
ولاديمير لينن پيٽرسبرگ ۾ “پورهيت طبقي جي نجات لا جدوجهد جي ليگ” جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي. اها تنظيم روس ۾ مزدورن جي انقلابي پارٽي جي پهرين Embryo ثابت ٿي. شهري ضلعن ۾ ان جون شاخون موجود هيون ۽ وڏن ڪارخانن ۾ به ان جا نيوڪليئس هئا، ان ۾ انقلابي دانشور ۽ مزدور هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا. اصل ۾ ان تنظيم نه رڳو مارڪسي نظريو ڦهلايو، بلڪ ان پورهيت طبقي جي معاشي ۽ سياسي جدوجهد جي رهنمائي به ڪئي. ٻين روسي صنعتي شهرن ۾ به ان قسم جون ليگون قائم ٿيون، تڏهن به انهن ليگن، تنظيمن، انقلابي گروهن وچ ۾ ڪو ڳانڍاپو نه هو. حقيقت ۾ اڪثر هڪٻئي سان الجهيل رهندا هئا ۽ تحريڪ کي مختلف رخن ڏانهن ڇڪيندا رهندا هئا.
1898ع ۾ روسي سوشل ڊيموڪريٽن جي پهرين ڪانگريس منسڪ نالي شهر ۾ ٿي. ان ڪانگريس ۾ رڳو 9 نمائندن شرڪت ڪئي. (لينن ان ۾ شريڪ نه هو ڇاڪاڻ جو هو ان وقت جلاوطن هو) ان ڪانگريس هڪ منشُور ڇاپيو ۽ روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي جو اعلان ڪيو ۽ هڪ ٽن ميمبرن تي ٻڌل مرڪزي ڪميٽي قائم ڪئي وئي. تڏهن به حقيقت ۾ اها پارٽي اڃا به ڪا متحد ۽ سينٽرلائيزڊ تنظيم نه هئي. ڪانگريس کان پو به سوشل ڊيموڪريٽڪ تنظيمن وٽ ڪو واحد پروگرام ۽ قائدا ۽ ضابطا نه هئا. ان واقعي جي ستت پو مرڪزي ڪميٽي جي ٽن مان ٻه ميمبر گرفتار ٿي ويا، ۽ ايئن روسي سوشل ڊيموڪريٽن کي هڪ واحد رهنما نيوڪليئس کان محروم ڪيو ويو. اهڙي ريت پارٽي تنظيمي ۽ نظرياتي هيڪڙائي کان عاري رهي.
انهن ورهين دوران لينن پنهنجي سموري توانائي سچين انقلابين کي هڪ واحد متحد پارٽي ۾ جمع ڪرڻ تي صرف ڪري ڇڏي. ٽي سال سائيبيريا ۾ گذارڻ کان پو هو 1900ع ۾ پرڏيهه هليو ويو، ۽ اتي پليخانوف جي گروهه سان گڏجي اسڪرا نالي اخبار جي اشاعت شروع ڪري ڇڏي. ان اخبار ۾ پارٽي جي تخليق بابت لينن جي رٿائن جي مواد جي اشاعت کان سوا روس ۾ هڪ انڊرگرائونڊ غيرقانوني پارٽي جي تنظيم بابت بحث شروع ٿيا هئا.
اسڪرا ٽن سالن تائين سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقسيم ٿيندي رهي ۽ ان جي نتيجي ۾ روس جون سڀئي حقيقي انقلابي مارڪسي قوتون صفبند ٿيون. ان اخبار کي ورهائيندڙن روس ۾ انڊرگرائونڊ اسڪرا تنظيمون قائم ڪيون. بعد ۾ اهي ئي تنظيمون پارٽي جي ڪرنگهي جي هڏي بڻيون. ان وقت تائين اسڪرا جي نمائندن ۾ ڪيترائي مزدرو شامل ٿي چڪا هئا، جن يا ته انڊرگرائونڊ مطالعاتي حلقن ۾ مارڪسي لکڻين کي پڙهيو هو يا وري انهن جو پاڻ اڀياس ڪيو هو. گڏوگڏ انهن اهو به سکيو ته روس ۾ جدوجهد جي ٺوس حالتن تي مارڪسي فڪر کي ڪيئن لاڳو ڪيو وڃي.
