سنڌ، بلوچستان، سرائيڪي پٽي ۽ ملڪ جا ٻيا ڪيترائي علائقا آفت سٽيل آهن. لاڳيتو برسات وسڻ سبب هر پاسي تباهي متل آهي. ماڻهن جا فصل تباهه ٿيا آهن، گهر ڊهي پيا آهن ۽ هر پاسي پاڻي ئي پاڻي آهي. اهڙي حالت ۾ نه رڳو ايمرجنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي پر هر حوالي سان برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي. سنڌ حڪومت جيڪي اپاءَ پنهنجي پر ۾ ورتا آهن، انهن کان وڌيڪ اپائن جي ضرورت آهي. رڳو امداد ۾ ڀت جي ٿيلهي ڏيڻ سان عوام جي مدد نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ان سان انهن جا گهر وري اڏجي سگهن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هاڻوڪين برساتن کان پوءِ گڏيل قومن، يونيسيف ۽ يورپي يوين کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ گڏيل قومن، يونيسيف، يورپي يونين ۽ ٻين عالمي ادارن کي مدد ۽ سهڪار جي اپيل ڪئي آهي. وڏي وزير هن سال جي ٻوڏ کي 2010 ۽ 2011ع کان به وڌيڪ خراب قرار ڏنو آهي. سکر بئراج تي بريفنگ کانپو ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعلى سنڌ مراد علي شاهه چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي عالمي ادارن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي. ڪراچي جي ڪجهه علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کي مدد ۽ تعاون جي درخواست ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي صورتحال 2010، 2011 ۽ 2012ع جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي خراب آهي. وڏي وزير چيو ته اڄ رات گڊو بئراج وٽ 6 لک ڪيوسڪ پاڻي ايندو، جيڪا وڏي ٻوڏ آهي. سکر کان ڪوٽڙي تائين بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڏارن کي بند ڪرڻ لاءِ مشينري ڏني آهي. برساتن جي 4 اسپيل ۾ 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن. وڏي وزير گذريل رات کان گهرن ۽ ٻين عمارتن جي ڇت ڪرڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڪوششن سان اسان جي مدد ڪري رهي آهي. اسان سمورن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي. هاڻي وفاق کان به مدد شروع ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اسان جي ڪوششن کي فوٽو سيشن سمجهيو وڃي ٿو ته ڪو مسئلو ناهي پر اسان عوام جي مدد لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته شهرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، وڏي وزير چيو ته ٻين شهرن جيان سکر ۾ پڻ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. پاڻي روڊن تي بيٺل آهي، جنهن ڪري عوام کي ڏکيائي ٿي رهي آهي، تنهنڪري پاڻيءَ جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير ڊي سي سکر کي هدايت ڪئي ته مختيارڪار ذريعي نقصانن جي ڊيٽا تيار ڪئي وڃي. هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هر ضلعي مان هڪ آفيسر موڪلي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي. جيڪي آفيسر ڪم نٿا ڪن انهن کي گهر موڪليو وڃي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته برساتن ۾ مري ويل جانورن جا تفصيل گڏ ڪيا وڃن.
هڪ حوالي سان هيءَ سٺو عمل آهي پر اهو اڻپورو لڳي ٿو. ان حوالي سان نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽيءَ کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي حڪومت آفت واري گهڙيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان نه ڪيٻائي. هيءَ رڳو ڪنهن هڪ صوبي جو معاملو ناهي پر پوري ملڪ جو مسئلو آهي. تنهنڪري برسات متاثرن جي واهر وڏي پئماني ۽ هر سطح تي ٿيڻ گهرجي. ان کان سواءِ وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ دنيا جي سفيرن کي گڏ ڪري انهن کي هاڻوڪي صورتحال کان آگاهه ڪري ته جيئن اهي سمورا ملڪ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن وفاقي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳيان اچي. سنڌ ۾ سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو آهي. برسات سبب ٿيل نقصان جو پورائو ايترو جلدي ممڪن ڪونهي.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت سڀ کان اهم ترين ترجيح برسات متاثرن کي ڏيڻ گهرجي. جيڪي حڪومت جي آسري ويٺا آهن. سياسي اختلافن کي وساري هر سطح تي برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ بنهه گهڻو ضروري آهي. جيڪڏهن برسات متاثرن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو ويو ته ان کان به گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته برساتن جو هاڻوڪو سلسلو اڃا به ڪجهه ڏينهن جاري رهڻو آهي.