
ملڪ ۾ 2022ع جي برساتن، سيلاب جي سببن ۽ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ ان جي ازالي يا پورائي ۽ مشڪلاتن جي حل جي حوالي سان هن وقت سموري ملڪ، اقوام متحده ۽ عالمي ادارن ۾ تمام گهڻي ڳڻتي ۽ مسئلن جي حل بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪئي پئي وڃي ۽ دنيا جون قومون ۽ عالمي ادارا پنهنجو اخلاقي، انساني فرض ۽ ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي جي سڀ کان وڌيڪ نقصانن تي عالمي ضمير جي سجاڳي تمام گهڻي ساراهه وارو عمل ٿيو آهي. خاص طور تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو هاڻوڪو دورو ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڃي تباهي جا منظر پنهنجي اکين سان ڏسڻ بعد هن عالمي سربراهه جهڙي ريت سموري دنيا کي سجاڳ ٿيڻ پنهنجي ڪوتاهين ۽ موسميات ۽ ماحوليات جي نظام جي ٿيل تباهي ۽ پاڪستان جو سندن گناهن جو شڪار ٿيڻ وارو جيڪو علم بلند ڪيو ۽ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن اهي يقينن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ وڏو مثال بنجي ويو آهي. جڏهن ته، ٻوڏ ۽ برساتن جي هاڃيڪارين سبب هن بدنصيب ملڪ جي 22 ڪروڙ آبادي تي مشتمل هڪ وڏو ملڪ هئڻ سان گڏوگڏ سندس ايٽمي طاقت ۽ دنيا جي هڪ وڏي فوج واري ملڪ کي سنڀالڻ وارا معاملا پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن.
گڏيل قومن جي خاص مدد ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان دنيا جو ماحول اسان جي ملڪ کي مصيبتن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. عالمي بئنڪ طرفان سنڌ سرڪار کي ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي حوالي سان هارين جي امداد ۽ بحالي لاءِ، 323 ملين ڊالر ڏيڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن گهرن جي اڏاوت جو منصوبو شروع ڪرڻ لا، 110 ارب رپيا مهيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن رٿا لاءِ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ اسپيشل يونٽ قائم ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر تاجي بنهاسين جي سربراهي ۾ ٻنهي پاسي جي وفدن وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب، ڪراچي ۾ روڊن ۽ رستن جي تعمير لاءِ پڻ عالمي بئنڪ سان ڳالهيون ٿيون آهن ۽ ڪراچي جي روڊ رستن جي اڏاوت، سيوريج لائنن جي تبديلي ۽ ٻين بنيادي ڪمن لاءِ، 25 ارب رپين جا منصوبا ٺاهيا ويا آهن. جنهن جي روڊ رستن واري 13 بلين ڊالرز جي منصوبن لاءِ عالمي بئنڪ طرفان 6 ارب ڊالرز ڏيڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ باقي 7 ارب ڊالرن جي حاصلات لاءِ ٻين ادارن سان پڻ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. وڏي وزير موجب هن هارين کي ڀاڻ ۽ ٻج جي صورت ۾ مدد مهيا ڪرڻ لاءِ، 30 ارب رپين جو منصوبو تيار ڪيو آهي ته جيئن سنڌ جي زرعي صنعت کي وري بحال ڪري سگهجي.
سموري ملڪ ۾ ٿيندڙ برساتن ۽ ٻوڏن واري ٻن مهينن جي عرصي ۾ سنڌ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿيون جيڪي سوا سئو ملي ميٽر جي اڳڪٿي کان ڇهوڻي وڌيڪ 600 ملي ميٽر کان به وڌيڪ برساتون لڳاتار ٿيون، جنهن سنڌ صوبي ۾ وڏي تباهي آندي ۽ ملڪ جي مٿين علائقن خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ بلوڇستان جي برساتن پڻ اڳتي وڌي سنڌ کي ئي ٻوڙيو. هنن هاڃيڪارين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اربين رپيا ماليت جا بيٺل فصل ۽ ٻج ٻڏي ويا ۽ هزارين چوپايو مال پڻ سيلاب ۾ لڙهي ويو، ان ريت سنڌ جو 80 سيڪڙو علائقو ٻوڏ جو شڪار ٿيڻ ڪري سنڌ جي زرعي معيشت پڻ تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي. لکين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا يا انهن ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو جنهنڪري هو پنهنجو سمورو سامان ٻڏل گهرن ۾ ڇڏي بي گهر ۽ دربدر ٿي روڊن ۽ رستن تي اچي ويا آهن. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته، سنڌ ۾ ٿيندڙ هاڻوڪي ٻوڏ، سال 2010ع واري ٻوڏ کان گهڻو وڏي ۽ تباهي جي حساب سان تمام وڏي هاڃيڪار ثابت ٿي آهي. ملڪ ۾ آگسٽ کان سيپٽمبر 2022ع تائين برساتن ۽ سيلاب جي تباهه ڪارين وڏي پيماني تي تباهي ڪئي آهي، جنهن سان سموري ملڪ جو بنيادي ڍانچو وڏي تباهي جو شڪار ٿيو آهي. گڏيل طور تي ساڍا 3 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ لکين بي گهر ٿي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن ۽ آهن. هنن تباهه ڪارين ۾ ملڪ جا 30 ارب ڊالر ماليت کان وڌيڪ جو نقصان الڳ ٿيو آهي.
