ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات: حڪمرانن جا گناهه عوام جي کاتي ۾

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني هاڻوڪين برساتن جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته برساتون رب طرفان آيل عذاب آهي. ماڻهن گناهه ڪيا آهن، ان ڪري برساتون انهن جي گناهن جي سزا آهي. پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ پاران اهڙو غيرذميواراڻو بيان ڪا اچرج جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ کي عوام جو ووٽ کپي پر عوام جي گهرج ڪانهي. پاءُ اٽو کائيندڙ هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته سنڌ ڪيئن ٻڏندي رهي آهي ۽ هاڻ به سنڌ ڪيئن ٻڏي آهي. جتي ناقص انفرااسٽرڪچر هجي، جتي پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن جا لنگهه قبضا ڪري بند ڪيا ويا هجن ۽ جتي وڏيرا پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ڳوٺن ۽ شهرن کي ٻوڙڻ لاءِ تيار هجن، اتي آغا سراج دراني يا پيپلز پارٽيءَ جو ڪوبه اڳواڻ اهڙو بيان ڏئي ته ان تي حيرت نه ٿيڻ گهرجي.
گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ لاڳيتون برساتون وسي رهيون آهن ۽ اهي برساتون ججهي مقدار ۾ وسن پيون. جن سان سنڌ جي زرعي معيشت سخت متاثر ٿي آهي. عوام جو جاني توڻي مالي نقصان پڻ گهڻو ٿيندو رهيو آهي. ڇا سنڌ حڪومت اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ڪي اهڙا اپاءَ ورتا آهن. جن وسيلي نقصان کان بچي سگهجي يا وري برسات دوران رسڪ واري عنصر کي گهٽائي سگهجي. جيڪڏهن برسات وسي ۽ اها هڪ آفت جي صورت اختيار ڪري وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي ته حڪومتي مشنيري بهتر نموني ڪم ڪانه پئي ڪري. ان کي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه ناهي ته عوام سان ڇا وهي واپري ٿو ۽ اهو ڪهڙي ريت آفتن کي منهن ڏئي ٿو. دنيا جي هر خطي ۾ برساتون وسن ٿيون. اتي وڏي مقدار ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهي ٿو پر اهي برساتون آفتن ۾ ان ڪري تبديل نٿيون ٿين جو اتان جون حڪومتون برساتن کي منهن ڏيڻ جو بندوبست ڪنديون آهن. حڪومتون پاڻيءَ جي نيڪال جو بندوبست ڪري عوام کي اهو احساس ٿيڻ نه ڏينديون آهن ته برسات انهن لاءِ ڪا مصيبت بڻجي آئي آهي.
دنيا ۾ ماحولياتي تبديليون خطن جي صورتحال کي مٽائي رهيون آهن. يورپ ۾ هن وقت سوڪهڙو هلي رهيو آهي، جڏهن ته ايشيا ۾ برساتن جي ڀرمار لڳي پئي آهي. هاڻوڪي مينهن ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ سنڌ 90 سيڪڙو تباهه ٿي وئي آهي. ماحُولياتي تبديلين کي جيڪڏهن پاڪستان جهڙو ملڪ ڪنهن ليکي ۾ نٿو آڻي ته پوءِ ان لاءِ هن قسم جون تباهيون اڻٽر آهن. ان لاءِ گهربل تياريءَ جي ضرورت هوندي آهي. اهو هڪ پورو مڪينزم آهي، جنهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي پر اسان جي ملڪ ۾ گهڻو زور ان ڳالهه تي آهي ته جديد هٿيار ڪيئن خريد ڪجن. نون نون هٿيارن لاءِ ڪهڙن ملڪن سان معاهدا ڪري پنهنجو دفاعي نظام مضبوط ڪجي ۽ ان کان سواءِ ڪهڙي ريت دشمن ملڪ کي ان ڊپ ۾ رکجي ته جيڪڏهن هن جنگ ۾ اڳرائي ڪئي ته ڪهڙن هٿيارن سان ان تي حملو ڪري سگهجي ٿو. پر ڇا جديد هٿيار رکڻ باوجود اسين عوام کي هاڻوڪي برسات يا ٻوڏ کان بچائي سگهيا آهيون. جڏهن قدرتي آفتون قهر بڻجي وينديون آهن ته ائٽمي هٿيار به محفُوظ نه رهندا آهن. فوڪو شيما جاپان ۾ ڏهاڪو اڳ آيل سوناميءَ ۾ ائٽمي ريئڪٽر به تباهه ٿي ويو هو. ان ڪري جيڪو پئسو دشمن کي ڊيڄارڻ ۽ پاڻ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، اهو عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي. عوام جو دفاع ڪنهن به ريت جديد هٿيارن وسيلي نٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ بهتر سول نظام جي ضرورت هوندي آهي. بهتر اڏاوت جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا هن ملڪ ۾ ڪٿي به نظر نٿي اچي.
