انگلينڊ ۽ ويلز جي ميئرز آگسٽ 2018ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم ٽريسا مي کان خط لکي مطالبو ڪيو هو ته “فضائي گدلاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ لا ستت قدم کنيا وڃن.” خط ۾ چيو ويو هو ته “هو سمجهن ٿا ته هر سال فضائي آلودگي برطانيا ۾ وقت کان اڳ 40 هزار موتن جو سبب بڻجي ٿي، ان ڪري ان جي سدباب لا قومي سطح تي قدم کڻڻ گهرجن ۽ هوا کي صاف رکڻ وارن قدمن تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ گهرجي.” خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو هو ته “اسان جي ملڪ جو گدلو وايومنڊل ماڻهن جون زندگيون گهٽائي رهيو آهي، اسان جي ٻارن جي ڦڦڙن کي تباهه ڪري رهيو آهي، ان سان اين ايڇ ايس تي غيرضروري بار پئجي رهيو آهي، ڪم جي وقت جو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ معيشت تي دٻا وڌي رهيو آهي.” هنن لکيو هو ته “فضائي گدلاڻ جا تباهه ڪندڙ نتيجا ملڪ جي غريب ترين ۽ انتهائي پيڙيل بيوس ماڻهن کي برداشت ڪرڻا پئجي رهيا آهن، ان صورتحال ۾ سرڪار صاف هوا بابت هڪ سخت قانون منظور ڪري جنهن تحت لوڪل اٿارٽيز کي ٽيڪسين ۽ شهرن ۾ پرائيويٽ ڀاڙي تي هلندڙ گاڏين مان نڪرندڙ دونهين کي ريگيوليٽ ڪرڻ جا اختيار ملي سگهن، پراڻين ۽ وڌيڪ دونهون ڇڏيندڙ ڪارن، بسن ۽ ٽرڪن کي تبديل ڪرڻ جي اسڪيم لاڳو ڪئي وڃي.”
اسان جن پرڳڻن (يورپ وغيره) کي صفائي ۽ ماحولياتي بهتري جي حوالي کان هڪ مثالي خطو سمجهندا رهيا آهيون، برطانيا جي ميئرز پاران پنهنجي وزيراعظم کي لکيل مٿيون خط ان کي هڪ ڏندڪٿا ثابت ڪري ٿو. جڏهن يورپ جهڙن خطن جي صورتحال اها آهي ته پو باقي ٻين پرڳڻن ۾ ڪهڙي حالت هوندي ان جو اندازو ڪرڻ ڏکيو نٿو رهي.
جيڪڏهن حقيقت جي نظر سان ڏسجي ته اڄ دنيا تمام وڏي ماحولياتي تباهي جي خطري هيٺ آهي. جڏهن ته فضائي گدلاڻ انساني بقا لا وڏو ۽ فوري چئلينج بڻجي ويو آهي. اسان کي ان ڳالهه جو احساس به نه آهي ته، فضائي آلودگي ڪيڏو تيزي ۽ شدت سان انسانذات جي وجود لا فوري خطرو بڻجي وئي آهي.
اڃا ڪجهه سال اڳ فضائي آلودگي جي ڪري ماڻهن جي مرڻ جو انگ جيڪو هزارن ۾ هو، اهو هاڻي لکن تائين پهچي ويو آهي. اي ايف جي هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ فضائي گدلاڻ ۾ هر سال 70 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا. انهن مان 6 لک 15 سال کان گهٽ ڄمار وارا ٻار هوندا آهن.
نيٺ فضائي گدلاڻ ڇاهي؟ فضائي آلودگي جي ماهرن مطابق زمين جي فضا ۾ مختلف قسمن جا آلوده ذرڙا موجود هوندا آهن، جن مان مائيڪرو اسڪوپڪ پارٽيڪلز سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندا آهن. اهي ننڍڙا ننڍڙا ذرا زرعي ۽ صنعتي سرگرمين، ڪاٺي جي سڙڻ ۽ ٽرانسپورٽ مان ٺهن ٿا، جيڪي اڪثر زهريلا هوندا آهن، ۽ ساهه جي سرشتي ذريعي رت ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. اوزون گيس جيڪا هڪ پلوٽنٽ آهي، قدرتي طور اسان جي فضا جي مٿين سطح ۾ موجود هوندي آهي، تڏهن به زميني سطح تي اها صحت لا خطرناڪ هوندي آهي. اها سج جي روشني ۾ نائٽروجن آڪسائيڊ ۽ نامياتي ڪمپائونڊز وچ ۾ ري ايڪشن سان ٺهندي آهي. اوزون ٻوٽن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ ساهه جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن لا خطرناڪ هوندي آهي. گاڏين جي انجڻن ۽ بجلي گهرن مان خارج ٿيندڙ نائٽروجن آڪسائيڊ به صحت لا هاڃيڪار آهي، اها هوا ۾ گهم سان ملي نائٽرڪ ايسڊ ٺاهي ٿي، جيڪا ڦڦڙن جي سوڄ ۽ ٻين بيمارين جو سبب بڻجي ٿي. سلفر ڊا آڪسائيڊ، بينزين، امونيا ۽ ڪيڊميئم ۽ سيهي جهڙي ڌات به اکين، ڦڦڙن، هاضمي جي سرشتي ۽ اعصابي نظام تي اثرانداز ٿيندي آهي.