ٻئي پاسي، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ وڏي پيماني تي مختلف مرض ۽ بيماريون پکڙي رهيون آهن ۽ انهن جي صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي واري ٿي وئي آهي. صوبائي صحت کاتي جي گذريل ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، دادو ضلعي ۾ مليريا، ڊائيريا ۽ گيسٽرو سبب 40 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته هڪ مهيني دوران مختلف مرضن ۾ مبتلا ٿيل مريضن جو تعداد هڪ لک 96 هزار 724 ٿي چڪي آهي، اهو تعداد انهن مريضن جو آهي جيڪي سرڪار جي رڪارڊ ۾ درج ٿيا آهن پر يقينن رڪارڊ کان ٻاهر پڻ مريضن جو هڪ وڏو تعداد موجود هوندو جيڪي پنهنجي زندگي ۽ جياپي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هوندا ۽ واهر لاءِ واجهائي رهيا هوندا.
هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ جي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي اقوام متحده ۽ عالمي ادارن طرفان ملندڙ سهڪار ۽ تعاون کي ڪارائتو بنائڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ جو شڪار علائقن مان بنادير پاڻي نيڪال ڪري متاثرن کي اتي آباد ۽ بحال ڪيو وڃي ۽ انهن جي نقصانن جو پورائو ڪيو وڃي. هارين جا سمورا قرض معاف ڪيا وڃن ۽ کين فصلن لا بنا وياج وڌيڪ رقمون مهيا ڪيون وڃن ۽ ٻج ۽ ڀاڻ جون سهولتون ڏنيون وڃن. متاثرن کي سندن گهر ٺاهي ڏنا وڃن ۽ سندن اولاد ۽ نوجوانن کي انهن جي چوڻ موجب شهرن جي تعليمي ادارن ۾ مفت تعليم ڏني وڃي ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ٿيندڙ ٻوڏ متاثرن کي اسڪولن مان محفوظ ڪئمپن ۾ منتقل ڪري اتي انهن کي گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۽ بينظير يوٿ ڊولمپينٽ پراجيڪٽ، زيبسٽ ۽ گهريلو صنعت سان لاڳاپيل هنرن جي تعليم ڏئي اوليت جي بنياد تي روزگار مهيا ڪيو وڃي ۽ ٻوڏ جو شڪار علائقن ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تحت قدم کنيا وڃن. دنيا جي قرضن ۾ ٻڏل 22 ڪروڙ آبادي وارو اسانجو وڏو ملڪ جيڪو هڪ ئي وقت معاشي، سياسي ۽ سماجي بحرانن جو پڻ شڪار هجي ۽ عالمي مالياتي ادارن جي رحم ڪرم تي هلي رهيو هجي ۽ جنهن ملڪ کي پنهنجي قسمت ۽ جياپي جون رٿابنديون ڪرڻ ۾ پڻ آزادي حاصل نه هجي انهي ملڪ تي موسمياتي تباهين جي صورت ۾ دنيا جون اڻ ڳڻيون مصيبتون ۽ آفتون ڪڙڪي پون ته اهڙي صورتحال ۾ اسان جهڙي ملڪ جو پنهنجي پيرن تي بيهي وڃڻ ۽ اقوام متحده عالمي ضمير ۽ ادارن جو ائين اوچتو ڀرجهلو ۽ مددگار ٿي پوڻ يقينن هڪ معجزي واري صورتحال معلوم ٿي رهي آهي. ظاهر آهي ته قرضي ۽ مجبور ملڪن کي پنهنجي مستقبل جي معاملن ۾ مختلف قسم جي محتاجين کي سهڻو ۽ ڀوڳڻو پوندو آهي ۽ پنهنجي آزادي تان به هٿ کڻڻو پوندو آهي پر ڪوشش اها ڪئي وڃي ته، هن وقت دنيا جون سموريون قومون اسان سان همدرد آهن ۽ اقوام متحده جي ڏنل ذميوارين تحت اسان جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪرڻ چاهين ٿيون ته انهي موقعي کي پنهنجي ملڪ جي وڌ ۾ وڌ بهتري ۽ دنيا جي قرضن کان نجات ۾ تبديل ڪرائڻ واريون ڪوششون ڪرڻ گهرجن، ٻوڏ جي حوالي سان سهڻي سنڌي ۾ چواڻي گهڻي مشهور آهي ته”سائين! ٻڏي جا ٻيڻا ٿيندا آهن” ڀلا هن ڀيري قدرت ٻوڙيو آهي ته تري نڪرڻ جا موقعا پڻ قدرت ئي مهيا ڪري ڏنا آهن جيڪڏهن عقل ۽ سمجهه کان ڪم ورتو ويو ۽ گهڻي محنت ڪئي وئي ته، ملڪ کي عالمي قرضن کان نه صرف نجات ملي سگهي ٿي پر ملڪ جي ٻيهر بحالي لاءِ مليل هن قيمتي موقعي کي ڪارگر بڻائي ملڪ کي وري پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو.