پاڪستانسنڌ

قوم عمران کان پراڻي پاڪستان جي واپسي چاهي ٿي: پ پ اڳواڻ شازيه مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته قوم عمران خان کان پراڻي پاڪستان جي واپسي چاهي ٿي ۽ عمران نيازي جي تباهي سرڪار ملڪ ۾ ھر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي.

اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن ڪالهه پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي، شازيه مري چيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي معيشت غيرن وٽ گروي رکي ڇڏي آهي، جڏهن ته نااهل ۽ نالائق حڪومت قوم کي قرضي بڻائي جشن ملهائي رهي آهي.

شازيه مري وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري امداد نه پر واپار واري پاليسي تي عمل ڪندي ملڪ کي باوقار بڻايو ھو ۽ قوم کي بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيڻ گھرجي ھو اقتدار ۾ اچي قوم کي مايوس نه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button