پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا کان بچا واري ويڪسين جا 76 هزار 935 ڊوز ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪرونا ويڪسين جا 76 هزار 935 ڊوز ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. صحت کاتي جي اختيارين ڊوز خراب ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ڪرونا کان بچا واري ويڪسين سائينو فارم جا 17 هزار 675 ڊوز ضايع ٿي ويا.

سائينوويڪ جا 22 هزار 675، اسٽرازينيڪا جا 23 هزار 96 ڊوز ضايع ٿيا، جڏهن ته فائزر ويڪسين جا هڪ هزار 178، ڪين سائينو جا 2 هزار 675 ڊوز استعمال جي قابل نه رهيا.

ڪين سائينو جا 2 هزار 675 ۽ پاڪ ويڪ جا 7 هزار 876 ڊوز اثر وڃائي ويٺا. موڊرونا جا هڪ هزار 675 ۽ اسپٽنڪ ويڪسين جا 85 ڊوز خراب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

مجموعي طور تي 76 هزار 935 ڊوز ضايع ٿي ويا آهن، صحت کاتي جي اختيارين پاران ويڪسين خراب ٿيڻ جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button