گذريل سال سيپٽمبر ۾ يورپي يونين جي ماحولياتي ايجنسي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته يورپ ۾ 13 سيڪڙو موت گدلاڻ جي ڪري ٿين ٿا. ماحولياتي ايجنسي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته ماحولياتي آلودگي ڪيئن يورپي آبادي تي موتمار اثر وجهي رهي آهي. غريب ۽ ڪمزور طبقن جا ماڻهو ان کان تمام گهڻا متاثر ٿي رهيا آهن. هر سال ماحولياتي آلودگي جي ڪري يورپي يونين ۾ 4 لک ماڻهو وقت کان اڳ مري وڃن ٿا. يورپي يونين موجب “اسان جي شهرين جي صحت ۽ ماحوليات جي صورتحال ۾ هڪ واضح ڳانڍاپو آهي. يورپ ۾ هر 8 مان هڪ ڄڻو گدلاڻ جي ڪري مري ٿو.”
ماهرن پاران فضائي آلودگي کي هڪ سنجيده خطرو قرار ڏنو پيو وڃي. ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب 2012ع ۾ فضائي آلودگي جي ڪري تقريبن 70 لک ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هئا. ان رپورٽ جي بنياد تي ماهر ان نتيجي تي پهتا ته اهي انگ اکر ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته هاڻي فضائي آلودگي دنيا جو واحد سڀ کان وڏو ماحولياتي صحت جو خطرو آهي. ڊبليو ايڇ او مطابق ڏکڻ ايشيائي ۽ وچ پيسيفڪ خطن ۾ فضائي آلودگي بابت وڏا مسئلا موجود آهن ۽ 2012ع ۾ 26 لک ٻاهرين فضائي آلودگي جڏهن ته 33 لک اندرين فضائي آلودگي جي ڪري موت جو شڪار ٿيا.
ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ 90 سيڪڙو ماڻهو فضائي گدلاڻ ۾ ساهه کڻي رهيا آهن. سال 2016ع ۾ رڳو ٻاهرين فضائي آلودگي سان 42 لک ماڻهو مري ويا، جڏهن ته گهرن ۾ ماني پچائڻ لا ٻارڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پيدا ٿيندڙ آلودگي جي ڪري ان ئي عرصي ۾ تقريبن 38 لک ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا. جيڪو انگ 2012ع کان وڌيڪ آهي. يعني هر گذرندڙ ڏينهن سان فضائي آلودگي جي صورتحال بدترين ٿي رهي آهي.
هڪ تحقيق موجب غذائي اڻاٺ، ٿولهه ۽ منشيات کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ موت جو سبب فضائي آلودگي آهي. “گلوبل برڊن آف ڊزيز پراجيڪٽ” 2016ع ۾ ها بلڊ پريشر، تمباڪو نوشي ۽ ڊائيٽري کان پو فضائي آلودگي کي چوٿون وڏو خطرو قرار ڏنو.
ڊبليو ايڇ او موجب “فضائي آلودگي اسان سڀني لا خطرو آهي، پر غريب عوام کي ان سان وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي.” ڊبليو ايڇ او موجب: “اهو ناقابل قبول آهي ته 3 ارب کان وڌيڪ انسان، جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار آهن، گهرن ۾ آلودگي پيدا ڪندڙ چلهن ۽ ٻارڻ جي استعمال جي ڪري پيدا ٿيندڙ زهريلو دونهون ساهه سان گڏ پنهنجي اندر ڇڪي رهيا آهن.”
ڊبليو ايڇ او 2016ع ۾ فضائي آلودگي سان متاثر ملڪن جي فهرست جاري ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان کي دنيا جو چوٿون تمام گدلو ملڪ قرار ڏنو ويو. ان ساڳي رپورٽ ۾ پاڪستان اندر فضائي آلودگي سبب مرندڙ ماڻهن جو انگ 59 هزار کان وڌيڪ ڄاڻايو ويو.
خير، دير يا سوير، ٻي دنيا ان ڏس ۾ کڻي ڪجهه ڪري به وڃي ۽ هڪ حد تائين ڪري به رهي آهي، پر پاڻ وٽ ته اڃا تائين ڪاري وارا ڪک آهن. اسان جا عوام دشمن حڪمران ٻين کوڙ سارن مسئلن جيان ان مسئلي تي به سوا زباني جمع خرچ جي ٻيو ڪجهه نه ڪري رهيا آهن. بنيادي طور فضائي آلودگي انهن سماجي پرتن جو مسئلو وڌيڪ آهي، جيڪي محنت مزوري ڪري پنهنجي زندگي جو گاڏو گهلڻ تي مجبور آهن. اهي ئي دراصل ان جا وڏي ۾ وڏا متاثر آهن. برطانيا جي ميئرز، يورپي يونين کان ويندي گڏيل قومن تائين سڀ ان ڳالهه کي تسليم ڪن ٿا ته، فضائي آلودگي سان غريب عوام ئي گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي. تنهنڪري، اهو اڳي پو دنيا ۽ پاڪستان جي مظلوم طبقن جو ئي اهم سوال آهي ته هو ان اهم مسئلي تي سياسي تحرڪ وٺي، تحريڪون منظم ڪري، حڪمران طبقن کي مجبور ڪن ته هو ماحول دوست ۽ عوام دوست پاليسيون ترتيب ڏين.