سنڌ

شڪارپور ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، پوليس اهلڪار زخمي

شڪارپور ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو. پوليس ڪانسٽيبل زخمي ٿي پيو. نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ٽرڪ اڏي وٽ پوليس معمول دوران چيڪنگ ڪري رهي ته مشڪوڪ موٽرسائيڪل تي سوار ٽن ماڻهن کي پوليس روڪڻ جو اشارو ڏنو ته مشڪوڪ ماڻهن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس ڪانسٽيبل اسدالله پهوڙ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. پوليس شهرين جي حفاظت کي ڏسندي هٿياربندن مٿان شهري آبادي ۾ فائرنگ نه ڪئي جنهن ڪري هٿياربند فرار ٿي ويا. ٻئي طرف ايس ايس پي شڪارپور شيراز نظير جو چوڻ هو ته ٻن ڏينهن ۾ 2 ڏوهارين کي پوليس مقابلي ۾ ماريو آهي ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي. پوليس ڪانسٽيبل اسدالله پهوڙ کي زخمي ڪندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button