سنڌ ڄڻ ته سسئي آهي ۽ پاڪستان اهو پاڙو، جنهن کي ڪا پروڙ ئي ناهي ته رنج ۽ اهنج سبب سنڌ جون روڄ راڙي ۾ راتيون ڪيئن ٿيون گذرن؟
وفاق کي پنهنجي ان روش تي ڪجهه ته سوچڻ گهرجي. ڪجهه ته محسوس ڪرڻ گهرجي. ڪيئن چيو ويندو هو ته “هي ملڪ هڪ جسم آهي ۽ ان جا چار صوبا سندس چار عضوا آهن. هڪ عضوي کي ڪا تڪليف ايندي ته پورو جسم سور محسوس ڪندو” ڪٿي آهي اهو سور؟ سنڌ برساتي لهرن ۾ لڙهي رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن جا جهڳا جهڻ ٿي ويا آهن. انهن جي جياپي جو سمورو سامان پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو آهي. انهن جا پيارا ڇتين ۽ ڀتين هيٺان دٻجي مري ويا آهن. سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو بي گهر ۽ بي سهارا آهن. انهن وٽ صرف ۽ صرف لڙڪ آهن. جڏهن ته وفاق جو رويو، ان لوڻ جهڙو آهي، جيڪو ڦٽن کي وڌيڪ چڪائيندو ۽ وڌيڪ سور ڏيندو رهي ٿو. ڇا اهي رويا وسري ويندا؟ چوندا آهن زخم ڀرجي ويندا آهن پر ويڻ نه وسرندا آهن. هن وقت سنڌ جي مقدر ۾ صرف لوڻ جهڙا ويڻ آهن. وفاق جي روين جا ويڻ. اهي ويڻ وڍن کي وڌيڪ اذيت ڏين ٿا.
ڇا وفاق جي مجموعي رويي مان اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته ڄڻ اها برساتي ٻوڏ ڪنهن ٻي هنڌ آئي هجي. ڄڻ ته ان جو هن ملڪ سان ڪو واسطو ئي نه هجي. ڄڻ ته آمريڪا يا برازيل يا چليءَ ۾ ڪا قوم برساتي سيلاب سبب متاثر ٿي هجي. جيڪڏهن پاڪستان جي ڪرتن ڌرتن کي اهو احساس هجي ها ته هن مهل پورو ملڪ ٻري اٿي ها. ڇو ته جيترو نقصان ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي، ان جو هن مهل تائين اندازو لڳائڻ به مشڪل آهي. جڏهن ته هن وقت به انهن سٽن لکڻ مهل به سنڌ جي آسمان تي ڪڪر ڪيهون ڪري رهيا آهن ۽ وڄون وسڻ جا ويس پائي بيٺل آهن. گهر مسلسل مسمار ٿي رهيا آهن. هڪڙو پاڻي نڪري نه ٿو ته ٻيو پاڻي پهچي ٿو وڃي. ڇا ٿيندو؟ سنڌ واسين کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
سنڌ جي اسيمبليءَ جو اسپيڪر صاحب فرمائي ٿو ته اها اعمالن جي شامت آهي. هن ان سلسلي ۾ اها وضاحت ڪرڻ گوارا نه ڪئي آهي ته ڪهڙن اعمالن جي شامت؟ ڇا سنڌ جي ماڻهن کي ان ڏوهه جي سز ملي رهي آهي ته هن سالن کان وٺي حڪمران پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي. هڪ طرح سان ته واقعي به اهو لڳي رهيو آهي ته اهوئي ڏوهه آهي، جنهن جي سنڌ کي سزا ملي رهي آهي. ڇو ته سنڌ حڪومت پنهنجن ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ تر جيتري به سوڀ حاصل ڪري نه سگهي آهي. ان کان سواءِ هن مهل جيڪو به نقصان ٿيو آهي، اهو نقصان به سنڌ سرڪار جي کاتي ۾ لکجي ويو آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته جيڪڏهن گذريل 14 سالن ۾ سنڌ حڪومت شهرن ۽ ڳوٺن جي نڪاسيءَ جو نظام بهتر بڻائي ها ته هن مهل جيترو نقصان ٿيو آهي، ان جو ستر سيڪڙو بچي وڃي ها. پر سنڌ حڪومت جا سياسي سرواڻ اسلام آباد ۾ سياسي گيم کيڏڻ ۾ مصروف رهيا. انهن کي ان مهل به پنهنجي ڌرتيءَ جو احساس نه ٿيو، جڏهن مينهن وسي رهيا هئا. هن مهل به ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌ سرڪار مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي رهي آهي. سنڌ سرڪار ۽ ان جا ڪامورا متاثر ماڻهن سامهون بيهڻ جي جرئت ڪري نه ٿا سگهن. انهن ۾ هڪ طرح جو خوف آهي. ڇو ته انهن وٽ ماڻهن کي ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه ڪونهي. سنڌ سرڪار وٽ ته متاثر ماڻهن جي سوالن جا جواب به ناهن. جڏهن حڪومت جو اهو حال هجي ته اهڙي صورت ۾ ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟
هڪ طرف وفاق جا اجنبي آثار آهن ۽ ٻي پاسي اسان جي سرڪار جا پرڪار آهن. ان لاءِ لطيف لکيو آهي:
“ڳورا ٻيئي پار، هيئون حيرت ۾ پيو”
سنڌ ٻن ڳورن پارن جي وچ ۾ سهڻيءَ وانگر لهرن ۾ لڙهي رهي آهي. ان حال ۾ به ڪرپٽ ڪامورا ۽ وڏيرا متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ بدران انهن جي امدادي سامان کي ائين چڪ ٿا پائن، جيئن:
“ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسيءَ کي سيسار”
سنڌ سرڪار جيڪو رليف فنڊ قائم ڪيو آهي، اهو روايتي ناهي. سنڌ سرڪار جا ٽپڙ پورا آهن. انهن وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو سهارو ناهي ته ڪٿان امداد اچي ته ماڻهن جي مدد ڪجي. پر سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ سرڪار جي اهڙي ساک آهي جو مخير ماڻهو ان جي مدد لاءِ اڳتي اچن؟ سنڌ سرڪار مٿان ڪرپشن جي جيڪا تهمت لڳل آهي، ان جي هوندي ڪير انهن جي مدد ڪندو؟ ان صورت ۾ سنڌ حڪومت وٽ صرف ۽ صرف هڪ دروازو باقي بچي ٿو ۽ اهو آهي وفاق جو! جيتوڻيڪ وفاق پاڻ معاشي بحران جو شڪار آهي پر ان کي مدد ته ڪرڻي پوندي. جڏهن ته هن مهل تائين وفاق اکيون چورائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو ڪري. پاڪستان جي وفاق کان پڇڻ جي ضرورت آهي ته ڇا اکيون چورائڻ سان منظر مٽجي ويندو؟ ڇا سنڌ جي وسندين ۽ سنڌي ماڻهن جي اکين جو پاڻي سڪي ويندو؟ اهو ڪڏهن نه ٿيندو. وفاق کي پنهنجن سمورن وسيلن سان اڳتي اچڻو ئي پوندو. ڇو ته سنڌ سرڪار هن بحران کي منهن ڏيڻ جي سگهه نه ٿي ساري سگهي. هي آفت تمام وڏي آهي. سنڌ حڪومت وٽ طاقت ته ڇا پر هيڏي وڏي الميي کي منهن ڏيڻ جي همت به ناهي.
