ پرديسي قيدي، مون ته ڪين ڏٺا
اهڙا قيدي جنهن جا زنجير
پڙهن تڪبير هاءِ پرديسي قيدي”
اهو منظر به ڏسڻ لاءِ شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين عزادار ايندا آهن. جڏهن هي پڙ ميمڻ پاڙي وٽ پهچندو آهي ته اتي عزادارن پاران زنجيرن جو ماتم ڪيو ويندو آهي. ڦليلي مان نڪتل ڪڇين جو پڙ جڏهن صدر واري علائقي ۾ پهچي ٿو ته اتي عزادرن پاران خاص انداز ۾ گرزن جو ماتم پڻ وڃي ٿو. حيدرآباد جي تاريخي پڙن تي هزارين ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري هوندو آهي.
شهر مان جنڊي واڍن جي پڙ، روشن جي پڙ، ايليڪاٽ جي پڙ، ابراهيم شاهه جي پڙ، ٽنڊو ٺوڙهو، ميرن جي پڙ، جماعتن جي پڙن سميت ٻين قديمي پڙن تان سيجون برآمد ڪيون وينديون آهن. قديمي تاريخي پڙن لا پوليس طرفان سيڪيورٽي پلان پڻ ترتيب ڏنو ويندو آهي. جيڪي پهرين محرم کان 1 محرم تائين الرٽ رهندا آهن. جلوسن ۽ مجلسن لاءِ پنج هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا آهن. مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 15 سئو پوليس اهلڪار، ليڊيز پوليس، رينجرز جا جوان توڙي ماهر نشاني بازن کي مقرر ڪيو وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button