پاڪستانسنڌ

سياسي ڊرامي بازي بدران ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي وڃي:بلاول ڀٽو

حيدرآباد :پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو قوم تي زور ڀريو آهي ته هو هر روز سياسي ڊرامي بازي بدران سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ کي اوليت ڏني وڃي ڇو ته موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته برساتن جي تباهي جو سلسلو اڃا ختم ناهي ٿيو. قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ غيرمعمولي تيز برسات پوڻ کانپوءِ گهڻي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ اهم روڊ ۽ مکيه شاهراهن کي پاڻي کان بچائڻ لاءِ روڊن جي ٻنهي پاسن کان بند تعمير ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڊي سي آفيس قمبر ۾ برسات کانپوءِ ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير امتياز شيخ، ناصر شاهه، مڪيش چاولا، بحالي بابت صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، ضلعي جي چونڊيل نمائندن نادر خان مگسي، سردار خان چانڊيو ۽ ٻين، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ چيئرمين چيو ته هن پنهنجي دوري جي شروعات نئوديرو، رتوديرو، شهداد ڪوٽ، بهرام، قمبر ۽ نصيرآباد کان ڪئي. هن چيو ته مون ڏٺو آهي ته لاڙڪاڻي شهدادڪوٽ جا روڊ جيڪي ٻن ضلعن جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کي ڳنڍيندا آهن اهي برساتي پاڻي سبب دٻجي رهيا آهن ۽ وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته پاڻي جي تيز وهڪري کي روڪڻ لاءِ اهم شاهراهن سان گڏ مٽي جا بند ٺاهيا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير چيف انجنيئر ايريگيشن کي هدايت ڪئي ته هو صورتحال جو جائزو وٺي ۽ برساتي پاڻي ذريعي روڊن جي اوور ٽاپنگ ۽ سوراخن کي روڪڻ لاءِ مشينري جو بندوبست ڪري. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ 7 تعلقا آهن ۽ ضلعي ۾ جولاءِ کان آگسٽ تائين 2372 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، نتيجي ۾ گهر ڊهي وڃڻ جي مختلف واقعن ۾ 34 ڄڻا فوت ۽ 461 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اٽڪل 900000 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان 30000 بي گهر ۽ 800 چوپايو مال مري ويا آهن. ابتدائي سروي موجب 26600 پڪا ۽ ڪچا گهر مڪمل ۽ جزوي طور تباهه ٿيا آهن تنهنڪري 37500 متاثر ماڻهن جي رهائش لاءِ 190 امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. پي ڊي ايم اي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته ضلعي کي 4500 راشن بيگز، 4540 خيما، 4800 مڇرداڻيون، 400 هنڌ بسترا، 700 ڪچن سيٽ، 10 واٽر پيوريفائر فراهم ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته 60000 خيما، 25000 مچرداڻيون، 100000 راشن بيگز، 3000 ڪچن بيگز، 2500 ترپال جون چادرون، 30 پاڻي صاف ڪرڻ واريون مشينون، 6 پمپ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته وڌيڪ خيما خريد ڪري سگهون پر اهي دستياب ناهن تنهنڪري مون وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته صوبي جي وڌندڙ ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1 لک خيمن جو بندوبست ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته هن مختلف رليف ڪيمپن جو دورو ڪيو جتي هن ڏٺو ته عورتون گهرن ۽ چوپائي مال وڃائڻ کانپوءِ ڏکائيل آهن. هن چيو ته اسان کي شفقت ۽ احترام سان انهن جو خيال رکڻو پوندو. جڏهن متاثر خاندان واپس پنهنجن گهرن ڏانهن ويندا تڏهن هوءَ مطمئن ٿيندا. چيئرمين وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سنڌ حڪومت لاءِ عوام جو تحفظ ۽ انهن جي بحالي پارٽي لاءِ وڏو چئلينج آهي. قمبر شهدادڪوٽ کان ويندي ٺٽو ۽ ڪراچي تائين سڄي سنڌ پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، هن ڀيري برسات سبب 2010 ۽ 2012 واري مھاٻوڏ کان وڌيڪ نقصان ڪيو آهي، ان لاءِ سنڌ جي وڏي وزير، وفاقي حڪومت کان علاوه عالمي دنيا جي ملڪن کان فنڊ وٺي سنڌ جي عوام جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. هن علائقي جي چونڊيل ماڻهن تي زور ڀريو ته هو گڏجي ڪم ڪن ۽ عوام جي خدمت ڪن. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهھ سجاول جوڻيجو ۾ برسات متاثرن کان حال احوال وٺڻ بنا سجاول جوڻيجو شھر مان ڪراس ڪري شھدادڪوٽ طرف روانو ٿي ويو، ڀنڊ نيشنل ھاء وي تي ويٺل برسات متاثرن ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل رھي. متاثرن سندس آمد جي موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جن کي پوليس لٺيون هڻي ڊوڙائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button