
تڪليف وقت سان گهٽجڻ لڳندي آهي. هر سور جو هڪ مدو هوندو آهي. اهو سور ان مدي کان پوءِ پنهنجي شدت ۾ گهٽتائي آڻيندو آهي. پر هي ڪهڙا سور آهن؟ جيڪي وقت گذرڻ سان گهٽجڻ بدران مسلسل وڌي رهيا آهن. اهي سنڌ واسين جا سور آهن. انهن سنڌ واسين جا جن کي ڪجهه وقت اڳ تائين پنهنجا گهر ۽ پنهنجا مال هئا. جن کي اهو فخر به هو ته هن جي گهر تان سوالي واپس نه ويندو آهي. جن جي سڃاڻ اها هوندي هئي ته انهن جون اوطاقون مهمانن سان آباد هيون. پر اڄ انهن جو حشر اهو آهي ته هو پاڻ امدادي ڪيمپن ۾ ويٺا آهن ۽ هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي سوالي اکين سان ڏسن ٿا. انهن جي صرف مال ملڪيت نه پر انهن جي عزت ۽ انهن جي آبرو به پاڻيءَ ۾ لڙهي وئي آهي. انهن وٽ ڪجهه نه بچيو آهي. انهن کي هاڻي به کائڻ جي لاءِ پوري ماني نه ٿي ملي ۽ سمهڻ جي لاءِ انهن وٽ ڪو وڇاڻو ناهي.
انهن انسانن جي تڪليفن ۾ هن وقت گهٽتائي اچڻ بدران مسلسل واڌ اچي رهي آهي. ڇو ته هڪ طرف ماڻهن جو امدادي هٿ ڪجهه گهٽيو آهي ۽ ٻي طرف بک سان گڏ هاڻي بيمارين به انهن جي مٿان حملو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ٻوڏ ستايل ماڻهن کي گهڻو ڪري ٻن مصيبتن تمام گهڻو تڪيلف ۾ آندو آهي. هڪ ته انهن کي صاف پاڻي ۽ صحت مند ماني نه ملڻ سبب پيٽ جي بيمارين تمام گهڻو تنگ ڪيو آهي ۽ ٻيو ته هو مڇرن سبب مليريا ۽ ڊينگيءَ جي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. ان صورت ۾ هو ڇا ڪن؟ ڪنهن کي به ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
هن وقت هڪ حڪومت کي ثابت ڪرڻو هوندو آهي ته حڪومت جو ڪم صرف وٺڻ نه هوندو آهي پر جڏهن ماڻهو تمام گهڻي تڪليف ۾ هوندا آهن ته حڪومت انهن جا سور پنهنجا سور سمجهندي، انهن کي ايترو ڪجهه ڏيندي آهي، جو انهن کي محسوس ٿيندو آهي ته انهن حڪومت کي ڏئي اصل ۾ پنهنجي اجتماعي بچت ڪئي هئي ۽ هن مهل جڏهن انهن کي سخت ضرورت آهي. تڏهن حڪومت پاران انهن کي جيڪو ڪجهه به ملي رهيو آهي، اهو ايترو ته گهڻو ۽ ايترو ته بهتر آهي جو انهن جي دل چاهيندي آهي ته هو وري پنهنجن پيرن تي بيهڻ کان پوءِ حڪومت کي ايترو ڪجهه ڏين جيڪو ڪجهه انهن ماضيءَ ۾ نه ڏنو هو. هن مهل اهو ڪجهه نه ٿي رهيو آهي. حڪومت جا هٿ تمام گهڻا خالي آهن ۽ انهن کي جيڪو ڪجهه به ملي رهيو آهي، اهو ڪجهه گهڻو ڪري عام ماڻهن جي معرفت ملي رهيو آهي ۽ انهن جي مدد ڪرڻ وارا هٿ هاڻي گهٽجي رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ هن مهل جڏهن هڪ طرف انهن جي خوراڪ گهٽجي رهي آهي ۽ ٻي پاسي انهن مٿان بيماريون حملي آور آهن ته ان ماحول ۾ هو ڇا ڪن؟ ڪنهن کي دانهن ڏين؟ خاص طور تي ان وقت جڏهن حڪمران پاڻ سراپا دانهن بڻيل آهن.