ٻيلن جي واڍي کان وٺي درياهه جي ڪچي تائين هر پاسي قبضا ڪيا ويا آهن. درياهه جي پيٽ ۾ رهائشي اسڪيمون ٺاهيون ويون آهن. جڏهن فطرت پنهنجي تي اچي ٿي ته اها پلاند به ڪندي آهي. في الحال ته سنڌ درياهه ۾ گڊو بيراج تائين 5 لک ڪيوسڪ پاڻي آيل آهي. جيڪو سنڌو درياهه لاءِ ڪجهه به ناهي پر جيڪڏهن ان پاڻيءَ جو مقدار وڌي ٿو ۽ وڌيڪ برساتون وسن ٿيون ته ان سان امڪاني تباهي کي روڪڻ ڏکيو ٿي ويندو. 2010 ۽ 2011ع وارين ٻوڏن جي تجربن کان پوءِ ملڪي ادارن ڪجهه ڪونه سکيو آهي. ان ڪري اسان کي هاڻوڪي تباهي نظر ڪانه آئي آهي. آبادگار جن جا فصل هاڻوڪي برسات ۾ لڙهي ويا آهن، انهن جي مالي حالت ته تباهه ٿي وئي آهي پر ان تباهه حال معيشت جا اثر شهري زندگيءَ تي پوڻ شروع ٿي ويا آهن. شهرين لاءِ ڀاڄيون ڪونه هونديون. مهانگائي اڃا وڌي ويندي ۽ عام ماڻهو لاءِ بکون جا ڏينهن انتظار ڪري رهيا آهن.
پيپلز پارٽي هاڻوڪي برسات ۾ جيڪي بهاني بازيون ڪري رهي آهي، ان سان پيپلز پارٽي پنهنجي لاءِ عوامي همدردي وڃائي رهي آهي. ڪالهه هڪ وڊيو ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ ماڻهن ۾ پنجاهه پنجاهه روپيا ورهائي حاتم طائيءَ جي قبر کي لت هڻي رهيو هو. عوام کي جن شين جي ضرورت آهي، اهي پيپلز پارٽي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪو پئسو هاڻي ماڻهن جي بحالي لاءِ خرچ ڪيو ويندو يا خرچ ٿيڻو آهي، ان کان گهٽ پئسو خرچ ڪري سنڌ جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪري ٻوڏ کان بچي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ حددخلين ۽ قبضن کي هٽائڻ لاءِ ڪميشن جوڙي وئي هئي پر ان به ايترو بهتر ڪم نه ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ اهي قبضا به ختم نه ٿيا ۽ نه ئي قدرتي لنگهن کي کوليو ويو.
سنڌ ۾ آيل تباهيءَ کان پوءِ وفاقي حڪومت توڙي ٻين صوبن جو رويو به ٻيائي وارو رهيو آهي. سنڌ ماڻهو پاڻيءَ ۾ ٻڏن پيا، اهي بي گهر ٿي ويا آهن. انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي رهيو پر اردو ميڊيا لاءِ ڄڻ اهو مسئلو ڪا اهميت ئي ڪونه ٿو رکي. ان کي ٻڏل سنڌ ڪيترن ڏينهن تائين نظر ئي ڪانه پئي آئي. ان لاءِ جيڪڏهن ڪا اهم شيءِ آهي ته ڪراچيءَ جي ڪنهن علائقي به وسندڙ برسات يا وري ڪو گٽر نالو جنهن جو پاڻي روڊ تي بيٺل هجي. ان ڪري هن وقت هر لحاظ کان سنڌي ماڻهو ننڌڻڪو لڳو پيو آهي. سو سنڌي عوام کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو.
اڳوڻو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هو ته اسين گاهه کائينداسين پر ايٽم بم ٺاهينداسين. هاڻي اسان وٽ بهترين قسم جا جديد بم آهن، هر قسم جا جنگي هٿيار آهن ۽ هاڻ واقعي عوام گاهه کائي رهيو آهي. جديد دور ۾ تحفظ جا تصور به تبديل ٿي رهيا آهن. آرٽيفيشل انٽليجنس کان پوءِ انساني تحفظ بم وسيلي نٿو ڪري سگهجي پر انساني تحفظ کي ان وقت يقيني بڻائي سگهجي ٿو، جڏهن ان کي قدرتي آفتن کان بچايو وڃي. جڏهن بک کي ختم ڪيو وڃي، جڏهن ان کي گهر ڏنو وڃي ۽ جڏهن ان کي روزگار ڏنو وڃي. ان ڪري في الحال اهو ئي نظر اچي رهيو آهي ته ملڪ جي عوام بدران حڪمرانن جي ترجيحن تي ڪي ٻيا معاملا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button