هن وقت پاڪستان سياسي، معاشي ۽ ماحولياتي تباهيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. بلڪ ائين چوڻ گھرجي ته اهو انهن ٽنهي بحرانن جو شڪار آهي سو به ايتري شدت سان جو ان کان اڳ ائين ڪڏهن نه رهيو آهي. قوم پرستن کي ان جو ڪارڻ هن رياست جو غير فطري هئڻ لڳي ٿو جڏهن ته اهي ان باري ۾ سوچين ئي ڪونه ٿا ته فطرت ڪنهن به ملڪ يا رياست کي نه ٺاهيو آهي. اهو انسان آهي جنهن ملڪ ٺاهيا آهن يا رياستون جوڙيون آهن. ان معنى ۾ دنيا جي ڪا به رياست، ڪوبه ملڪ فطري ڪونهي. خير، ملڪ ۾ سياسي گهوٽالو حل ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. مرڪز ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت قائم ته آهي پر ڪيسيتائين قائم رهندي؟ ان جي ڪا خبر ڪانهي. نواز ليگ جي سربراهيءَ ۾ قائم سياسي پارٽين جي اتحادي حڪومت عوام کي ڪڏهن فائدو ڏيندي؟ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ ڪڏهن ۽ ڪهڙا قدم کڻندي؟ ڪا خبر ڪانهي. ٻئي پاسي مخالف ڌر طور عمران خان جي تحريڪِ انصاف آهي جيڪا هاڻوڪي مِينهن، ٻوڏ ۽ ان جي تباهين کان ڄاڻي ٻجهي بي خبر ۽ بي پرواهه بڻجي اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه سميت حڪومت تي نفرت ڀري تنقيد جا تير وسائي رهي آهي. عمران خان ايترو پري هليو ويو آهي جو آرمي چيف بابت تڪراري بيان بازيءَ کان به نه ٿو مُڙي. اهو ته خير شڪر آهي جو هر ڪوئي ڄاڻي ٿو ته دفاع جو وزير هئڻ جي ناتي سان خواجه آصف ئي فوج جو اهو سربراهه آهي جنهن ڏانهن عمران خان اشارو ڪري رهيو آهي. پر خان صاحب جي نفرت ۽ ڪروڌ ماٺو ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. پهريان هُو جن کي سڀ کان وڏو محبِ وطن ڪوٺيندو هئو هاڻي انهن کي جانور پيو ڪوٺي. اڳي هُو چوندو رهيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري وزيرِ اعظم جو اختيار آهي ۽ اها حقيقت به آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي آئين به ائين ئي چوي پيو پر هاڻي سندس چوڻ آهي ته وزيرِ اعظم شهباز شريف هن سال نومبر مهيني ۾ نئين آرمي چيف کي مقرر ڪرڻ جو اختيار نه ٿو رکي. ان جي ابتڙ اهو بس جنرل باجوه جي ملازمت جو مدو وڌائي جيئن ايندڙ سال نئون چونڊجي آيل وزيرِ اعظم جيڪو سندس خيال آهي ته هُو پاڻ ئي هوندو، نئين آرمي چيف کي مقرر ڪندو. (شهباز شريف وزيرِ اعظم جي حيثيت ۾ آرمي چيف جو مدو ڀل وڌائي پر نئون چيف مقرر نه ڪري. عجيب منطق آهي. اهڙو جهڙو حمزه شهباز لاءِ معزز عدالت سڳوريءَ استعمال ڪيو هئو ته هُو پنجاب جو وڏو وزير ته آهي پر محدود اختيارن وارو. وڏي وزير جي حيثيت ۾ هُو بس فلاڻا فلاڻا ڪم ڪري سگهي ٿو پر فلاڻا فلاڻا ڪم ڪرڻ جو سندس آئيني اختيار عدالت معطل ڪري رهي آهي. خير اهڙين ڪرامتن تي وائڙو يا ناراض نه ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته هيءُ ملڪ اهڙين ڪرامتن جي آماجگاه رهيو آهي) اڳوڻي وزيرِ اعظم عمران خان وٽ اسٽيبلشمينٽ خلاف ايتري باهه ٻارڻ جا ڀل ڪهڙا به سبب هجن پر حقيقت اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ايترو کليل نموني اڳ ڪڏهن نه ڳالهايو ويو آهي. جيتوڻيڪ اها شروعات اڳوڻي وزيرِ اعظم ميان نواز شريف ڪئي هئي پر جيترو کليل عمران خان پيو ڳالهائي، ڪنهن نه ڳالهايو آهي. اڳوڻي وزيرِ اعظم يوسف رضا گيلاني 2011 ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي مشهور تقرير “رياست اندر ٻِي رياست نه هئڻ گھرجي” ذريعي به اسٽيبلشمينٽ سان خراب لاڳاپن جو اظهار ڪيو هئو ۽ ايتري تائين جو جنرل ضيا الحق جي حڪمرانيءَ دوران وزيرِ اعظم محمد خان جوڻيجي شريف النفس جنرل سان ايترا اختلاف رکيا جو ضيا الحق نيٺ کيس وزيرِ اعظم جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هئو.
