ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قدرتي الميي ۾ نفسياتي دٻاءُ جو مقابلو ڪيئن ڪريون؟

Editorial-Article- Dr Zulfiqar Rahojo

سڀ کان پهرين اهو ڏسڻو آھي ته اهڙي مصيبت ۾ آيل انسان ۽ سندن خاندانن جي ذھني تڪليف کي ڪيئن سڃاڻون، ان کان پو کين بحران کي منهن ڏيڻ جا خاص نقطا سمجهائجن، وڌيڪ ڏکيائي ۾ کين ڪهڙن مقامي سينٽرن ڏي موڪلجي، جتان کين وڌيڪ مدد يا سهائتا ملي سگهي، جيڪڏهن اوهين ڪنهن نفسياتي دٻا ۾ آھيو ته ڪائونسلر اوهان کي صبر سان ٻڌندو اوهان جي جيڪو ذھن ۾ اچي اوهين کيس ٻڌايو، هو اوهان بابت ڪو فيصلو نه ڏيندو، اوهين ساڻس آسان ٿي ڳالهايو، ڪجهه سوال ضروري آھن. دراصل آفت وقت ان کان اڳ يا پو ڪوئي فرد به ذھن يا دل تي اثر وٺي سگهي ٿو، اهو اثر ٻوڏي متاثرين يا ان جي مدد ڪندڙ يا ان جي مدد ڪندڙ يا ان جي خاندان جو فرد دوست يا پرين پيارو يا سندن ڪو به مائٽ يا خاندان جو فرد جيڪوکانئن پري به هجي اهو وٺي سگهي ٿو پر جيڪي ٻوڏ جا متاثر يا ڦاٿل آھن انهن تي ته اڃا به گهرو اثر وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. اسان کي انهن کي غلط يا صحيح چوڻ يا محسوس ڪرڻ جو حق نه آھي پر اسان کي صحتمند طريقي سان کين سمجهائڻو آھي ته هو ان بحران کي ڪيئن منهن ڏين. اسان کي کين ڏسڻو آھي ته هي ضروري ڳالهيون آھن، جنهن انسان پنهنجي يا پنهنجي پيارن جي مدد ڪري سگهي ٿو.
اسان کي کين ڏسڻو آھي ته خبرن ۽ ميڊيا جي هن جهان ۾ خبرن کي هڪ حد تائين ڏسڻو يا ٻڌڻو آھي. اسين هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جتي 24 ئي ڪلاڪ ٽي وي ريڊيو ۽ انٽرنيٽ جي دنيا خبرن سان ڀري پئي آھي ۽ ان جو بار بار ورجا ٿئي ٿو.
اهڙين ڪهاڻين ۽ صدمي وارين ڳالهين جو هر هر ورجا ذھني دٻا ۽ پريشاني کي وڌائي سگهي ٿو ۽ ايئن بار بار متاثر ماڻھن مٿان هڪ ريل هلندو رهي ٿو، پاڻ کي ڪجهه خبرن تائين محدود رکو ۽ سڪون ۽ آرام باش واري حالت ۾ يا اهڙين سرگرمين ۾ مشغول رکو جنهن سان اوهين فرحت محسوس ڪريو يا هيڏي هوڏي گهمو ڦرو. ڪوشش جاري رکو جنهن سان پوري ننڊ ڪري سگهو، ظاهر آھي ٻوڏ واري حالت کانپو ڪافي ماڻھو بي آرام ٿي پون ٿا يا سڄي رات جاڳندا رهن ٿا، جي اوهان کي ننڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي آھي ته اوهين ان وقت ئي بستري تي وڃو جڏهن اوهين تيار هجو ته هاڻ بس ننڊ ئي ڪرڻي اٿم، ان وقت هروڀرو موبائيل فون ليپ ٽاپ تي نه ويهو يا ڪافي يا چانهه نه پيئو يا نشي جي طرف نه وڃو. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ اڳ ئي انهن کان پري رهو، جي وچ ۾ ننڊ ڦٽي پوي يا واپس ننڊ نه ٿي اچي ته ڪجهه خيال من ۾ ويچاري ڪنهن پني يا ڊائري تي لکي وٺو، روزانه جي ڪرت ۽ ڪم ڪار جو اصول ٺاهيو، پنهنجي ماني ڳڀي جو وقت مقرر ڪري ان تي کائو ته جيئن ننڊ لا اوهان کي ڳچ وقت ملي پوي.
