پاڪستانسنڌ

سنڌ جي سمورن سرڪاري ڪاليجن جي شاگردن کان 6 سالن بعد فيس وٺڻ جي تجويز

ڪراچي: سنڌ ۾ سرڪاري ڪاليج جي شاگردن کان 6 سالن کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر فيس وصول ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سنڌ ۾ مفت ۽ لازمي تعليم جو ڊراپ سين ٿيندو پيو وڃي ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز ايند بورڊز ڊاڪٽر منصور عباس سنڌ جي سرڪاري ڪاليجن جي لکين شاگردن کان 6 سالن کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر انرولمينٽ ۽ امتحاني فيس وٺڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي ۽ هن تجويز تي ڪم به شروع ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته في الحال تعليمي بورڊ کي هلندڙ مهيني سال جي 50 سيڪڙو گرانٽ هڪ ارب روپيا بنا دير جاري ڪرڻ جي سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي.

واضح رهي ته اٽڪل 6 سال اڳ سنڌ حڪومت تعليمي بورڊز کي سرڪاري تعليمي ادارن جي ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن کان انرولمينٽ ۽ امتحاني فيس وٺڻ کان انهي ڪري روڪي ڇڏيو هو ته صوبي ۾ لازمي ۽ مفت تعليم جي قانون تي عمل ڪري سگهجي.

هي قانون سنڌ اسيمبلي منظور ڪيو هو، جنهن کانپوءِ بورڊز کي چيو ويو هو ته اها فيس سنڌ حڪومت پاڻ بورڊ کي ڏيندي. جڏهن ته ٽن سالن کان فيس عيوض رقم نه وٺڻ تي تعليمي بورڊ سخت مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي پگهارون ڏيڻ لاءِ به پئسا نه آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button