هن ملڪ ۾ سول عسڪري لاڳاپا خراب رهڻ جي تاريخ ڊگهي ۽ ڪافي پراڻي آهي. اسٽيبلشمينٽ پاران سول حڪومتن کي بندوق جي زور تي بيدخل ڪري اقتدار پاڻ سنڀالڻ پوءِ ڀل اهو 1958 هجي، 1969 هجي، 1977 يا 1999 يا وري 2007 واري ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ توڙي ڪارگل جهڙا معرڪا هجن، سول عسڪري لاڳاپن کي بگاڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. ساڳيءَ ريت 1988 جي عام چونڊن ۾ بينظير ڀٽو کي هارائڻ لاءِ آئي جي آئي نالي اتحاد ٺهرائڻ پٺيان اڳوڻي آئي ايس آئي چيف جنرل رٽائرڊ حميد گل چواڻي اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي ۽ مالي معاونت توڙي اڳوڻي آئي ايس آئي چيف ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اسد درانيءَ جي بقول تڏهوڪي آرمي چيف جنرل اسلم بيگ جي حڪم تي 1990 وارين عام چونڊن دوران پيپلز پارٽيءَ کي شڪست ڏيارڻ لاءِ پنهنجي پسنديده سياستدانن ۽ پارٽين کي پيسي ۽ انتظامي حوالي سان مدد ڏيڻ جو معاملو هجي، سول عسڪري لاڳاپا خراب رهيا آهن ۽ اهي ڪنهن پئي خراب ڪيا آهن سا به سڀ ڪنهن کي خبر آهي پر اسان جي هن دور ۾ جهڙي نموني هڪ ٻئي خلاف ايترو کلم کلا ڳالهه ڪئي پئي وڃي سا بي مثال آهي ۽ صحيح معنى ۾ اهو عمران خان جو ڪمال آهي جنهن عملي طور تي ثابت ڪيو آهي ته ڪا به ڳئون مقدس نه هوندي آهي. جنهن اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪمري ۾ هاٿي آهي ته هجي پيو، اسان کي پوءِ به مٿس تنقيد ڪندي ڪو ڀئو ڀولو ڪونهي.
پاڪستان جي سياسي صورتحال بحران واري آهي پر معاشي صورتحال ان کان به بري آهي. معاشيات جي حالت اها آهي ته اها ڪنهن به دعا تعويذ سان سڌرڻ جو نالو نه ٿي وٺي. موجوده قومي اسيمبلي جڏهن کان وجود ۾ آئي آهي اسان ڇهون ڀيرو ناڻي جو وفاقي وزير مٽائي رهيا آهيون. انهن ڇهن منجهان ٽي ته رڳو هن سال ئي تبديل ٿيا آهن. ان منجهان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خراب معاشي صورتحال اسان کي ڪيترو سوڙهو ڪيو آهي ۽ ڪنهن هڪڙي ماهر ماڻهوءَ تي ڀاڙڻ واري اسان جي مجبوري اسان کان ڪهڙا ڪهڙا فيصلا پئي ڪرائي.
