تاريخ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ ڪارل مارڪس لکيو آهي ته “هر معاشرو معاشي مفادن سان سلهاڙيل هوندو آهي”
گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ جيڪا مذهبي منافرت جي باهه جلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان جا اسباب به معاشي هئا. اها باهه جيڪا ڀڙڪڻ کان اڳ وسامي وئي، ان کي ڦوڪون ڏيڻ واري هڪ شخص پاڻ پنهنجي وات سان تسليم ڪيو ته هندو حيدرآباد جي صدر ۾ ڪاروبار تي قابض ٿي رهيا آهن. هو ملڪيتون خريد ڪن ٿا. اهو سور سازش جو سبب بڻيو ۽ سنڌي هندن کي مارڪيٽ مان ماري ڪٽي ڪڍڻ جا جيڪا رٿ رٿي وئي، اها عمل ۾ نه اچي سگهي. ڇو ته جنهن شهر ۾ اها شيطاني چال چلي ٿي وئي، اهو شهر سنڌ جي دل حيدرآباد هو. اهو شهر فيصل آباد نه هو. حيدرآباد جي هوائن ۾ اها فطري مڻيا آهي، جنهن سبب هتي نفرت جي باهه ڀڙڪي نه ٿي سگهي.
روس جو عظيم ناول نگار دوستو وسڪي چوندو هو ته هر شهر جو هڪ روح هوندو آهي. حيدرآباد جو به هڪ روح آهي. هن جي به هڪ آتما آهي. اها آتما سدائين شڌ رهي آهي. ان روح مٿان ڪڏهن به ڪنهن شيطاني لينگهي جي ليڪو نه آيو آهي. اهو هڪ پوتر روح آهي. اهو هڪ معصوم روح آهي. ان جي پرامن ۽ پريم ڀري مزاج جي جڙ جهوني آهي. اهو ڪو اڄوڪو لقاءُ ناهي. جيڪڏهن حيدرآباد ۾ اڄ به ادب آهي. سر آهي. سنگيت آهي. ته ان جو به سبب هن شهر جي اتهاس ۾ موجود اها مڻيا آهي، جنهن ۾ انسانيت سان پيار ۽ انسانيت جي خدمت جو جذبو تمام وڏي مقدار سان موجود رهيو آهي. هونءَ ته سنڌ جا اڪثر شهر تاريخي طور تي انسانيت جي خدمت جا ماڳ رهيا آهن. پر ٻن شهرن کي مهڙ وارو اعزاز رهيو آهي. انهن شهرن مان هڪ شهر آهي، شڪارپور ۽ ٻيو حيدرآباد. اها اڄوڪي ڳالهه ناهي پر ورهاڱي جي وقت کان اڳ ۾ هي شهر پنهنجي ڀل مانسڪتا ۽ پنهنجي انسان دوستيءَ جي حوالي سان سرموڙ رهيو آهي. هن شهر ۾ اهي تحريڪون پيدا ٿيون، جن ۾ رواداري هئي. جن ۾ ڪو ڀيد ڀاءُ نه هو. جن ۾ ڪا ورڇ نه هئي. ڪنهن فرق جو ڦندو هن شهر قبول نه ڪيو. هن شهر جي تاريخ کي اهو فخر رهيو آهي ته هن ڪڏهن به انسانيت سوز عمل ۾ شرڪت نه ڪئي آهي.
هندو مسلمان توڙي عيسائي هن شهر ۾ گهر جي ڀاتين وانگر رهيا. جيڪي به تعليم ۽ شعور جون سرگرميون رهيون، انهن ۾ مذهبي منافرت جو دور دور تائين ڪو اتو پتو نه هو. سڀني مذهبن ۽ ڌرمن کي عزت سان ڏٺو ويندو هو. مذهبي مت ڀيد سبب ڪو به تضاد پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويو. ڇو ته جيڪا به علم ۽ ادب جي تحريڪ رهي، ان سدائين امن جو پاسو ورتو. ان هميشه انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي اصرار ڪيو. ان ڪڏهن نه چيو ته الڳ عقيدي واري کي جيئڻ جو حق حاصل ناهي. اهو ئي سبب آهي ته حيدرآباد جي هوائن ۾ منڍ کان وٺي محبت جي مهڪ رهي آهي.
