رانديون

ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، شعيب ملڪ 2009ع جي تاريخ ورجائڻ لاءِ پراميد

شارجا: قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ 2009ع جي تاريخ ورجائڻ لاءِ پراميد آهي. اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ چيو آهي ته ٽي-20 ورلڊ ڪپ کٽڻ بهترين لمحو هو ۽ ڪيريئر جي پڄاڻي کان اڳ ٻيهر اهو چاهيان ٿو.

شعيب ملڪ 2009 جي ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي فتح کي ياد ڪندي چيو ته ورلڊ ڪپ جي شروعات ۾ اسان ڏکيائين ۾ هئاسين پر بعد ۾ رفتار تيز ٿي وئي.

هن چيو ته جڏهن ٽيم مان گهڻي اميد نه هوندي آهي ته ان جو به فائدو هوندو آهي، جڏهن ڪو توهان کي فيوريٽ نه سمجهندو ته ان کي چئلينج سمجهي پنهنجي بهترين ڪوشش ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button