ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

يونيورسٽين ۾ “جماعت گردي” کي ڪير روڪيندو؟

Editorial-Article-Ali Raza Jalbani

جماعت اسلامي پنجاب يونيورسٽي، اسلاميه ڪاليج توڙي يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي سميت ملڪ جي مختلف ادارن ۾ سندن تنظيم خوف جي علامت بڻيل رھي آھي، اها ڳالهه ڪنھن کان لڪل ناهي. اھا ئي تنظيم ھئي جنھن 2016ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ بلوچ شاگردن جي گڏجاڻي تي حملو ڪري سندن ڪيترائي شاگرد زخمي ڪيا. مٿن ملڪ دشمني ۽ غداريءَ جا الزام پڻ لڳايا. اندازن ان ئي سال شاگردياڻين مٿان يونيورسٽيءَ ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ تان مٿن بيٽن سان حملو ڪيو ويو جنھن واقعي مختلف وقتن تي فخريه انداز ۾ بيان ڪندي چوندا ھئا ته ڇوڪرين جو ڪم ناھي ته ڪرڪيٽ کيڏن. تنھن کانسواءِ يونيورسٽيءَ ۾ گٽار وڄائڻ تي جميعت طرفان پابندي لڳل آھي، ڀڃڪڙي ڪندڙن جا گٽار ڀڃي کين تشدد جو نشانو بڻايو ويندو رھيو آھي.
اھو ئي ڏاڍ جو سلسلو سنڌي شاگردن خلاف به ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي. سنڌي شاگرد سٿ جي دوستن تي حملا ٿيندا رهيا آهن ۽ کين حراسان پڻ ڪيو ويندو رھيو آھي. اسان مٿان اھي الزام لڳندا رھيا ته ھي ملڪ دشمن آھن جيڪي نالو تبديل ڪري ڪم ڪري رھيا آھن. آئون 2016ع ۾ سٿ جي داخلا رھنمائي ڪميٽيءَ جو ميمبر ھئس، تڏھن پھريون ڀيرو يونيورسٽي پاليسيءَ ۾ تبديلي آڻيندي جن شعبن ۾ داخلا لاءِ امتحان ڏيڻ لازمي ھو تن تان “ڪراچي، سنڌ، پاڪستان (KSP)” پاليسيءَ کي ختم ڪري ميرٽ کي داخلائن جو بنياد بڻايو ويو. ان سال ڪراچي تعليمي بورڊ کانسواءِ سنڌ جي ٻين تعليمي بورڊن جي شاگردن جي داخلا جو انگ لڳ ڀڳ ڇهه سو تائين وڃي پهتو. جيڪو ان پاليسيءَ کان اڳ وڌ ۾ وڌ ڏيڍ سو يا پوڻا ٻه سو ھوندو ھو. نئين پاليسي تحت سنڌي شاگردن جي ھيڏي وڏي انگ ۾ داخلائون ٿيڻ انتظاميه سميت سڀني تنظيمن کي پريشان ڪري ڇڏيو ھو پر ان تي ردعمل فقط جميعت ڏيکاريو ھو. ھنن پريس بيان جاري ڪندي چيو ھو ڪراچيءَ جي شھرين جي حقن تي ڌاڙو ھڻندي انتظاميه ھزار کان وڌيڪ داخلائون “سنڌ” جي شاگردن کي ڏنيون آھن. ان ساڳئي ئي سال جماعت پاران سنڌي شاگرد سٿ کي داخلا رھنمائي ڪيمپ پڻ نه ھڻڻ ڏني وئي.
ان ئي ڏاڍ جو تسلسل ھي تازو واقعو به آھي جنھن ۾ يونيورسٽيءَ ۾ سٿ جي اسٽينڊ تي حملو ڪري سٿ جي اڳواڻن جو رت وھائي، اسٽينڊ تي کليل لطيف سائينءَ جي بيتن کي ميساريو ويو. معمول موجب سٿ جي دوستن مٿان به اھو ئي الزام لڳايو ويو ته ھي ملڪ دشمن نعريبازي ڪري رھيا ھئا جنھن ڪري ھنن مٿن حملو ڪيو.
سٿ جا زخمي ساٿي جڏهن مبينا ٽائون ٿاڻي تي ايف آءِ آر لاءِ پھتا ته ايف آءِ آر کان بچڻ لاءِ جماعت پاران سندن سنڌي اڳواڻڻ کي ڪراچيءَ جي يوسي چار تي چيئرمين جي اميدوار حماد ڀٽي جي اڳواڻي ۾ وفد موڪليو جنھن پوليس جي نگرانيءَ هيٺ لکت ۾ معافي ورتي ۽ معاھدي تحت ميساريل بيتن جو ازالو ڪرڻ ۽ اسٽينڊ تي اچي معافي وٺڻ جو يقين پڻ ڏياريو. پر سندن يونيورسٽي قيادت معاھدي تي عمل ڪرڻ بدران ويتر چاڪنگ کي بري طريقي سان ميساري ڇڏيو. ھينئر تائين سٿ جي اڳواڻڻ کي ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري آھي جنھن ۾ به جميعت جي قيادت يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندڙ سندن سنڌي ڪارڪنن کي ئي استعمال ڪري رھي آھي.
