ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀارت جو هندوتوا نظريو

Wastullah Khan


آهستي آهستي هندوتوا جو نظريو ايناڪونڊا بلا وانگر ڀت سان لڳل 20 سيڪڙو مسلم گهڻائي جي جسماني، سياسي ۽ ثقافتي هڏين کي ڀڃي مارڻ جي ايجنڊا جي گرفت مضبوط ڪندو پيو وڃي. اها ڪوشش نازي جرمني ۾ يهودي اقليت جي خاتمي جي رٿابندي کان وڌيڪ مضبوط آهي. رفتار اها رهي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ خاص طور اوڀر ۽ اولهه هندوستان جا مسلمان پنهنجي ئي ملڪ ۾ دنيا جا سڀ کان وڏا روهنگيا بڻجي ويندا.
هڪ اقليت کي پاتال ۾ اڇلائڻ جو اهو سفر گائور کشڪن تي ٻڌل ڀڳوا پوش ڇوڪرن جي هر ڳوٺ، شهر جي گهٽي ۽ چوڪن ۾ گشت ۽ مسلمانن کي مار ڪٽ ۽ مارڻ جو سلسلو شروع ٿيو. پو ڳئون جو گوشت برآمد ٿيڻ تي ستن سالن جي قيد جي قانون ذريعي ان کي باقاعده شڪل ڏني وئي. ائين گوشت جي ڪاروبار ۽ درآمد توڙي برآمد ٽرانسپورٽيشن سان نسل در نسل واڳيل هزارين خاندانن جو معاشي قتلام جو سلسلو شروع ٿيو. جڏهن ڪووڊ جي پهرين لهر آئي ته ان کي پکيڙڻ جو الزام مسلمانن تي لڳايو ويو. هڪ خاص عرصي کانپو الزام ۾ جڏهن جان نه رهي ته اتر هندوستان ۾ چئني پاسن کان افواهه سرڪار سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا يا پليٽ فارم تان پکيڙيا ويا ته مسلمان دڪاندار ۽ گهورڙيو ڄاڻي واڻي ڪووڊ پکيڙين پيا. تنهنڪري نه ته انهن کان سامان ورتو وڃي ۽ نه ئي پنهنجن پنهنجن پاڙن ۽ سوسائٽين ۾ اچڻ ڏنو وڃي.
لاڪ ڊائون ته هونئن به بنا مذهب، قوم ۽ هر پورهيت طبقي جي زندگي حرام ڪري ڇڏي، پر مسلمانن کي ڪووڊ بهاني ٻٽي مار سهڻي پئي. لاڪ ڊائون جي خاتمي کانپو به مسلمانن جي معاشي جڪڙ ۾ ڪابه ڪمي نه آئي. هونئن به آبادي ۾ 20 سيڪڙو تناسب جي باوجود سرڪاري ۽ نجي ملازمتن ۾ مسلم تناسب ڪڏهن به چار کان ساڍا چار سيڪڙو کان وڌيڪ ناهي رهيو. گذريل ستن سالن ۾ ته اهو تناسب اڃا به تيزي سان گهٽ ٿيو آهي. جيڪي ملازمتون ملن به ٿيون، اهي ننڍڙي درجي جون آهن. ان مان هڪ پاسي ته مسلمانن جي مسلسل تعليمي پسماندگي ۽ سلجهيل ليڊرشپ جي کوٽ هڪ اهم سبب آهي. اهو هر منزل تي لڪيل ۽ ظاهر مذهبي تعصب به لاڳيتو نظر اچي رهيو آهي.
جڏهن انهن لا رستا سوڙها ٿيا ته مسلمان ملازمتن جو خيال ڇڏي ننڍا وڏا ڪاروبار ۽ هنرمندي ڏانهن هليا ويا، ته هندتوا هجوم کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني انهن جا ڪاروبار برباد ڪرڻ لا ڇڏيو ويو. جڏهن اهي بي گهر ٿيا آهن ته انهن کي نئين جا تي آباد ٿيڻ تي به سخت مذهبي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو پوي. ان جو تازو ترين مثال گذريل سال فيبروري ۾ شهريت جي نئين قانون تي احتجاج جي سزا طور دهلي جي مسلمان وسندين ۾ ڪاروبار، عبادتگاهن ۽ گهرن جي تباهي ۽ مارا ماري ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هر نئون فساد مسلمانن کي ڏهه کان ويهه سال پويان ڌڪيو ڇڏي. ميڙ جزا ۽ سزا جي خوف کان بي نياز اقليت مار مهم لا تازو توانو ٿي ويندو آهي.
حڪمت عملي اها آهي ته زوردار حملا مسلسل جاري رکيا وڃن ته جيئن انهن کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو نه ملي. جتي ميڙ پويان رهجي وڃي، اتي قانون جو ڏنڊو استعمال ڪيو وڃي. شهريت جو نئون قانون ۽ لو جهاد روڪ قانون. جڏهن هدف اهو هجي ته هڪ ٽولي کي اڌ انسان سمجهي ان کي عزت ۽ نفس کان محروم ڪري مٽائڻو آهي ته ماحول ۾ ظالم ۽ مظلوم جو تعين يا ان جي باري ۾ بحث اجائي ڳالهه آهي.