هن شهر جي حسن هاڪ سدائين سرحدون ڪراس ڪندي رهي آهي. هي شهر جنهن جي چيلهه وٽان سنڌو ندي سوني زنجيريءَ وانگر مڙي ٿي. هي شهر جنهن جي شام ۾ ڄڻ ته ڪو طلسم رهيو آهي. هي شهر جنهن جي رات ۾ ڪو اڻ لکو انتظار ڪنهن اداس ڏيئي وانگر ٻرندو رهيو آهي. هي شهر جنهن جي صبح ۾ رابيل جي گلن جو واس محسوس ٿيندو آهي. ان شهر کي شمشان گهاٽ بڻائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي، ان جي مقدر ۾ شڪست اڳواٽ ئي لکيل هئي. ڇو ته لطيف ۽ سچل جي ٻولن سان ٻهڪندڙ هي شهر ڪڏهن به قبول نه ڪندو، ڪو فتنو ۽ فساد.
حيدرآباد ڪڏهن به اهڙو انسانيت سوز ڪردار ادا ڪري نه ٿي سگهي جو تاريخ هن کي طعنو ڏيندي چوي “حيف اٿئه حيدرآباد” نه ڪڏهن به نه. حيدرآباد جي حوالي هڪ الميو سدائين آلي ڪاٺيءَ وانگر ٻرندو رهندو ۽ اهو الميو هو، اردو سنڌي تضاد جو تلخ موڙ! حقيقت اها آهي ته اهو تضاد به ورهاڱي جي وڍ جو نتيجو هو. هن شهر ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪا نفرت جي باهه ڪجهه وقت ڀڙڪي هئي ته ان جو ڪارڻ به پاڻ هي شهر نه هو. هن شهر ۾ ٻاهرين سازش داخل ٿي ۽ ان شهر کي هڪ مان ٻه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها ڪوشش به ڪامياب ٿي نه سگهي. حيدرآباد کي اڄ به ان ڳالهه جو افسوس آهي ته هيءَ ان واهڙ ۾ ڪيئن وهي وئي پر هي شهر پنهنجي من ۾ هڪ مومن شهر آهي. مومن لاءِ فرمان آهي ته مومن ساڳي ٻر مان ٻه ڀيرا نه ڏنگبو آهي. هي شهر هاڻي ڪنهن به سازش کي پنهنجي آس پاس برداشت نه ڪندو. اهو ئي سبب آهي ته حيدرآباد جي مارڪيٽ جو تضاد جڏهن مذهبي فساد ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جي ساڃاهه فوري طور تي ان سازش کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي وئي ۽ سموري سنڌ جي سهڪار سان حيدرآباد پنهنجي دامن کي معصوم ماڻهن جي لهو ۾ آلو ڪرڻ کان محفوظ رهي. اهو هڪ عظيم ڪارنامو آهي.
اهي سازشي سانڊا جن فتني جي باهه ڀڙڪائڻ جي لاءِ ڦوڪون پئي ڏنيون، ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ هو سوشل ميڊيا تي معافيون وٺندا نظر آيا. اهڙي طرح پوري ملڪ کي معلوم ٿي ويو ته مذهبن جي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ وارا ڪردار ڪهڙي طرح پنهنجي موقف سان ڪلٽي کائيندا آهن. حيدرآباد جو اهو پرامن ۽ پريم ڀريو ڪردار مجموعي طور تي پوري ملڪ مٿان مثبت اثر وجهندو. ڇو ته پاڪستان ۾ سياسي مفادن جي سبب جيڪي نفرت جو بارودي سرنگهون وڇايون ويون آهن، اهي اڄ به خطرناڪ نتيجن جو سبب بڻجن ٿيون. خاص طور تي پنجاب ان باهه جو ٻارڻ بڻيو آهي. پنجاب ۾ جيڪي انسانيت سوز واقعا ٿيا آهن، انهن تي انسانيت کي شرم ايندو رهيو آهي. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته پنجاب جي سياست ان مٿان مثبت طور اثرانداز ٿيڻ ڪي ڪا به ڪوشش نه ڪئي آهي. جڏهن ته سنڌ جي سياست ۾ نفرت جي لاءِ ڪا به گنجائش موجود نه رهي آهي. سياست جا پنهنجا الڳ تضاد آهن ۽ رهن ٿا. پر انهن اختلافن هوندي به سنڌ ۾ جيڪو مذهبي رواداريءَ وارو پهلو رهيو آهي، اهو اقتداري سياست ڪندڙ ڌرين به ڪڏهن نه ڌڪاريو آهي. جڏهن ته قومپرست ۽ ترقي پسند ته سدائين انسانيت ۽ امن جو درس ڏيندا رهيا آهن.
