پاڪستانسنڌ

سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ تجوري هائيٽس کي ڊاهڻ لاءِ 4 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمين تي اڏيل تجوري هائيٽس کي ڊاهڻ لاءِ 4 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ تجوري هائيٽس بابت ڪيس تي شنوائي دوران بلڊر جو وڪيل رضا رباني پيش ٿيو.

چيف جسٽس گلزار احمد وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته تجوري هائيٽس ڊاهڻ لاءِ 2 هفتن جي مهلت ڏيون ٿا، جنهن تي رضا رباني چيو ته 2 هفتن جو وقت تمام گهٽ آهي.

عدالت وڪيل جي استدعا تي تجوري هائيٽس کي ڊاهڻ لاءِ 4 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي آھي، عدالت طرفان متاثرن کي ٽن مهينن ۾ پئسا واپس ڪرڻ جو حڪم به ڏنو ويو آھي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪمشنر ڪراچي عمارت ڊاهڻ واري عمل جي نگراني ڪري، سمورو رڪارڊ درخواستگذار حوالي ڪري ايندڙ شنوائي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button