ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مدادي سامان ۾ ٺڳين ۽ ڦرلٽ جا قصاا

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

آگسٽ ۽ سيپٽمبر وارن ٻنهي مھينن ۾ وڏ ڦڙن وسڪارن بيشڪ سڄي ملڪ ۾ بربادي ڪري کربن ۽ پدمن جو نقصان رسايو پر اسان وٽ سنڌ ۾ سڀني صوبن کان وڌيڪ تباھي ان ڪري ٿي آهي جو پاڻيءَ جي وهڪرن جا قدرتي لنگهه سالن کان بند پيل آهن. انهن لنگهن کي ڍورا چئبو آهي، جن تي به قبضا ڪري سردارن ڀوتارن ۽ ھر دور جي سگهارن ماڻهن پنهنجون پنهنجون ڪيٽيون ٺاهي پوکون ڪيون ۽ گهڻن ته پلاٽنگ ڪري مال ڪمايو. آئون دعوى سان چوان ٿو ته هيڏي وڏي تباهي ۽ لکين سنڌين کي دربدر ڪرڻ جو نوي سيڪڙو ذميوار ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ سالن کان غرق ٿيل آبپاشي کاتو ۽ ان جا گهڻي ڀاڱي عملدار آهن.
حقيقت هيءَ آهي ته 2010ع واري مھاٻوڏ مھل آبپاشي کاتي جو وزير مراد علي شاهه ھو، جنھن کي تڏهوڪي صدر آصف علي زرداري ھڪدم هٽائي ڇڏيو ۽ سندس جاءِ تي ڄام سيف الله ڌاريجي کي وزير مقرر ڪيو ويو. ھڪ سال کان پوءِ اتفاق سان 2011ع ۾ به مينهوڳي جي مند ۾ وڏ ڦڙن وسڪارن ٻيھر تمام گهڻي بربادي ڪري ڇڏي. صدر زرداري ڪجهه مھينن کان پو ٻئي وزير کي به گهر اماڻي ڇڏيو. 2012ع کان وٺي 2019ع تائين پورا ست سال سنڌ جي شهه رڳ جھڙو ھي ڊپارٽمينٽ بنا ڪنهن وزير جي پاڻمرادو ايئن پئي ھليو ڄڻ ڪو گهوسٽ منسٽر ھلائيندو ھجي!
ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ جا اگهه وڌي ويا. بازارن ۾ ھوڪا لڳڻ شروع ٿي ويا. ٽاڪ آف دي ٽائون بڻجي ويل ڳالهيون ٻڌيوسين ته فلاڻي چيف انجنيئر جي پوسٽنگ ھيترن ڪروڙن ۾ يا فلاڻي ايس ڊي او جي ھيترن لکن ۾ مقرري ٿي آهي. ھن بدنام ترين کاتي ۾ رشوت جا قصا ته ھونئن ئي عام جام هئا پر بنا ڪنهن وزير جي جنهن گهوسٽ منسٽر اگهن کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو سو ڪئين سالن تائين سنڌ جي ماڻهن کي ڏسڻ ۾ نه آيو.
