جيڪڏهن برسات سبب آيل تباهيءَ کي حڪومت سنجيدگيءَ سان نه ڏسي رهي آهي ته پوءِ حڪومت کي ان تباهيءَ کان بي خبر آهي، جيڪا ايندڙ وقت ۾ اچڻي آهي. هاڻوڪيون برساتون ملڪي تاريخ جون سڀ کان وڌيڪ تباهي آڻيندڙ برساتون ليکيون پيون وڃن، جن جي ڪري نه رڳو ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن پر انهن جو ايترو نقصان ٿي چڪو آهي جو ان جو ازالو ڪرڻ مشڪل لڳي رهيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لاڳيتو برسات وسندي رهي پر وفاقي حڪومت کي دير سان هوش آيو ۽ پوءِ برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر تيستائين گهڻي دير ٿي وئي هئي. اهڙي ريت برساتن جو هيءَ سلسلو ايندڙ وقت ۾ به جاري رهڻ جا امڪان آهن. موسمياتي ماهر هاڻوڪين برساتن سبب حيران آهن. جن ماضي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. سنڌ هاڻوڪين برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، جنهن جي معيشت مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي.
هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڇهن ڏهاڪن جون سڀ کان وڌيڪ مون سون برسات دوران 1961ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. معمول کان وڌيڪ برساتن جي اها شرح سنڌ ۾ 533 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 466 سيڪڙو وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي پاران جيڪي انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، انهن اختيارين کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ماحوليات جا ماهر به انهن انگن اکرن جي بنياد تي چتاءُ جاري ڪري رهيا آهن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ جولاءِ ۾ مون سون موسم جي شروعات کان هيستائين 680 ڏهائي 5 ملي ميٽر برسات ٿي چڪي آهي. اهو معمول 522 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته تناسب ۽ طئي ڪيل معيار موجب سنڌ ۾ عام طور تي مون سون جي موسم ۾ 109 ڏهائي 5 ملي ميٽر برسات وسندي آهي. بلوچستان ۾ مون سون جي هر موسم ۾ سراسري 50 ملي ميٽر برسات ٿيندي آهي پر ان مان هيستائين 28 ڏهائي 4 ملي ميٽر يعني 469 سيڪڙو کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. 1994ع ۾ سنڌ ۾ 503 ڏهائي 6 ملي ميٽر برسات وسي هئي جيڪا ماحولياتي ۽ موسمياتي ماڊيولز جي بنياد تي ان وقت جي تناسب موجب معمول کان 376 سيڪڙو وڌيڪ هئي. انهيءَ سال بلوچستان ۾ 173 مي ميٽر برسات وسي هئي، جيڪا اتان جي معمول موجب 52 سڪڙو وڌيڪ هئي. ملڪ جي ٻين حصن ۾ به هلندڙ سال اها ئي صورتحال نظر آئي، موسميات کاتي جي انگن اکرن موجب گلگت بلتستان ۾ هيستائين ٻن مهينن ۾ 50 ڌهائي 3 ملي ميٽر برسات وسي آهي، جيڪا معمول کان 99 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ پنجاب ۾ 349 ملي ميٽر برسات وسي آهي، جيڪا مون سون ۾ ٿيندڙ معمول جي برسات کان 90 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڪي پي ڪي ۾ معمول کان 32 سيڪڙو وڌيڪ برسات وسي آهي، جتي 257 ڏهائي 4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
برساتن سبب گهڻو ڪري اهي ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جيڪي پاڻيءَ جي وهڪرن جي ويجهو هئا يا انهن پاڻيءَ جي وهڪرن اندر پنهنجا گهر ۽ ڳوٺ اڏي ڇڏيا هئا. پر جڏهن برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو آهي ته پاڻي بنا ڪنهن فرق جي سڀني کي ٻوڙيندو آهي. هاڻوڪين برساتن ۾ به ائين ٿيو آهي. ان ڪري حڪومت کي هر سطح تي برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ جي ضرور آهي. ان لاءِ هڪ ته درياهن اندر جيڪي بند آهن، انهن کي ختم ڪيو وڃي ۽ جيڪي ٻاهريان بند آهن، انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. ان کان سواءِ پاڻي جي وهڪرن تي جيڪي به قبضا پوري ملڪي سطح تي آهن، انهن کي هر حال ۾ ختم ڪرايو وڃي. ان لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڏني وڃي. برسات کان پوءِ بحالي واري ڪم ۾ جن ماڻهن جا ڳوٺ تباهه ٿيا آهن. انهن کي نوان ڳوٺ اڏي ڏنا وڃن، جتي پاڻي، اسڪول صحت مرڪز ۽ بجلي جون سهولتون هجن. ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ رستا هجن ۽ انهن جو زميني رابطو بحال رهي. حڪومت لاءِ هو ڪم مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. تنهنڪري ان تي عمل ڪرڻ لاءِ هينئر کان ئي ڪوششون ڪيون وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ وڏو انساني الميو آهي، پر آفتن جي صورت ۾ ڪنهن به ريت عوام کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي. شهري سطح تي درياهه جي پيٽ ۾ جيڪي به رهائشي اسڪيمون آهن، انهن کي ترت ختم ڪيو وڃي ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به بلڊر کي اها اجازت نه ڏني وڃي ته اهو درياهه يا پاڻيءَ جي ڪنهن به وهڪري ۾ رهائشي اسڪيمون اڏي سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت برسات متاثرن جي تڪڙي بحاليءَ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏي.