اسلام آبادپاڪستان

عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ عمران کي شوڪاز نوٽيس اماڻيو ويو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڏانهن توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس اُماڻي ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪائڻ تي توهين عدالت واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي شوڪاز جاري ڪيو هو. ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس مان جاري ڪيل شوڪاز نوٽس عمران خان جي رهائش گاهه تي موڪليو ويو آهي. شوڪاز نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان عورت جج بابت توهين ۽ ڌمڪي جوڳي تقرير ڪئي. نوٽيس جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمران خان توهين ۽ ڌمڪي جوڳي تقرير پنهنجي مرضي جا فيصلا وٺڻ لاءِ ڪئي. هن تقرير ذريعي انصاف جي رستي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. عمران خان 31 هين آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌائي ته ڇو نه سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button