سنڌ جي تاريخ ۾ مجموعي طور تي مذهبي مت ڀيد تمام گهٽ بلڪه نه هجڻ جيترو رهيو آهي. جهڙي طرح اسان هندوستان جي تاريخ ۾ پڙهون ٿا ته مذهبي فرق جي بنياد تي آبادين جون آباديون ڪهڙي ريت تهه تيغ ڪيون ويون. ڪهڙي طرح هڪ خاص مسلڪ رکندڙ ماڻهن لاءِ ڌرتيءَ کي تنگ ڪيو ويو. اهو عمل هند ۾ ته رهيو آهي پر سنڌ ۾ ڪڏهن به ان قسم جي وحشت جو مظاهرو نه ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ صرف هندوستان جي مسلمانن مٿان تهمت هڻڻ صحيح نه ٿيندو پر هندن جيڪو ڪجهه ٻڌمت جي ماڻهن سان ڪيو آهي ۽ اڄ به دلت نالي مخلوق سان جيڪو ڀارت ۾ اتياچار ٿي رهيو آهي يا مسلمانن خلاف جيڪا باهه ڀارت ۾ مودي حڪومت ٻاري آهي. اسان سنڌ ۾ ان قسم جي سازشن جو ته سوچي به نه ٿا سگهون. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي ٻول ئي ناهن، جيڪي ٻرڻ ٻارڻ جو سبب بڻجن. سنڌي ٻولي پنهنجي لساني مزاج ۾ تمام شانتي جي شمع وانگر ٻهه ٻهه ڪري ٻري ٿي. اهي پهاڪا ۽ چوڻيون جيڪي ٻوليءَ جي ٽارين مٿان گل وانگر ٽڙندا آهن، انهن ۾ مختلف مذهبن جي ماڻهن کي هڪ وحدت ۾ ڪٺو ڪرڻ جي ڪشش موجود رهي آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو جڳ مشهور پهاڪو آهي ته “پپل ۾ پرميشور ته ٻٻر ۾ ڪو ٻيو؟” ان پهاڪي جو مطلب آهي ته وڻ وڻ ۾ هن جو واسو آهي. هو جيڪو هڪ آهي ۽ جيڪو ڪثرت ۾ هوندي به وحدت جو وجود آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ هندن به مسلمانن جي عقيدن جو احترام ڪيو آهي. اسان کي ڪو به اهڙو واقعو ورلي ملندو، جنهن ۾ ڪنهن هندوءَ اسلام جي حوالي سان ڪو اهڙو عمل ڪيو هجي، جنهن سبب ڪنهن مسلمان جي دل آزاري ٿي هجي. سنڌ جا هندو ته محرم جي مهيني ۾ خير خيراتون ڪندا نظر ايندا آهن. انهن جي دل ۾ نيڪيءَ جا احساس سدائين ڇلندا ۽ هير وانگر گهلندا رهيا آهن.
هن وقت ته سنڌ ۾ هندو اقليت آهن. پر جڏهن هندو اقليت نه هئا. جڏهن انهن وٽ مال ۽ دولت هئي. جڏهن هو سماجي طور تي سگهارا هئا. ان وقت به هو ڪا اهڙي حرڪت نه ڪندا هئا، جنهن سبب ڪنهن مسلمان جي دل آزاري ٿئي. هندو مذهب ۾ سنڌ اندر احساس جو جذبو اجهل انداز سان نظر آيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ۾ مذهبي حوالي سان ڪڏهن به ڪو ويڇو يا ڪوئي مت ڀيد يا ڪوئي فرق ڪنهن به طرح سان نظر نه آيو آهي. سنڌي هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر ٿي رهيا آهن. ڪجهه تنگ نظر ماڻهو ته هر معاشري ۾ رهن ٿا. ڪجهه شڪايتون ته سنڌ ۾ به سڻيون وڃن ٿيون. پر معاشري جو مجموعي مزاج منافرت کان پاڪ ۽ صاف آهي. ان ڪري سنڌي هندن سان جڏهن به ڪا زيادتي ٿي آهي، تڏهن سنڌي اديب جو قلم گردش ۾ آيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن ننڍي کنڊ جي ٻن ملڪن ۾ جنگ جو ماحول هو، تڏهن شيخ اياز دل جي اٿاهه اڪير سان اهو نظم لکيو هو، جنهن نظم جو اثر اسان جي سياسي ۽ سماجي مزاج مٿان ڀرپور انداز سان رهيو آهي. اهو نظم جنهن ۾ اياز سنڌي ٻوليءَ جي هندو شاعر نارائڻ شيام جي حوالي سان اهو تحرير ڪيو هو ته:
“هي سنگرام
سامهون آهي
نارائڻ شيام
هن جا منهنجا
قول به ساڳيا
ٻول به ساڳيا
هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي
پر پنهنجا رنگ رتول به ساڳيا
ڍٽ به ساڳيا
ڍول به ساڳيا
هيئون به ساڳيو
هول به ساڳيا
هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان؟
هن کي گولي ڪيئن هڻان مان؟
ڪيئن هڻان مان؟”