تازي مِينهن ۽ ٻوڏ کان پوءِ حڪومتي اندازا اهي آهن ته ترقيءَ جي شرح 5 سيڪڙو کان گھٽجي وڃي 2 سيڪڙو بيهندي. هڪ اهڙو ملڪ جيڪو اڳي ئي قرض ۾ ٻڏل ۽ هر پل وڌندڙ مهانگائيءَ هٿان پريشان هجي ان لاءِ اها ڪا سٺي خبر ڪانهي. ان بحران منجهان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڊار صاحب کي درآمد ڪيو ويو آهي پر ان وٽ به اهڙي ڪهڙي گدڙ سنگهي آهي جو ايندي ئي مسئلا حل ڪري وٺندو. ڇا پاڪستان ۾ اسحاق ڊار پهريون ڀيرو ناڻي جو وزير پيو ٿئي؟
هن وقت پاڪستان 32 ارب ڊالرن جي برآمد ۽ 80 ارب ڊالرن جي درآمد ڪري رهيو آهي. معيشت جي اصولن ۾ واپار جي انهن ٻنهي صورتن ۾ جيڪو فرق آهي اهو يا ته نه هجي يا معمولي هئڻ گھرجي تڏهن توهان جي معيشت صحيح رستي تي هلندي پر جيڪڏهن توهان جي برآمدي واپار جا انگ اکر وڌيڪ آهن ته توهان تيزيءَ سان خوشحال ٿيندا ويندا. اسان جي ملڪ ۾ ان جي ابتڙ ڪم پيو هلي يعني گذرندڙ وقت سان اسان ڪمايون گھٽ کائون گھڻو ٿا. دنيا کي وڪرو ڪري ڏيڻ لاءِ اسان وٽ سامان تمام ٿورو آهي جڏهن ته انهن کان خريد ڪرڻ لاءِ اسان جون گهرجون ۽ شوق تمام بلند آهن پوءِ ڀل هڙَ ۾ ڏوڪڙ هجي توڙي نه. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڊالر جي قيمت اسان جي سوا ٻه سئو روپين کان به وڌيڪ آهي جيڪا 1960 واري ڏهاڪي ۾ پنج روپين کان به گھٽ هئي. ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ اسان سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ جا عادي هئاسين. پنهنجي موجود وسيلن مطابق زندگي گذاريندا هئاسين. بعد ۾ اسان اها پاليسي اختيار ڪئي ته جيڪڏهن اسان وٽ ڏوڪڙ ڪونهن ته وياج تي قرض وٺنداسين، گهر جا ٽپڙ کپائينداسين پر عياشي ضرور ڪنداسين. الائي ڇا حياتي! دل کي سِڪايون ڇالاءِ؟ خواهشون اڻ پوريون ڇو رهڻ ڏيون؟
عالمي طور تي ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري دنيا انتهائي خطرناڪ صورتحال سان منهان منهن آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گتريس جي تقريرن منجهان ظاهر ٿي رهيو آهي ته مِينهن، ٻوڏ، طوفان، ڏڪار، پاڻيءَ جي کوٽ، جر جي پاڻيءَ جو سڪڻ ۽ کٽڻ سميت تمام گھڻيون تباهيون ۽ بربادي دنيا جي مٿي ۾ لڳي وئي آهي جنهن ڪري دنيا جمهوري ادارن ۽ خود سرمائيداراڻي جمهوري سرشتي کان مايوس ٿيندي پئي وڃي. جِي 20 ۾ شامل ملڪن پاران دنيا جو اسي سيڪڙو ڪاربان پيدا ڪيو وڃي ٿو. پر ان جي ڪري جيڪا ماحولياتي تباهي ٿئي ٿي اها انهن ملڪن بدران غريب ۽ ٽِين دنيا جي پٺتي پيل ملڪن کي ڀوڳڻي پوندي آهي. ان ڪري اقوامِ متحده جي سيڪريٽري جنرل، جيڪو شايد هڪ شريف ماڻهو آهي، چيو آهي ته انهن آسودن ملڪن ۽ ماحوليات کي خراب ڪري منافعو ڪمائيندڙ ڪمپنين ۽ ڪارپوريشنن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ گھرجن ته جيئن ان رقم منجهان متاثر ملڪن جي نقصان جو حساب برابر ڪري سگهجي. هڪ اندازي مطابق ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري 2030 تائين ٿيندڙ نقصان 290 کان 580 ارب ڊالر تائين پهچي ويندو. پٺتي پيل ۽ ترقي پذير ملڪن جي پيداواري سگهه 2030 تائين 19.6 سيڪڙو جڏهن ته 2100 تائين 63.9 سيڪڙو گھٽجي ويندي.
حساب ڪتاب موجب پاڪستان دنيا اندر ماحول دشمن گيسون پيدا ڪرڻ جي معاملي ۾ فقط هڪ سيڪڙو ذميوار آهي جڏهن ته ماحولياتي تباهيءَ ڪري متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ اهو ستين نمبر تي آهي. يعني ڪري ڪوئي ڀري ڪوئي.