پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ مسلم ليگ (ن) جي مهانگائي خلاف سائيڪلن تي احتجاجي ريلي

ڪراچي: مسلم ليگ (ن) ڪراچي ڊويزن پاران مهانگائي جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي سائيڪل ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي مسلم ليگ (ن) ڪراچي ڊويزن جي صدر سلمان خان ڪئي.

ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، علامتي سائيڪل ريلي جي ڪارڪنن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، (ن) ليگ جي احتجاج ۾ عورتن به شرڪت ڪئي.

عورتن جي هٿن ۾ ڀاڄيون هيون، مسلم ليگ (ن) ڪراچي جي صدر سلمان خان چيو ته مهانگائي جي هن دور ۾ ماڻهن پاران ڪار ۽ موٽر ائيڪل هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت کي هٽائڻ ضروري آهي، حڪمرانن جي ڪمزور پاليسي سبب معيشت ڏينهون ڏينهن ٻڏي رهي آهي.

سلمان خان چيو ته حڪومتي نمائندو ڪرپشن ڪري ٿو ته برطرف ڪيو وڃي ٿو، اسان کي برطرفي نه ان جي سزا ڏسڻي آهي، حڪومت انصاف جو ٻٽو نظام هلايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button