ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

امدادي سامان جي ڦرمار-1

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

مون اڄوڪو ڪالم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گتريس جي انسان ذات جي نجات ۽ ڀلائي واسطي اڌ صديءَ کان مٿي ڪيل جاکوڙ بابت لکيو آهي. ڪجھه ڏينهن اڳ انتونيو جڏهن پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ وڃي پنهنجي اکين سان سيلاب جي تباهيءَ کي ڏٺو ته سندس سچائي ۽ انساني ھمدردي اسان جي ايٽمي ھٿيارن سان ڀريل ملڪ جي مظلوم ڪروڙين وطن واسين جا ٻڏل شهر، ڳوٺ، فصل ۽ گھرگھاٽ ڏسي ذري گھٽ روئڻھارڪو ٿي، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڏانهن پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري نھاريو ته سڀني حاڪمن جا شرم کان ڪنڌ جھڪي ويا. منهنجي خيال ۾ شرم نه پر ان کان وڌيڪ پنهنجي نااھلي ۽ نالائقي سندن ڪنڌ جھڪائي ڇڏيا جيڪي سمورن ٽي وي چئنلز ۽ مزي جي ڳالهه ته سوشل ميڊيا تي عام رواجي طرح شيئر ڪندڙ اخباري ۽ غير اخباري نمائندن وائرل ڪري ڌن دولت جي پوڄاري پاڪستان جي سڀني حڪمرانن جي پرفارمنس ۽ بدترين حڪمرانيءَ کي ايڪسپوز ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا ذريعي مظلوم طبقن جو جنھن تيز رفتاريءَ سان ڪيس لڙجي ٿو پيو، سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن سوويت يونين جي سوشلسٽ قائد ڪامريڊ ولاديمير ايليئچ لينن يا مائوزي تنگ جي زماني ۾ ھي ننڍڙو بي ضرر ھاٿوڙو ھجي ھا ته سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام جي ھڪ سئو سال اڳ سوويت انقلاب سان گڏ وگڏ پاڙ پٽجي وڃي ھا. دنيا جا اربين انسان سامراجي لڙائين ۾ وڪوڙجڻ بدران سک ۽ سڪار ۾ جيئن ھا. مظلوم طبقن کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سرمائيدارن جي توبن ۽ بندوقن جو بارودي کاڄ بڻجي نسلن تائين برباد نه ٿيڻو پوي ھا. انسانيت جي محسن ڪارل مارڪس جي روح کي به راحت ملي ھا ته سندس ۽ فريڊرڪ اينجلس جو گڏيل پورھئو رائيگان نه ٿيو. ياد رکو ته ٿيندو به ڪونه ڇاڪاڻ ته انتونيو گتريس جھڙا انسان ذات جا خير خواهه اڄ به استحصالي قوتن خلاف سجاڳيءَ جي لاٽ کي روشن رکيو ويٺا آهن. سڄو جڳ جهان اڄ اھا حقيقت مڃي ٿو ته غريب مسڪين اڻپڙهيل ماڻهن جي ھٿن ۾ موبائل فون ھڪ اھڙو انقلابي ھاٿوڙو آهي جنهن کي مارشل لا جھڙي ڪابه فوجي آمريت يا سرمائيدارن جي بدمعاشي نه ته ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي قيد ڪري سگھندي. جديد سائنسي ايجاد جي ھن انسان دوست ھٿيار وڏن وڏن ڍينگن کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي. انتونيو گتريس پنهنجي سوچ ۽ سمجھه مطابق حيرت وچان پاڪستان جي حڪمرانن سان گڏ بيھي ٻڏل ۽ اڻ ٻڏل شهرن ڳوٺن ڏانهن ھرھنڌ ھاسيڪار نھاريو ته ڏسان ته باقي بچي ويل صحيح سلامت گھر ڪھڙا آھن؟ تڏھن کيس ياد آيو ته دنيا جي مظلوم قومن جي ٻڏل شھرن توڙي اڻ ٻڏل ھنڌن تي ماڻهن کي پڪا گھر به نه آھن. پوءِ جڏهن وزير اعظم شھباز شريف، پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول زرداريءَ، سنڌ جي چيف منسٽر مراد علي شاهه ۽ رليف آپريشن جي سرڪاري سربراھه شرجيل ميمڻ ۽ سرڪاري آفيسرن سان تعدي ڪيائين ان جا بي شمار ثبوت حڪمرانن، شاهن، سردارن ڀوتارن ۽ وڏيرن توڙي سندن ڳنڍي ڇوڙ ڪارخانيدارن جي وجود تي موچڙو ھڻڻ برابر آهن.
بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي سمورين سياسي جماعتن جا اڳواڻ اڄ به نوانوي سيڪڙو اھڙا آھن جيڪي سياسي پارٽين کي پنهنجن پيءُ ڏاڏن جي جاگير سمجھي نسل در نسل قيادت منتقل ڪري پنهنجن ذاتي مفادن جي حفاظت واسطي حڪومت ڪندا رهيا آهن. فراڊ سان ڪرايل اليڪشن ذريعي حڪمراني ڪندڙ اڃا ھڪڙو حرامخور حاڪم مري ئي نه ٿو ته سندس ڏوھٽا ۽ پوٽا ھن ڪنٽرولڊ جمھوريت کي پنهنجي کيسي ۾ وجهڻ خاطر ميدان ۾ پير کوڙي ٿا ڇڏين. ھي جمھوريت نه ٿي، ڄڻ بادشاهي وراثت آهي. پاڪستان جا حڪمران جنرل ايوب خان ۽ جنرل ضياءَ کان مشرف تائين ۽ شريفن، زردارين، الطافن جيان رڳو ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سفارش تي پاس ٿي اچن ٿا. پاڪستان جي سڀني صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر اسٽيبلشمينٽ وارن واڳ ڌڻين جي بوٽ پالش ڪري اقتدار ۾ اچن ٿا. وڏي ڳالهھ ته اسان جي ملڪ ۾ اسي سيڪڙو عورتون ۽ مرد پروفيسر ۽ ڪامورا رڳو سفارش ۽ ڪاپي ڪلچر جي پيداوار آهن. ڏھه سيڪڙو ميرٽ تي سليڪٽ ٿيل ھاڻي پوين پساهن ۾ آهن ڇاڪاڻ ته ھو اکين سان ڏسن ٿا ته قائداعظم محمد علي جناح کانپوءِ سمورا حاڪم وڌ ۾ وڌ گريجوئيٽ ھئا سي به ڀڳڙن مٺ عيوض ڊگريون حاصل ڪري ٿيا. جڏهن ته ڏھن ڏھن ورھين تائين بندوق جي زور تي ناجائز قبضو ڪري مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيا سي مئٽرڪ يا انٽر پاس ھئا. سندن خواهشن ۽ خود غرضي جي ڪري اسان جا وطن واسي نسلن کان عذاب ۽ اذيتون ڀوڳي رهيا آهن.
گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گتريس شايد UNO جو پھريون عالمي اڳواڻ آهي جيڪو سامراجي سازشن خلاف پنهنجي وطن ۽ ڏکڻ يورپ جي سڀ کان وڏي پسمانده (پوئتي پيل) ملڪ پورچوگال جي پورچوگيز عوام کي سالن جي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ خاطر سامراجي مداخلت ذريعي مڙھيل فوجي آمريت خلاف پنهنجي شاگرديءَ واري ڦوھه جوانيءَ ۾ پنهنجو سر تري تي رکي پرامن سياسي جدوجهد وسيلي سچو جمھوري سرشتو ٺاهڻ ۽ پورچوگال جو صدر چونڊجڻ ۾ سوڀارو ٿيو. پنھنجي حڪومت جي سڄي عرصي ۾ ھن انسان دوست شخصيت آمريڪي ۽ يورپي سامراجي ادارن جي عوام دشمن حملن ۽ سندن مقامي دلالن جي اڳرائين سان مقابلو ڪيو. ھيڏن سارن اجگر ايٽمي طاقتن خلاف سالن جا سال مزاحمت ڪندي، انتونيو گتريس پنهنجي ملڪ جي سرڪاري خزاني مان ڪڏهن ڪک به چوري نه ڪيو.
