اسلام آبادپاڪستان

ڪوشش ڪنداسين ته ضمانت رد ٿيڻ تي عمران کي گرفتار ڪيو وڃي: گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته عمران خان جي ضمانت واري درخواست خارج ٿي وڃي ته کيس انهي وقت عدالت مان گرفتار ڪيو وڃي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ عمران خان کي ملندڙ راهداري ضمانت تي ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ اڃا به سولو ٿي ويو آهي، سندس خلاف داخل دهشتگردي جي معاملي ۾ وڌيڪ ڪنهن ثبوت جي ضرورت ناهي، هن جي بيانن ۽ لفظن جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ عمران خان پاڻ شاهد ۽ پاڻ ثبوت آهي. وفاقي گھرو وزير جو چوڻ هو ته هاڻ جڏهن عمران خان عدالت ۾ ضمانت ڪرائيندو ۽ اسان کي نوٽيس جاري ٿيندا ته ڪوشش ڪنداسين ته عمران خان جي ضمانت واري درخواست خارج ٿي وڃي ته کيس انهي وقت عدالت مان گرفتار ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جج خلاف توهين جوڳو ڳالهايو ۽ ڌمڪيون ڏنيون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به سندس ڌمڪين کي ڏوهه طور تسليم ڪندي پاڻمرادو نوٽيس ورتو، هاڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ڪارروائي جي شروعات ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button