حملي جو اصل ڪارڻ اھو ھو ته يونيورسٽي ۾ سنڌين جي واحد نمائنده تنظيم سنڌي شاگرد سٿ اڳ جي ڀيٽ ۾ ھاڻي وڌيڪ مضبوط ٿي آھي. گذريل سال پھريون ڀيرو سنڌي شاگردن وڌايل فين ۽ شاگردن جي ٻين بنيادي مسئلن خلاف وي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو، اھو پھريون ڀيرو ھو سٿ پاران وي سي آفيس اڳيان سياسي سرگرمي ڪئي جيڪا ٻين سياسي پارٽين خاص طور تي جماعت اسلامي کان ھضم ٿيڻ ڏکي ھئي. تنھن کانسواءِ ھن سال سٿ جي اسٽينڊ جو باضابطا قيام به سندن اک ۾ ڪنڊو ھو.
جڏهن سنڌي شاگرد تحريڪ، ٻين شاگرد تنظيمن، ساڃاهه وندن ۽ سياسي ڪارڪنن پاران لطيف سائينءَ جي بيتن کي ميسارڻ ۽ شاگردن تي تشدد خلاف سوشل ميڊيا ۽ پريس ڪلبن اڳيان احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ته جميعت پاران يونيورسٽيءَ جي پنجن شاگرد تنظيمن جنھن ۾ جميعت سميت اي پي ايم ايس او (ايم ڪيو ايم)، پي ايس ايف (پاڪستان پيپلز پارٽي)، پنجاب اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن (پنجابين جي نمائنده تنظيم) ۽ اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو اجلاس ڪوٺائي سنڌي شاگردن کي يونيورسٽي ۾ تنظيم ڪاري جي اجازت نه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ٻن ڏينھن کانپوءِ سٿ خلاف ريلي ڪڍي سنڌي مخالف نعريبازي ڪئي وئي. حيرت جھڙي ڳالهھ اھا ٿي آھي ته سٿ خلاف ھڪٻئي جون سخت سياسي مخالف اي پي ايم ايس او ۽ جماعت اسلامي به پنھنجا سمورا اختلاف وساري ويٺيون، آئي ڏينھن فرقيواريت جي بنيادن تي ھڪٻئي سان وڙھندڙ اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (ISO) ۽ جماعت کان به پنھنجا اھي اختلاف وسري ويا ۽ وري پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن به ساڻن گڏ بيٺي.
سنڌي شاگردن لاءِ ان کان وڌيڪ الميو ٻيو ڪھڙو ھوندو ته پنھنجي ڌرتيءَ تي کين اجازت ناھي. کين پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ ثقافتي سرگرميون ڪرڻ لاءِ تنظيم ڪاريءَ لاءِ رت ۾ وھنجڻو ٿو پوي. جڏھن ته ان ئي سنڌ جي گاديءَ واري شھر ۾ پنجابين جي قومپرست شاگرد تنظيم کي کلي عام سرگرمي ڪرڻ جي نه فقط اجازت آھي پر ان کي ڌرتي ڌڻين خلاف استعمال ٿيڻ جي جرئت پڻ ڏني وئي وئي آهي. ان کانسواءِ سنڌين جي ووٽن تي کٽي ايندڙ پيپلز پارٽيءَ جي شاگرد ونگ به سنڌي شاگردن خلاف نڪرندڙ ريلي ۾ انتهاپسند جماعت اسلامي سان گڏ بيٺل ھئي.
ھن سڄي صورتحال ۾ نقصان صرف ۽ صرف سنڌي شاگردن جو ٿيو آھي. جماعتين پاران يونيورسٽيءَ جي سيڪيورٽي ۽ رينجرز جي موجودگيءَ ۾ سرعام ڪيل ناجائزي تي سندن خلاف ڪنھن به قسم جو ايڪشن ناھي ورتو ويو. نه ئي سنڌي شاگردن کي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويو آهي ته ٻيھر لطيف سائينءَ جي بيتن سان هٿ چراند نه ڪئي ويندي. سنڌي ماڻھن کي ھن واقعي مان پنھنجي سڄڻن ۽ دشمنن جي پرک ڪرڻ گھرجي. کين اسلام جو نالو استعمال ڪري “جماعت گردي” ڪندڙن کي به سڃاڻڻو پوندو، ته شيعن جي نمائندگيءَ جي نالي تي ڪم ڪندڙ اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي به سڃاڻ ڪرڻي پوندي. تنھن کانسواءِ اھا به سڌ رکڻي پوندي ته اسان جي صوبي ۾ پنجابي به تنظيم ڪاري جو حق رکن ٿا ۽ اليڪشن ۾ سنڌ ڪارڊ کيڏندڙ پارٽيءَ به سنڌين خلاف جماعت گردي جو حصو بڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button