پاڪستان

پاڪ فوج خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن جو پتو لڳايو ويو

اسلام آباد: پاڪ فوج خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائيندڙ ايڪٽوسٽس ۽ سندن سربراهه جو پتو لڳايو ويو آهي. لسٻيلا هيليڪاپٽر جي جاچ رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوج خلاف مهم هلائيندڙ 178 اڪائونٽن جو واسطو پي ٽي آءِ سان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي بعد سوشل ميڊيا مهم دوران ڪل 580 اڪائونٽن ذريعي 2 هزار 350 پوسٽون ڪيون ويون، جنهن ۾ 18 ڀارتي اڪائونٽ پڻ شامل هئا. رپورٽ موجب شهيدن ۽ پاڪ فوج خلاف مهم هلائيندڙن تي پيڪا ۽ پاڪستان پئنل ڪوڊ تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا جڏهن ته ملوث جوابدارن کان پڇا ڳاڇا بعد سندن هينڊلرز ۽ ماسٽر مائينڊز تائين پهتو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button