۽ ٻه اڍائي سال اڳ جڏهن ظاهر ٿيو ته ھو پنھنجي اصل ضلعي نوابشاهه بدران ٺٽي ضلعي جو وائسرا بڻجي چڪو هو. ٺٽي ضلعي جا سمورا وڏيرا، سردار، ڀوتار، پير مير ۽ وڏا وڏا ٺيڪيدار سندس سلامي ڀرين پيا. ھن ھڪڙي شخص انگريزن جي ٺاهيل زبردست آبپاشي سرشتي کي چئن سالن اندر اڏوهي وانگر کائي کائي مڪمل طرح کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي طور اسان جي سرسبز سنڌ اڄ ھڪڙي سمنڊ جيڏي ڍنڍ ۾ بدلجي چڪي آهي. ڪروڙين وطن واسي بي گهر ۽ بي يارو مددگار ٿي رستن تي بک ۽ بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. جيڪو امدادي سامان ملڪ اندران توڙي ٻاهرين ملڪن مان اچي رهيو آهي، سو ھر ھڪ تعلقي جي ڪنهن خاص لاڏلي جي اوطاق يا گودامن ۾ لڪائي ٿا ڇڏين. ضرورتمند ۽ حقدار ٻوڏ سٽيلن سان پينو فقيرن جيان ٿيندر بدسلوڪيءَ جون وائرل ٿيل ويڊيوز ڏسي جڏهن ڪوبه فرض شناس مقامي آفيسر يا جج صاحب ان وڏيري يا اسيمبلي ميمبر جي گودام تي ڇاپو هڻي چوري ڪيل سامان پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي ھڪدم اتان هٽائي ٿا ڇڏين! اھڙي بي انصافي جو شڪار ٿيل ھڪ خدا ترس اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي ھاڻوڪي ڏکوئيندڙ صورتحال بابت جيڪا حقيقت هڪڙي خط ذريعي لکي آهي سا پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي اڄوڪي ڪالم ۾ شامل ڪريان ٿو:
“آئون سنڌ جي ھڪ تعلقي جو اسسٽنٽ ڪمشنر، ميرٽ تي سي ايس ايس جو وفاقي امتحان پاس ڪري ھن عھدي تي مقرر ٿيل آهيان. ٻوڏ ستايل انسانن جي امدادي ڪاررواين ۾ ھر طبقي جي ماڻهن سان منهنجو اٿڻ ويهڻ ٿيندو آهي. انهن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر، يونين ڪائونسل جا عھديدار، ننڍا وڏا زميندار، واپاري، مزدور، ھاري، شاگرد، اخباري نمائندا، وڏيرا، سردار، ڪامورا ۽ گهريلو عورتون (جيڪي هاڻي بدقسمتي سان مفلسي ۽ غريبي جي ڪري رستن جي پاسن کان خانه بدوشي واري زندگي گذاري رهيون آهن) شامل آهن جن سان لھه وچڙ کان پوءِ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته اسان جي قوم تي برپا ٿيل ھاڻوڪي بربادي کان به وڌيڪ ھڪ ٻي مصيبت آهي، جيڪا ايڏي گهري آهي جيئن اسان جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت! منهنجي پوسٽنگ جنهن تعلقي ۾ آهي اتي حالتون ھن ريت آهن:
منهنجي تعلقي جي ڪل آبادي آهي پوڻا ٽي لک ۽ گهڻي قدر ڳوٺ ئي ڳوٺ آهن. انهن مان اسي سيڪڙو انسان پنهنجن ٻارن ٻچن سميت بي گھر ۽ فاقن ۾ آهن. سندن گهر تڙ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ايتري وڏي انگ ۾ بکين ماڻهن لاءِ مون کي جيڪو راشن ۽ تنبو وغيره ملن ٿا، سي فقط ساڍا ٽي هزار ماڻهن جيترا ھوندا آھن ۽ باقي خدا جي خلق خدا جي آسري بکن ۾ پاهه ٿيندي ڏسان ٿو. جيئن ئي راشن تنبو کڻي ڪا گاڏي اچي ٿي ته ٻئي ڏينهن صبح ساڻ موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي اھڙا چھرا منهنجي آفيس ۾ پھچي مطالبو ڪندا آهن ته اسان پارٽي جا اڳواڻ ۽ چڱا مڙس آهيون، هي سامان اسان ورھائينداسين. سندن بدسلوڪي مان محسوس ٿيندو آهي ته هي راشن مافيا آهن. هنن کي مجبور ۽ ڏڪار سٽيل انسانن سان ڪابه ھمدردي ناهي. باقاعدي ڦورن وانگر آفيس تي حملو ڪري سامان ڦري کڻي ويندا آهن. ٻوڏ ستايل ڳوٺاڻن کي ڪجهه به نصيب نه ٿيندو آهي. انهن جي گم ٿي وڃڻ کان پو وري حڪومت جي مخالف پارٽين وارا آفيس تي نازل ٿي دليل ڏيندا ته پ پ وارا اسان جي ووٽرن کي ڪک به نه ٿا ڏين. اسان کي به راشن ڏيو نه ته ڌرڻو هڻي احتجاج ڪنداسين.
کين ٿڌو ڪرڻ ۽ سندن ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ آفيس جا ٻيا ڪم ته رلي ويندا آهن ۽ تمام گهڻو وقت اجائي ڳالهه ٻولهه ۾ ضايع ٿيندو آهي. نيٺ هنن لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ڪري سندن احتجاج ختم ڪرائڻو پوي ٿو. شرم وچان ڏڪار جي ماريل بکين ڳوٺاڻن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق به نه ٿا ھجون. منهنجي خيال ۾ ھنن سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جنهن طريقي سان اسان جي آفيس تي ڳجهن وانگر لامارا پئي ڏنا تيئن سنڌ جي ٻين ضلعن ۽ تعلقن ۾ به سرڪاري ملازمن کي بيوس ۽ لاچار ڪري اصل حقدارن سان ناحق ضرور ڪندا هوندا.
اڃا ھنن سياسي پارٽين جي اڳواڻن مان ڪڪ ٿي ٿورو ساهه کڻڻ لاءِ آفيس ۾ ويهندا ئي مس آهيون ته ٽيون ٽولو به اوچتو ٺڪاءُ اچي ڪندو آهي. ويچارا پاڻ کي صحافي سڏائيندا آهن ۽ پري پري کان سفر ڪري سامان مان پنهنجو حصو گهرڻ شروع ڪندا آهن. جڏهن کين سچ چئبو ته اسان کي جيترو راشن ۽ ٻيو سامان مليو سو ته پورو ٿي ويو. چوڌاري نظر گهمائي بکايل ٻچڙن ۽ مائرن ڀينرن جي منهن تي اداسي ۽ مايوسي ڏسي ڪا سچي اسٽوري ڇاپيون ته اخبارن کي لکي موڪليو ڇڏين، فلاڻو اسسٽنٽ ڪمشنر سڄو مال ڳڙڪائي ويو وغيره وغيره.
يعني جيڪو سرڪاري عملدار هنن صحافين کي خوش نه ڪري سو ڪرپٽ آهي ۽ ھي ويچارا بي باڪ ۽ ساڌ پاڪ آهن. منهنجي نظر ۾ اھڙن بليڪ ميلر صحافين ھن مقدس شعبي کي بدنام ۽ داغدار ڪري ڇڏيو آهي.
ھتي مان اھو واضح ڪندو هلان ته سمورا صحافي ھڪ جھڙا نه آهن. انهن ۾ ڀلا به ڏٺم جيڪي تعلقي انتظاميا جي ڪوتاهين بابت خبرون ڇاپڻ سان گڏوگڏ سندن سٺي ڪم جي ساراهه به لکندا هئا. باقي قلم فروش صحافين جو انگ گهڻو آهي، جيڪي بي بنياد الزام هڻي اسان کي ھيسائي، ٻوڏ متاثر ماڻهن جي سامان مان پنهنجو حصو وٺڻ ضروري سمجهندا هئا. شايد سندن سوچ اها هئي ڄڻ پنهنجو حق گهرندا ھجن. اسان جي علائقي ۾ هڪڙو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر اهڙو باوقار انسان به ھو جنھن ڪڏهن به راشن تنبو يا مڇردانيون وغيره نه گهريون ۽ نه ئي انتظامي معاملن ۾ ڪا رنڊڪ وڌائين.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تمام گهڻا آفيسر تر جي ايم اين اي يا ايم پي اي جي حڪم جا غلام بڻجي سندن فرمانبرداري ڪندا آهن، جنهن ڪري به امدادي سامان کان اصل حقدار محروم ٿي ويندا آهن.
ٻي اهم ڳالهه هيءَ به ٻڌائي ڇڏيان ته جڏهن به ڪنهن ٽرڪ ۾ راشن جا ھڪ ھزار ڪٽا ايندا هئا ۽ پنهنجي ماتحت اسٽاف مان ڪنهن تپيدار جي ڊيوٽي لڳائيندو ھئس ته سامان ڳڻي محفوظ ڪريو ته ھو پنھنجو فرض پورو ڪري فون تي اطلاع ڏيڻ مھل چوندا هئا ته سائين امانت محفوظ ڪري ورتم باقي راشن جا ڪٽا ھڪ ھزار نه پر 940 نڪتا. ٻيو ڪو حڪم هجي ته ٻڌايو! مان پاڻ جڏهن به سامان لاهڻ جي نگراني ڪئي ته ھميشه پورو انگ نڪرندو هو جنهن مان خبر پئي ته تپيدار ھيرا ڦيري ڪيئن ڪندا آهن.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button