اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ڪي اليڪٽرڪ لا بجلي 4 رپيا 21 پئسا سستي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد : نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي سستي بجلي جي پيداوار لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيس جي شنوائي نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي صدارت ۾ ٿي. ان دوران چيو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ في يونٽ بجلي 4 رپيا 21 پئسا سستي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي، جنهن تي نيپرا ميمبر انجنيئر مقصود انور چيو ته ڪي اليڪٽرڪ نيشنل گرڊ کان سستي بجلي وٺندو آهي ۽ پنهنجي بجلي مهانگي ٺاهي رهيو آهي. نيپرا چيئرمين ريمارڪس ڏنا ته ڪي اليڪٽرڪ نيشنل گرڊ مان بجلي 13 رپيا 61 پئسا ۾ وٺي رهيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي بجلي 37 رپين کان وڌيڪ ۾ ٺاهي رهيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ نيشنل گرڊ جي ڀيٽ ۾ 24 رپيا في يونٽ مهانگي بجلي ٺاهي رهيو آهي، ائين ڪيئن بجلي سستي ٿيندي؟ نيپرا ميمبر چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي بجلي ٺاهڻ جي لاڳت گهٽ ڪري ته واهپيدار کي 6 رپيا في يونٽ رليف ملندو. نيپرا چيئرمين ڪي اليڪٽرڪ کي سستي بجلي جي پيداوار لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نيپرا اختيارين چيو ته آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي 4 رپيا 87 پئسا في يونٽ سستي ٿيندي. جڏهن ته نيپرا چيئرمين چيو ته اسان ڪراچي جي واهپيدارن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ کليل ڪچهري ڪنداسين. ڪي اليڪٽرڪ اختيارين چيو ته پورٽ قاسم پاور پلانٽ جي يونٽ ون ۾ خرابي آئي آهي، ٽيمون ان تي ڪم ڪري رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button