اها تمام افسوسناڪ ڳالهه آهي ته وفاق حڪومت جي مٿان هن مهل به صرف ۽ صرف عمران خان جي ڀوَ جو ڀوت لامارا ڏئي رهيو آهي. وفاقي حڪومت جو ڌيان فقط تحريڪ انصاف کي پريشان ڪرڻ ۾ رڌل آهي. هي ڪيس نه ته هو ڪيس! وفاقي حڪومت سنڌ جي ڪيس تي ڪڏهن غور فرمائيندي؟ ان کان سواءِ هن ملڪ جي پاپولر ۽ متحرڪ پارٽي يعني تحريڪ انصاف به صرف اقتدار جي حوص ۾ مبتلا آهي. ان لاءِ اقتدار کان سواءِ ٻيو ڪو اشو ناهي. ان جو سرواڻ عمران خان سنڌ جي سلسلي ۾ ٻڙڪ ٻاڦڻ لاءِ به تيار ناهي. ڇا محب وطني اها هوندي آهي؟ ڇا سنڌ پاڪستان جي وجود جو حصو ناهي؟ جيڪڏهن آهي ته ان جو عملي ثبوت پيش ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ عمران خان مڪمل طور تي اپوزيشن ناهي. هو وفاقي سطح تي ڀلي مخالف ڌر هجي پر پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ هن جي حڪومت آهي. ڪي پي ڪي به گهٽ ڪونهي ۽ پنجاب معنيٰ منو پاڪستان! ڇا عمران خان جي مٿان اهو فرض عائد نه ٿو ٿئي ته هو اڳتي اچي ۽ سنڌ ۾ برسات سٽيلن جي مدد ڪري؟ ڇا هن جو ڪم صرف ۽ صرف راڳن ۽ رقصن سان ڀرپور جلسا ڪرڻ آهي؟
وفاق سنڌ کان صرف ۽ صرف وٺڻ سکيو آهي. وفاق سنڌ کي سورن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏنو آهي. هن مهل سنڌ مٿان مشڪل گهڙي آهي. جيڪڏهن هن وقت به وفاق جو رويو اهڙو هوندو ته ان جا اثر سنڌ جي ماڻهن جي دلين تي ڪهڙا پوندا؟ وفاق کي پاڻ اهو احساس هجڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن سنڌ جي سلسلي ۾ وفاق کان گهر ٿي رهي آهي ته اهو ڪو پنڻ ناهي ۽ نه وفاق سنڌ کي ڪا خيرات ڏيندو. سنڌ مني صديءَ کان وٺي پنهنجن وسيلن سان پاڪستان کي پالي رهي آهي ۽ هاڻي جڏهن فرض ادا ڪرڻ جو پل آيو آهي ته پاڪستان جو وفاق پنهنجا ڪلها لوڏي پرين واٽ وٺي نه ٿو سگهي. اها نه صرف سنگدلي آهي پر سراسر ڌانڌلي آهي.
سنڌ سرڪار لاءِ وفاق خلاف واويلا جو وجهه تڏهن هوندو آهي، جڏهن پيپلز پارٽي وفاقي سطح تي مخالف ڌر ۾ هوندي آهي. جڏهن پيپلز پارٽي وفاق ۾ اقتدار وٺندي آهي ته پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن جي حق گهرڻ جي سلسلي ۾ به سنڌ سرڪار جا چپ ايئن سبجي ويندا آهن، جيئن هاڻي سبيل آهي. هن سيد مراد شاهه کي احتجاج ڪرڻ گهرجي. هن مهل سنڌ جي جائز مدد ڪرڻ لاءِ احتجاج جو سنڌ سرڪار کي صرف حق ناهي پر اهو سنڌ سرڪار جو فرض آهي ته پنهنجن ٽڪي جي سياسي مفادن لاءِ پنهنجن ماڻهن کي عذاب ۾ ڏسي به ماٺ رهي. سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي ۽ وزير اعظم شهباز شريف جي بي پرواهيءَ تي سخت تنقيد ڪرڻ گهرجي ته هو سنڌ کي هن حال ۾ ڇڏي عرب ملڪن جا دورا ڪهڙي اخلاقي حيثيت ۾ ڪري رهيو آهي. هن وقت تائين سنڌ جي صورتحال تي وفاقي حڪومت پنهنجي ڪابينا جو اجلاس به نه گهرايو آهي. ڇا اهو رويو قابل مذمت ناهي؟ سنڌ سان وفاق جو اهو سلوڪ نئون ناهي پر هن وقت صورتحال تمام ڀيانڪ آهي. اهو وفاق جي حق ۾ آهي ته سنڌ طرف سري اچي ۽ سنڌ جي مدد ڪري. جيڪڏهن هن مشڪل مهل ۾ وفاق سنڌ جي سار نه لڌي ته اهو وڍ ڪڏهن نه وسرندو.