پاڪستان جو وزير اعظم شهباز شريف دانهون ٿو ڪري ته دنيا جا ملڪ پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته هن کي هن مهل تائين عالمي امداد جو هڪ داڻو به حاصل نه ٿيو آهي. جڏهن حڪمرانن جا هٿ ايترا تنگ هجن ته پوءِ عام ماڻهو هن مصيبت کي منهن ڪيئن ٿو ڏئي سگهي. هڪ ته عام ماڻهن جو حال تمام گهڻو بي حال آهي ۽ ٻيو ته عام ماڻهو هر ڏينهن هڪ نئين مصيبت سان منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ٽيون ته انهن کي ڪو پتو ڪونهي ته انهن جي آزمائش اڃان ڪيترو وقت هلندي؟ ماڻهن کي جڏهن معلوم هوندو آهي ته هڪ مخصوص وقت تائين انهن جا سور هلندا ته هو اميد جي آسري تي به تمام گهڻو ڪجهه برداشت ڪري ويندا آهن. پر جڏهن آئيندي جو ڪو به علم نه هجي. جڏهن ڪجهه به معلوم نه هجي ته هيءَ صورتحال ڪيترو وقت هلندي ته ماڻهو آخر ڪهڙي اميد جي سهاري تي اهو ڪجهه سهندو رهي، جيڪو ڪجهه سهڻ تمام گهڻو مشڪل آهي ۽ اهو ڪجهه نه صرف مشڪل آهي پر ان ۾ مسلسل اضافو به اچي رهيو آهي ۽ اهو اضافو انهن ماڻهن جي لاءِ قابل برداشت ڪونهي، جيڪي هر طرح سان جهري پيا آهن. انهن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته انهن جو مستقبل ڪهڙو آهي؟ انهن جا جيڪي به جهونا ۽ جهريل گهر هئا، انهن جي لاءِ غنيمت هئا، انهن جا عيب لڪائي ويٺا هئا. هاڻي ته هو ميدان تي ويٺا آهن ۽ هو ان حال ۾ صرف پاڻ به هجن ته خير آهي پر انهن سان گڏ انهن جون نياڻيون سياڻيون ۽ انهن جا ٻار ٻچا به آهن. انهن کي وٺي هو ڪهڙي در تي وڃن؟ هو پاڻ سان ٿيل هن اتياچار جي دانهن به ڏين ته ڪنهن کي ڏين؟ انهن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر ڪيڏانهن وڃن ۽ ڪنهن کي چون؟
سنڌ جي سوشل ميڊيا تي هڪ گيت تمام گهڻو شيئر ٿي رهيو آهي ۽ اهو گيت اڳ ۾ اسان کي ايترو گهڻو پسند نه هو پر هن ڀيري جڏهن عام ماڻهو هڪ سنگر سان ساٿ ڏيندي اهو گيت جهونگاري رهيا هئا ته ان گيت ۾ اسان جا قومي درد ڇلڪندا محسوس ٿي رهيا هئا. ان گيت جا ٻول آهن ته:
“پنهنجي دردن جي
پنهنجن سورن جي
ڪنهن سان ڳالهه ڪيان
ڪنهن کي دانهن ڏيان؟”
واقعي هن مهل ڪو به اهڙو در ناهي، جتي سنڌ جا ماڻهو دانهن ڏين ۽ ٻڌائين ته انهن مٿان جيڪا قيامت ڪڙڪي آهي، اها انهن جي اعمالن جي شامت ناهي. پر اها حڪمرانن جي ڪرتوتن سبب انهن جي مقدر جو حصو بڻي آهي. اهو سڀ ڪجهه آهي ۽ ان کان به ڪجهه وڌيڪ آهي. پر آخر ان جو انت ڪڏهن ايندو؟ آخر ماڻهو عزت واري پنهنجي پوئين جياپي سان ڪڏهن هم آغوش ٿيندا؟ ان سوال جو جواب ته اسان جي ڪنهن حاڪم وٽ ڪونهي. ڇو ته هو عالمي امداد نه ملڻ سبب ايترا ته مايوس آهن جو انهن کي هن مهل حڪومت ۾ هجڻ ڪنهن سک جو نه پر تڪليف جو سبب محسوس ٿي رهيو آهي. ڇو ته انهن کي پنهنجي وجود تي شرم محسوس ٿي رهيو آهي.
هن اذيتناڪ ماحول ۾ اسان جا ماڻهو آخر ڪيستائين رهندا؟ ان سوال جو جواب حڪومت وٽ هجڻ گهرجي ڇو ته حڪومت وٽ ماهر موجود آهن. جيڪڏهن حڪومت وٽ به ان سوال جو جواب ناهي ته ان جو مطلب اهو سمجهڻ گهرجي ته ان وٽ به ڪو ماهر ڪونهي. جيڪڏهن حڪومت وٽ ماهر هجن ها ته هڪ ماڻهو ايتري گهڻي تڪليف ۾ نه وڃن ها ۽ جيڪڏهن هليا به وڃن ها ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي اهو پتو ضرور هجي ها ته انهن جي سورن جي شدت ڪيستائين رهندي؟
سنڌ جو وڏو وزير ۽ هن جي پارٽيءَ جو سربراهه جيڪو ملڪ جو پرڏيهي وزير به آهي، ان کي اهو معلوم ناهي ته ماڻهن جي ڳوٺن، شهرن ۽ گهرن مان پاڻي ڪڏهن نڪرندو؟ ڇا اهڙي نااهل ٽولي کي حڪمرانيءَ جو حق هجڻ گهرجي؟ پر ان جو ڪو به گس ناهي ته آخر ان مان نجات ڪهڙي طرح حاصل ڪجي؟ ڇو ته هيڏي وڏي سانحي کان پوءِ به سنڌ ۾ سياسي طور تي ڪجهه به ڪونهي. سنڌ ۾ هاڻي به نعم البدل نه هجڻ جون دانهون عام آهن. سنڌ ۾ جيڪا سگهه به هئي، اها هن ٻوڏ ۾ لڙهي وئي آهي ۽ ڪنهن کي ڪجهه به معلوم ناهي ته انهن جو جياپو ڪيئن ٿيندو؟
سنڌ ۾ ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻا ڀرم ڀڄي ۽ ڀري رهيا آهن. هر طرف هڪ ماتم آهي ۽ مدد ڪرڻ وارا هٿ هر ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. ان صورتحال ۾ ايندڙ ڏينهن جو سوچي سخت تڪليف ٿيڻ لڳي ٿي ته جڏهن هن مهل ماڻهن جي ڪيفيت اها آهي ته ايندڙ وقت جي دوران انهن جي دردن ۾ ڪيتري نه شدت پيدا ٿي پوندي ۽ انهن کي گهٽائڻ جو جڏهن ڪو به مددگار هٿ نه هجي ته پوءِ ماڻهو پاڻ ڇا ڪندا؟ انهن وٽ آهون دانهون ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا رهيو آهي ۽ جڏهن حڪومت ۾ ڪجهه نه هوندو ته اها آهون دانهون ٿيڻ تي به ماڻهن کي ڇا ڏيندي؟