ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

امدادي سامان تي سياسي اثر رسوخ

Editorial

آفتون ٻڌائي ڪونه اينديون پر انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ موجود ادارا پنهنجو پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪندا آهن. سنڌ ۾ آيل هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ ڪيترائي معاملا خراب ٿي ويا آهن، نتيجي ۾ نه رڳو ٻوڏ متاثرن کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پيو پوي پر ادارن جي پت به وائکي ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ هن وقت به ڪروڙين ماڻهو دربدر آهن. انهن کي رهائش کان وٺي کاڌي پيتي جا مسئلا پيش اچي رهيا آهن. هڪ پاسي اهي بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري انهن کي امدادي سامان جي رسائي بهتر نموني ڪانه پئي ٿي، جنهن جي ڪري ماڻهن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. پر جيڪڏهن اهو سلسلو ائين جاري رهيو ته ان آڌار اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻوڏ متاثرن کي سامان ۽ ٻين سهولتن جي ورڇ منصفاڻي نموني ڪانه ٿي آهي. ان حوالي سان انساني حقن جي تنظيم (ايڇ آر سي پي) خدشا پڻ ڏيکاريا آهن، جيڪي سنجيده نوعيت جا آهن ۽ انهن کي ڪنهن به ريت نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي عالمي ماحولياتي تبديلين کي پاڪستان آيل برساتي ٻوڏ قرار ڏيندي چيو آهي ته نيشنل ڊزاسٽر جي نتيجي ۾ 3 ڪروڙ 90 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي امداد ۽ وسيلن ۾ سياسي اثر رسوخ استعمال ٿي رهيو آهي. ايڇ آر سي پي سوال ڪيو آهي ته پي ڊي ايم اي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ سان گڏ ٻڌائي ته متاثرن لاءِ آيل امداد ۽ وسيلا ڪٿي خرچ ڪري پئي؟ رياست ۽ حڪومت ماضيءَ جي ڪيل غلطين مان سبق حاصل ڪري پنهنجي گورننس بهتر ڪن ۽ سول سوسائٽيءَ جي ڪم جو قدر ڪيو وڃي. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن حنا جيلاني، ايڇ آر سي پي سنڌ چيپٽر جي ڪوچيئرپرسن اسد اقبال بٽ، وائيس چيئرمين قاضي خضر، حارث خليق، امداد چانڊيو ۽ ٻين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر برساتي ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي، وفاقي ۽ سنڌ سرڪار قومي سطح جي آفت اچڻ باوجود فوري متاثر جي مدد لاءِ امدادي سرگرمين جو ڪم شروع ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ بحران وڌي ويو، سڀ کان پهريان حڪومت کي متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ها، جيڪو نه ٿيڻ سبب متاثر ماڻهو پنهنجو مال متاع ملڪيتون وڪرو ڪري پاڻمرادو محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيا، جنهن سان عورتن، ٻارن ۽ معذورن کي وڏي اذيت مان گذرڻو پيو. هن چيو ته هن وقت حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو ڪم متاثرن جي واهر ۽ بحالي آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن حڪومت متاثرن، سول سوسائٽي ۽ سرندي وارن کي فيصلن ۾ شامل ڪندي. هن چيو ته سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي پاسي کان اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، جيڪو نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري ڪڻڪ جي پوک متاثر ٿيندي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جو بحران جنم وٺندو. هن چيو ته ايڇ آر سي پي جون رضاڪار ٽيمون سڄي ملڪ سميت سنڌ ۾ به ڪم ڪن پيون. متاثرن جا انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن، اسان امدادي ڪمن ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪريون پيا. ان کان اڳ ايڇ آر سي پي پاران حيدرآباد ريجن جي پريس ڪلب ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل صورحال جي حوالي سان گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايڇ آر سي پي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
هاڻُوڪي آفت ڪا سياسي آفت ناهي پر قدرتي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سياسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر انساني بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هر پارٽي رڳو پنهنجن ووٽرن کي امدادي سامان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي ته ڪيترائي انسان بک وگهي مري ويندا ۽ انهن کي نه کائڻ لاءِ اٽو ملندو ۽ نه ئي رهڻ لاءِ اجهو ملندو. ان ڪري اهو ڏسڻ گهرجي ته هي معاملو انساني بنيادن تي حل ٿي سگهي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪي پارٽيون امدادي سامان تي سياست ڪري رهيون آهن، اهي ٻوڏ متاثرن جون خيرخواه ڪونه آهن ۽ انهن جي اهڙي عمل سان امداد متاثرن جي ڀلائي ڪانه ٿي رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته امداد متاثرن جي واهر بنا ڪنهن سياسي فرق جي ڪئي وڃي. هن وقت ٻوڏ متاثرن کي جن شين جي ضرورت آهي، اهي شيون انساني همدردي طور سياسي پارٽيون انهن کي پهچائين ته جيئن انهن جون تڪليفون گهٽجي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button