ڏيئي وٺي آخري اميد عالمي دٻا رهجي وڃي ٿو. پر عالمي دٻا ننڍن ملڪن تي ته ڪارگر آهي، ڀارت جهڙي وڏي مارڪيٽ جتي لڳ ڀڳ 40 ڪروڙ ماڻهو مڊل ڪلاس آهن، ان جو ڳاڻيٽو دنيا جي 20 وڏين معيشتن ۾ ٿئي ٿو. ڀارت نار وارين رياستن جي تيل جي پنج وڏين منڊين ۾ ڳڻجي ٿو ۽ جنهن جي افرادي قوت انهن رياستن جي روزمرهه زندگي جي ڪرنگهي واري هڏي آهي.
اولهه کي چين خلاف اٿارڻ لا جيڪا طاقت گهربل آهي، ۽ جيڪو سڀ کان وڌيڪ هٿيار خريد ڪندڙ ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي. اهڙي ملڪ جي باري ۾ جيڪڏهن سوچيو وڃي ته ڪشمير ۽ ڀارتي مسلمانن جي آجپي لا ڪابه وڏي طاقت امير ملڪ يا اتحاد يا وري عالمي ادارو به پورو دٻا وجهڻ چاهيندو يا ويجهي مستقبل ۾ دٻا وجهڻ جي پوزيشن ۾ هوندو ته اها سوچ ئي احمقن جي جنت ۾ رهڻ برابر آهي.
هندتوا قوتن کي عالمي اخلاقي ڪمزوري ۽ پنهنجي سوديبازي جي قوت جو چڱي ريت احساس آهي. تنهنڪري گذريل ستن سالن ۾ ڀارت ۾ ان تناظر ۾ جن جن پاليسين تي عمل ڪيو پيو وڃي، انهن مان ڪا هڪ پاليسي به واپس وٺڻ ته پري جي ڳالهه ان تي هڪ ڏينهن لا به عمل درآمد ناهي روڪيو ويو ۽ هي معاملو رڳو مسلمانن جي مجموعي گهيرا تائين محدود ڪونهي.
ڀارتي هارين جي تحريڪ ۽ زراعت کي ڪارپوريٽ سرمائيداري جي ڄار مان بچائڻ لا گذريل ڏيڍ سال کان يوپي، هرياڻا ۽ پنجاب جا هاري روڊن تي ڌرڻو هڻي رهيا آهن. سوين احتجاجي جلسا ٿي چڪا آهن ۽ ٿين پيا. ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن، تازن حادثن ۾ حڪمران جماعت جي هڪ وزير جي پٽ ڪئين هارين کي پنهنجي جيپ واري قافلي سان چيڀاٽي ڇڏيو. مجال آهي جو مرڪزي حڪومت جي ڪن تي جون سُري هجي. جڏهن ته انهن مان گهڻا هاري اهي آهن، جن ٻه ڀيرا عام چونڊن ۾ بي جي پي کي ووٽ ڏنو. جيڪا حڪومت پنهنجن ووٽرن جي مفادن کي به پنهنجي ايجنڊا جي سربلندي لا بلڊوز ڪري سگهي ٿي. انهي آڏو مسلمان ڇا آهن؟
اها مخالف ڌر جي بي عملي آهي، ان جي آڏو اهو ووٽ بينڪ آهي، جيڪو ست سال اڳ ئي هن کان ڦرجي ويو هو. هاڻي ان جو خيال آهي ته جيڪڏهن اها اخلاقي بنيادن تي ڪن موضوعن تي سياست ڪندي ته رهيو کهيو ووٽ به هليو ويندو. ان کانسوا پاڻ ۾ شخصي اختلاف ۽ پارٽين جي اندروني ٽوڙ ڦوڙ به هندوتوا ايجنڊا لا من و سلوا کان گهٽ ناهي.
ڪووڊ ۽ لاڪ ڊائون سبب پيدا ٿيندڙ انساني الميو به بي جي پي جي ووٽ بينڪ ۾ ڏار نه وجهي سگهيو ته ٽڙ پکڙ ٿيل مخالف ڌر جيڪا هندوتوا جي مقابلي ۾ ڪنهن متبادل بيانيي کان به محروم آهي. بي جي پي جي نظرياتي ديوار ۾ ڪهڙو ڏار وجهندي.
مسلم گهيري جي حڪمت عملي ۾ تازو هٿيار اردو جو گهيرا آهي. يعني سياست ۽ معيشت مان نڪرڻ کانپو مسلمانن کي ڀارت جي ثقافتي دائري ۾ به اڇوت بڻايو وڃي. ان باري ۾ ايندڙ مضمون ۾ لکنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button