اسڪرا جي پيروي ڪندڙن جي بي پناهه تيارين کان پو، 1903ع ۾ روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي جي ٻي ڪانگريس پرڏيهه ۾ ٿي. ان جي نتيجي ۾ لينن جي سربراهي ۾ هلندڙ مارڪسي فڪر جي حامل انقلابين ۽ ڀانت ڀانت جي موقعي پرستن ۾ سخت نظرياتي جدوجهد جي شروعات ٿي. اها جدوجهد روس جي انقلابي مارڪسي پارٽين جي اتحاد بابت نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿي ۽ هڪ آزاد مزدور پارٽي وجود ۾ آئي. اها پارٽي بنيادي طور هڪ نئين قسم جي سياسي پارٽي هئي. ڪانگريس پارٽي پروگرام ۽ قائدن کي منظور ڪيو ۽ بعد ۾ آر ايس ڊي ايل پي جي اعليٰ ادارن لا ٿيندڙ چونڊن ۾ انقلابي مارڪسين کي اڪثريت حاصل رهي. ان وقت کان انهن ماڻهن کي بالشويڪ (روسي ٻولي ۾ ان لفظ جي معنيٰ آهي اڪثريت) ۽ سندن نظرياتي مخالفن کي مينشويڪ (روسي ٻولي ۾ ان جي معنيٰ آهي اقليت) سڏيو ويو.
روس ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي عمارت جون پهريون سرون انهن دانشورن فراهم ڪيون جن پورهيت طبقي جي ڪردار کي سمجهندي ان طبقي جي طبقاتي موقف کي اختيار ڪيو. يعني اهي مزدور به ان ڪم ۾ شريڪ هئا، جن مارڪسي نظرئي تي عبور حاصل ڪري ورتو هو. لينن جي قيادت ۾ هلندڙ اهي مزدور ۽ دانشور ٻئي اهڙا ڪل وقتي انقلابي هئا جن ان ڪميونسٽ پارٽي جي تشڪيل ڪئي.
ايٿوپيا ۾ پورهيت عوام جي هراول پارٽي جي تنظيم بنهه مختلف انداز ۾ ٿي. انقلابي ذهن رکندڙ فوجي آفيسرن جي هڪ گروهه شنهشاهه هيل سلاسي اول خلاف بغاوت ڪري ڇڏي ۽ هڪ عبوري فوجي انتظامي ڪائونسل قائم (پي ايم اي سي) ڪري ڇڏي، جنهن ۾ اهي نوجوان آفيسر شامل هئا، جن کي ايٿوپيا جي قومي جمهوري انقلاب جي پهرين ڪجهه مهينن دوران ملڪ جي هٿياربند فوج چونڊيو هو. ان انتظامي ڪائونسل رياست جي اجتماعي قيادت سنڀالي ورتي ۽ ليجسليٽو جا سمورا اختيار به حاصل ڪري ورتا.
جڏهن اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته رڳو انهن سمورين پارٽين کي ڳنڍي جيڪي پاڻ کي مارڪسي لينني پارٽيون چون ٿيون، هڪ اهڙي متحد سينٽرلائيزڊ پارٽي جي تنظيم ممڪن نه آهي، جنهن جو هڪ رهنما مرڪز ۽ واحد پروگرام هجي ته انتظامي ڪائونسل ڊسمبر 1979ع ۾ ايٿوپيا جي پورهيت عوام جي پارٽي جي تنظيم لا هڪ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان مرڪزي ڪميشن کان سوا ٻين علائقن ۽ انتظامي وحدتن ۾ به اهڙن ئي ادارن کي قائم ڪيو ويو. ان ڪميشن ملڪ جي اهم ترين ترقي پسند قوتن کي متحد ڪري انهن جي ذمي هي ڪم ڏنو ته هو سائنسي سوشلسٽ نظرئي جي بنياد تي سرگرم پارٽي جو بنياد وجهن. 1980ع ۾ ڪميشن جي ڪانگريس ڪميشن جي اعليٰ ڪميٽين کي چونڊيو ۽ مينگستوهيل مريم کي ان جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو. انهن ڪارروائين جي نتيجي ۾ مستقبل جي پارٽي جي ڪرنگهي جي هڏي ظاهر ٿي. ڪانگريس ان نظام جي تدوين ڪئي، جنهن تحت پارٽي منظم ٿيندي ۽ ان ڪميشن ايٿوپيا جي معاشي ۽ سياسي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
)هلندڙ)