اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي شرح 45 ڏهائي 28 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

اسلام آباد : ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتيوار شرح 45 ڏهائي 28 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. ڳڻپ واري کاتي هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب هڪ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 1 ڏهائي 83 سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي ۾ 23 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، ٽماٽا 47 رپيا 42 پئسا، بصر 35 رپيا 6 پئسا مهانگا ٿيا. ڳڻپ کاتي موجب پٽاٽا 3 رپيا 88 پئسا في ڪلو، بيضا 7 رپيا 25 پئسا في درجن، ٿوم 7 رپيا 43 پئسا، ماش جي دال 4 رپيا 10 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته چڻن جي دال، ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر، چانور، ڳائو، ٻاڪرو گوشت، اٽو به مهانگو ٿيو. ڳڻپ کاتي موجب هڪ هفتي ۾ 21 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button