پاڪستان

سياست ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو نه ته پهريان خوبصورت هوندي هئس: زرتاج گل

ڪراچي: ماحوليات جي اڳوڻي وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ماضيءَ ۾ سندس مڙس خوبصورت هوندو هو ۽ هو پاڻ به خوبصورت هوندي هئي پر سياست سندن ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي جي هڪ پراڻي انٽرويو جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ زرتاج گل پنهنجي ذاتي زندگي بابت کلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. انٽرويو ۾ هن چيو آهي ته ماضيءَ ۾ سندس علائقي ڊيره غازي خان مان ملڪ جا صدر ۽ وزيراعظم چونڊجندا هئا پر سندس علائقي جي حالت ان لاءِ اڻسڌريل رهي آهي جو سڀ چونڊيل نمائندا لاهور ۽ اسلام آباد وڃي رهندا آهن جڏهن ته سندس گهر رڳو ڊي جي خان ۾ ئي آهي. هن ڳالهه جاري رکندي چيو آهي ته جيئن سندس پيءُ خوبصورت آهي اهڙي طرح ماضي ۾ سندس مڙس به خوبصورت نظر ايندو هو ۽ هوءَ پاڻ به ڪنهن دور ۾ خوبصورت هوندي هئي پر سياست سندن ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button