اسلام آبادپاڪستان

واهپيدارن کي کاڌو پچائڻ وقت گئس فراهم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف گهريلو واهپيدارن کي کاڌو پچائڻ وقت گئس جي بنا وقفي فراهمي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ گئس جي صورتحال تي هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي، اسحاق ڊار، مصدق ملڪ ۽ احد چيما شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سياري دوران امڪاني گهرج ۽ پهچ، موجوده حڪمت عملي ۽ ايندڙ مهيني گئس فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ پلان جوڙڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم سياري ۾ گئس جي امڪاني گهرج کي ڏسندي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عمران حڪومت ڪرونا دوران عالمي مارڪيٽ ۾ سستي گئس مان فائدو نه کنيو، وقت تي گئس خريد نه ڪري قوم سان وڏو ظلم ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل حڪومت جي غلط فيصلن جي سزا سڄي قوم ڀوڳي رهي آهي. مان گذريل حڪومت جيان بدانتظامي ۽ غفلت قبول نه ڪندس، معيشت ۾ بارودي سرنگهون وڇائيندڙ هر شعبي تي آپگهاتي حملو ڪري غريب جي چيلهه ڀڃي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته حڪومت انگن اکرن ۽ ڳالهين بدران عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، گهريلو واهپيدارن کي کاڌي جي وقتن ۾ گئس جي بنا وقفي فراهمي جاري رکي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button