
ان وقت کان پو ڪميشن ٻه ڪانگريسون ۽ مرڪزي ڪميٽي جا 9 اجلاس منعقد ڪيا آهن. مرڪزي ڪميشن ميمبرن جي فهرست ۾ مزدورن ۽ هارين جي شموليت لا سرگرم ڪردار ادا ڪيو. مرڪزي ڪميشن پورهيت عوام کي سياسي تعليم ڏيڻ ۽ انهن ۾ مارڪسي لينني فڪر کي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪجهه سال پهرين مرڪزي ڪميشن جي مرڪزي ڪميٽي پنهنجي مرڪزي ترجمان “سرتو آدر” (پورهيت فرد) نالي اخبار کي شايع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. جنهن جا هڪ لک کان وڌيڪ شمارا هر روز شايع ٿي رهيا آهن. اها سياسي درسگاهن جي وسيع ڄار لا مواد شايع ڪري ٿي ۽ مرڪزي ڪميشن، ٽريڊ يونينن، نوجوانن ۽ عورتن جي تنظيمي سرگرمين بابت خبرون فراهم ڪري ٿي، جيڪي ان ڪميشن جي قيام ۾ ڪم ڪن ٿيون. “سرتو آدر” سائنسي ڪميونزم جي ڦهلا ۽ پروپئگنڊا جي هڪ ذريعي کان سوا پورهيت عوام جي تنظيم ساز به آهي ۽ ان ۾ هلچل به پيدا ڪري ٿي.
چئن سالن جي انتهائي سخت نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي پورهئي کان پو ئي اهو ممڪن ٿيو ته سمورين مقامي تنظيمن ۽ انتظامي ضلعن ۾ ان بنيادي پارٽي جا اجلاس ۽ ڪانفرنسون ٿين. انهن پنهنجين پنهنجين تنظيمن جون اعليٰ ڪميٽيون چونڊيون ۽ ايٿوپيا جي ورڪرز پارٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري ڪانگريس لا نمائنده چونڊيا.
ايئن ڪميشن جو ڪم 5 سيپٽمبر 1984ع تي ان وقت پنهنجي پڄاڻي تي پهتو جڏهن ڄاڻايل ڪانگريس ايٿوپيا جي ورڪرز پارٽي جي قيام جو اعلان جاري ڪيو. اها هڪ مارڪسي لينني پارٽي آهي جيڪا قوميت جو فرق رکڻ کانسوا سڄي ايٿوپيا جي پورهيت عوام جي پارٽي آهي، جيڪي سوشلسٽ هدفن کي تسليم ڪندي ان جي نفاذ لا جدوجهد ڪرڻ لا تيار آهن.
انگولا ۾ ايم پي ايل اي ورڪرز پارٽي کي ٿورو مختلف انداز ۾ ٺاهيو ويو. بيٺڪيتي آقائن کان انگولا جي آزادي جي جدوجهد “انگولا جي آزادي لا عوام جي تحريڪ” نالي (ايم پي ايل اي) هڪ تنظيم کي جنم ڏنو هو. ڊسمبر 1977ع تي ان تنظيم جي پهرين ڪانگريس هي ٺهرا منظور ڪيو ته ان عوامي تنظيم کي تبديل ڪري ان کي هڪ اهڙي پارٽي جي شڪل ڏني وڃي جيڪا مارڪسي لينني نظرئي کان رهنمائي حاصل ڪري ٿي. ايم پي ايل اي مزدور پارٽي جي قائدن ۽ ضابطن ۾ چيو ويو آهي ته “هي مزدور طبقي جي اهڙي پارٽي آهي جيڪا مزدورن، هارين، دانشورن ۽ پرولتاري جي آدرشن کي دل ۽ جان سان تسليم ڪندڙ پورهيت عوام کي هڪ واحد مضبوط اتحاد ۾ متحد ڪري ٿي ڇڏي.” ملڪ ۾ پارٽي جون تقريبن 2 هزار مقامي تنظيمون آهن. صوبن ۾ انهن تنظيمن جي قيادت صوبائي ڪميٽيون ڪن ٿيون. پارٽي جي قيادت انگولا جو صدر هوزي ايدواردو دوس سانتوس جي هٿن ۾ آهي. نوجوان تنظيمون جووينتودي ايم پي ايل اي (جي ايم پي ايل اي) سان ملحق آهن. اهڙي ريت انگولا ۾ به ايٿوپيا جيان مزدور پارٽي جي جدوجهد مارڪسي لينني نظرئي کان رهنمائي حاصل ڪئي.
اهڙي نموني ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽي جي تشڪيل به مختلف انداز ۾ ٿي. ان جي پهرين ڪانگريس 1975ع ۾ ٿي. تڏهن به 1959ع ۾ ڪيوبا جي انقلاب کان اڳ به ڪيوبا ۾ هڪ ننڍڙي ڪميونسٽ پارٽي موجود هئي.