ھن شخص کي جڏهن روس، چين، لاطيني آمريڪا ۽ يورپ جي کاٻي ڌر سان سلهاڙيل سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن ھڪ شاندار تاريخي ٻڌيءَ کان ڪم وٺي، جڳ جهان ۾ بدنام ۽ ناڪام ٿيل انصاف جي عالمي اداري اقوام متحده جي اعليٰ عھدي لاءِ نامزد ڪيو ته سرمائيدار دنيا جا عالمي مفاد خطري ۾ پئجي ويا. ھنن ننھن چوٽيءَ جو زور لاتو ۽ ڪروڙين ڊالر قربان ڪري سندس چونڊ کي روڪڻ لاءِ روڙا اٽڪائي ڇڏيا پر روس جي صدر ولاديمير پوتين ۽ چائنا جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرواڻ شي جھڙن مدبر سوشلسٽ رھنمائن دنيا جي ملڪن جي سچي رھنمائي ڪري، سامراجي بدمعاشي سان منهن ڏنو ۽ انتونيو گتريس کي گڏيل قومن جي اداري جو سربراهه چونڊائڻ ۾ سوڀارا ٿي ويا.
اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گتريس پاڪستان ۾ جيڪا بدحالي ۽ بدترين حاڪميت ڏٺي، ان کي نظر ۾ رکندي ھن اسلام آباد ۾ ھوندي پنهنجي نيويارڪ واري ھيڊ ڪوارٽر ۾ موجود ماتحت عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته ھڪدم مڇردانيون، دوائون، تنبو، طولان ۽ اٽو ھوائي جھازن ۾ ڀري اماڻيو ته جيئن مصيبت جي ور چڙهيل مسڪين ماڻهن کي مرڻ کان بچائي سگھجي. سندس موجودگيءَ ۾ ئي يو اين ايڇ سي آر طرفان سامان پھچڻ شروع ٿي ويو. پاڻ ڏسون پيا ته اھي تنبو يا ٽينٽ وڏن زميندارن ۽ واپارين جو گڏ ڪيل جانورن جو چارو خاص ڪري بوھه ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين جھجھي آباديءَ وارن شهرن ڏانهن ٽرڪن ۽ ٽرالن وسيلي نيو پيو وڃي. معنيٰ ته جن اجڙيل ۽ ڏتڙيل ماروئڙن لاءِ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل ھي ٽينٽ گھرايا، سي وس وارن ڪامورن ۽ پ پ حڪومت جي واٺن بي شرمي ۽ بي رحمي سان کپائي ڏوڪڙ ڪمائي ورتا. تنبو ۽ راشن سان ڀريل ڪٽا ته گھڻن ھنڌن تي وڪرو ڪيا ويا پر بيمارين ۾ مرندڙ ٻارڙن جي لاءِ آيل پيناڊول جون پنج ڪروڙ گوريون به ڪن انٽيليجنس ايجنسين جھلي ھٿ ڪيا آهن. ھي ظلم جي انتها آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي حڪمرانن ۾ ٽڪي جيتري به انسانيت ناھي. عام رواجي حالتن ۾ ته اسپتالن مان دوائون چورائي ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪري ٿا ڇڏين پر ٻوڏ جي متاثرن کي به جيئڻ جو بنيادي حق يعني علاج ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ھي ڪرمنل حڪمران، ٻڏي مرڻ جو مقام آهي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button