عالمي

سامونڊي طوفان فلوريڊا سان ٽڪرائجي ويو، لکين ماڻهو بجلي کان محروم، اسڪول ۽ اڏامون بند

آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ “آئن” نالي سامونڊي طوفان وڏو نقصان پهچايو آهي، لکين ماڻهو بجلي جي سهولت کان محروم ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سامونڊي طوفان “آئن” آمريڪي رياست فلوريڊا سان ٽڪرائجي ويو آهي، طوفان سبب هوائن جي رفتار 150 کان 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو بجلي کان محروم ٿي چڪا آهن. سامونڊي طوفان جي گهيري ۾ آيل رياست ۾ حادثن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن، جڏهن ته رياست ۾ اسڪول بند ۽ اڏامون معطل ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button