ان جا بنياد ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم هئا ۽ ان جي نتيجي ۾ ڊڪٽيٽر فلجينيسيو بتستا جي آمريت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ بعد ۾ (1960ع جي سياري ۽ 1961ع جي اونهاري جي وچ ۾) اهو انقلاب واڌ ويجهه ڪري سوشلسٽ انقلاب جي صورت اختيار ڪري ويو. 26 جولا جي تحريڪ ۽ ريووليوشنري ڊائريڪٽري ٻنهي 1953ع ۾ بتستا خلاف ويڙهه شروع ڪري ڇڏي هئي. اهي ٻئي اهڙيون انقلابي جمهوري تنظيمون هيون جن سوشلسٽ انقلاب دوران قوت ۽ طاقت حاصل ڪري ورتي هئي. 1961ع ۾ فيڊل ڪاسترو جي اڳواڻي ۾ قائم انقلابي قيادت جي چوڌاري اهي ٽئي انقلابي تنظيمون مارڪسي لينني اصولن تي متحد ٿي ويون. ان اتحاد جي نتيجي ۾ ڪيوبا ۾ لاز آرگنائزيشنيز ريوليوشينرياز انتيگراڊس قائم ٿي. 1962ع ۾ ان جي نئين سر تنظيم ٿي ۽ اها يونٽي سوشلسٽ پارٽي آف ڪيوبا (يو ايس پي سي) جا نالي سان ڄاپجڻ لڳي. ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته يو ايس پي سي جي مرڪزي ڪميٽي ٺهي. پو ان ڪميٽي وڏن انقلابي ويڙهاڪن کي ميمبرشپ ڏئي انهن کي علائقائي پارٽي ڪميٽين جي ميمبرشپ ڏئي ڇڏي ۽ آخرڪار بعد ۾ ذڪر ڪيل ڪميٽين يو ايس پي سي جي صفن ۾ هيٺين سطحن جي انهن عام ميمبرن کي شامل ڪري انهن کي انقلابي جدوجهد ۾ جا ڏئي ڇڏي.
نون ميمبرن کي پورهيت عوام ۾ قبول ڪيو ويو هو. انهن جي درخواستن تي اڳتي وڌيل ميمبرن جي عام اجلاسن ۾ بحث ڪيو ويندو هو، ۽ جيڪڏهن اهو عام اجلاس ڪنهن جي درخواست جي حق ۾ سفارش ڪندو هو ته ضلعي پارٽي ڪميٽيون ان تي آخري فيصلو ڪنديون هيون.
آڪٽوبر 1965ع ۾ يونٽي سوشلسٽ پارٽي آف ڪيوبا جو نالو تبديل ڪري ان کي ڪميونسٽ پارٽي آف ڪيوبا جو نالو ڏنو ويو. 1975ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف ڪيوبا جي پهرين ڪانگريس پارٽي جي پروگرام ۽ تنظيم جي قائدن ۽ ضابطن جي تصديق ڪئي. ڪيوبا جي آئين موجب ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽي ئي ڪيوبا جي سماج ۽ رياست جي اهم ترين قوت آهي. اها ئي اها قوت آهي جيڪا سوشلسٽ اڏاوت ۽ سماج کي ڪميونسٽ سماج ڏانهن وٺي وڃڻ وارن اعليٰ مقصدن ۽ هدفن جي حاصلات وارين ڪوششن ۾ اجتماعي جدوجهد جي رهنمائي ڪري ٿي. ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽي ٽن انقلابي تنظيمن جي اتحاد ۽ هم خيال ماڻهن مان بهترين ماڻهن جي چونڊ جي نتيجي ۾ اڀري.
اهڙي ريت اها ڳالهه واضح آهي ته عوام جي هراول پارٽي جي تشڪيل جي تحريڪ فردن جي ڪجهه گروهن پاران به اچي سگهي ٿي ۽ عوامي تحريڪون به ان جو محرڪ فراهم ڪري سگهن ٿيون. انهن مان ڪهڙو طريقو پارٽي جي قيام جو بنياد بڻجي ٿو، ان ڳالهه جو انحصار انهن حالتن تي ٿئي ٿو، جن ۾ پارٽي جي تنظيم ڪئي ويندي هجي. يعني ان ڳالهه جو انحصار انهن ماڻهن جي ذهني روش تي به ٿئي ٿو جيڪي نه رڳو ٿيوري جي سطح تي انقلاب لا تيار آهن، بلڪ نظرياتي سطح تي مڪمل يقين سان سرشار هئڻ کان سوا اهڙو انتهائي ڏکيو پارٽي جو ڪم ڪرڻ لا به تيار آهن جنهن لا اعليٰ تنظيم ۽ انتهائي سخت نظم ۽ ضبط گهربل هوندو آهي.
(پورو ٿيو)