اسلام آبادپاڪستان

نواز شريف سرخرو ٿيو،عمران ۽ ان جو ڪوچ آڊيو ليڪس ۾ ملوث آهن:مريم نواز

اسلام آباد :مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بري ٿيڻ بعد الله جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اڄ عمران خان ناڪام ۽ نواز شريف سرخرو ٿي ويو آهي. عمران خان ۽ ان جو ڪوچ آڊيو ليڪس ۾ ملوث آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ڇهن ورهين تائين هلندڙ ڪيس ۾ رڳو ڪوڙ ڳالهايو ويو، اڄ الله عزت سان سرخرو ڪيو. عمران خان کي جواب ڏيڻو پوندو ته هن ڪوڙ ڇو ڳالهايو ۽ بهتان ڇو مڙهيو. جنهن شخص اهو ڪوڙ ڳالهايو اڄ ان جو منهن ڏسڻ چاهيان ٿي، اڄ الله کيس ناڪام ۽ ڪوڙو ثابت ڪيو، نواز شريف جلد ڏيهه واپس ورندو. پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي مريم نواز چيو ته عمران خان هڪ بيوس شخص آهي، هن ڪيس جو بينيشفري ڪير آهي سڀ خبر آهي. هو بيساکين تي هن ڪيس ذريعي آيو، جيڪي سندس ڪوچ آهن انهن جو ڪم به ختم آهي. آمريڪي سائفر بابت آڊيو ليڪ جي سوال تي مريم نواز چيو ته وزيراعظم جي ڪمري ۾ ويهي ٻن شيطاني دماغن ڪوڙ گهڙيو، ان معاملي تي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گهرجي. عمران خان، اعظم خان، شاهه محمود قريشي ۽ سفير اسد مجيد کي سڏائي کانئن پڇاڻو ڪيو وڃي ته هنن ڪيئن ملڪ خلاف اهڙي قسم جي ڪريل راند کيڏي. جيڪڏهن اسان جاچ نٿا ڪري سگهون ته پوءِ اسان کي اکيون بند ڪري ڪمبل اوڍي سمهي پوڻ گهرجي. هن چيو هڪ همراهه مذهب ڪارڊ کيڏندو رهيو، حڪومت سميت سمورا ادارا اهو تماشو ڏسندا رهيا پر ڪنهن کيس ڪجهه نه چيو، وٽس اهڙي ڪهڙي شيءَ آهي جو کيس ايتري ڇوٽ مليل آهي، هو سنگين کان سنگين ڏوهه ڪري به بچي ٿو وڃي. پنهنجي وڊيو بابت سوال تي مريم نواز چيو ته جڏهن مان نيب جي حراست ۾ هيس ته انهن منهنجي وڊيو ٺاهي هئي، نائٽ سوٽ ۾ هيس. جيڪڏهن هو منهنجي وڊيو ريليز ڪن ٿا ته اها انتهائي شرم جوڳي ڳالهه هوندي ڇاڪاڻ ته قيدين جا به حق هوندا آهن. عمران خان طرفان ناٺي لاءِ ڀارت مان مشينري گهرائڻ واري الزام تي مريم نواز چيو ته عمران خان جي ڪنهن ڳالهه جو جواب ڏيڻ نه چاهينديس، پر شرم عمران خان کي اچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته منهنجي ناٺي جي مشينري سندس حڪومتي دور ۾ آئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button