پنهجي وقت ۾ مثبت ويچار ڳنڍيو يا کل خوشي يا مذاق ڀوڳ جو حصو به رکو، ڀل اهو روز هجي يا هفتي وار جي وقت سوايو آھي ته ورزش به روزانه ڪندا اچو. هنن حالتن ۽ آفتن ۾ وڏا فيصلا نه ڪيو، جي ڪا ڪرت آھي ته جاري رکو، هروڀرو نوڪري يا ڌنڌا مٽائيندا نه وتو ڇو ته برساتي ٻوڏ جي حالتن ۾ ذھني دٻا وڌي سگهي ٿو.
هنن قدرتي/انساني بدانتظامي حالتن جي ڪري گهر اسڪول جڳهون ڪاروبار ڌنڌا ڌاڙي عبادتگاهون سڀ متاثر ٿيا آھن ۽ انهن سمورن ماڻھن جي زندگي ۾ تنگي، بدحالي ۽ اڻ بڻت ۽ تباهي آھي ۽ اهو وڏو وقت هلندو، اسين ڏسون ٿا ته سندن گهر ۾ موت، حادثا ۽ اڻھوند لامارا پيئي ڏئي. کين ذھني ۽ جسماني صدما ۽ زخم آھن، ڪن جون ته نوڪريون ڪم ڪار روزگار عارضي يا مڪمل ختم آھن. لکين ٻارن جا اسڪول بند آھن. ڪي ٻار ته ٽينٽن ۽ عارضي هنڌن تي پڙھي رهيا آهن. ڪن کي ما پي کان جدا ٿيڻو پيو آھي. سندن تعليم سخت متاثر آھي. ان ڪري جٿي به هجو ۽ ڪائي مدد کپي ته گهرندا ڪريو.
ڏسو ذھني دٻا عارضي به هوندو آھي جڏهن گهڻو تنگ ڪري ۽ ڳچ عرصو هلي ته ان ۾ مدد يا علاج بهتر رهندو.
اوهان کي ڇا ڪرڻو آھي؟
ڏسو ته ڪٿي ڪو مقامي گروپ آھي جيڪو اهان جي مدد ڪري، ان ۾ سکيا ورتل ذھني ڪائونسلر يا ماهر نفسيات بهتر رهندو. اوهين جيڪي متاثر آھيو اهي هڪ ٻئي سان خيالن جي ونڊ ڪري بار هلڪو ڪري سگهو ٿا. ماڻھن کي محفوظ هنڌ تي آڻي مدد ڪندا رهو. کين ڏسيو ته اوهين اڪيلا نه آھيو، جيڪي تنگ آھن اهي پنهنجن دوستن ڏي هليا وڃن مائٽن سان ملن جلن. پنهنجي پيارن ۽ اعتماد وارن سان حال ونڊيو، اوهين پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندا.
ڏسو اوهان جا دوست ۽ عزيز به ان مان متاثر ٿيا هوندا. کين اوهان جو به احساس ٿيندو هوندو ته اوهان سان ڇا ٿيو هوندو. اوهين انهن سان به ڳالهايو جيڪي ان مصيبت مان نه گذريا آھن. ٿي سگهي ٿو اهي به اوهان جي مناسب مدد ڪري سگهن.
بروبر اوهين دٻا ۾ آھيو پر وقت ۽ حالتن سان اوهين نئين سر بحالي طرف ويندا. ظاهر آھي جدوجهد ئي وڏو وسيلو آھي. اوهين زندگي جي وري نئين سر شروعات ڪريو، جيڪي اوهان جي تازين حالتن سان هم آھنگي ڪن.
جيڪڏهن اوهان يا اوهان جو ڪو پرين پيارو يا متاثر فرد اهو سمجهي ٿو ته سندس ذھن تي خوف غصو يا ڪاوڙ مايوسي يا خودڪشي جا خيالات ٻن هفتن کان مٿي ٿي ويا آھن ۽ ذھن انهن کان آجو ناهي يا ڪا بهتري ئي ناهي پو ماهر نفسيات سان رابطو لازمي آھي. سنڌ ۾ ڪافي ضلعن ۾ ماهر نفسيات ۽ سرڪاري اوپي ڊي ۽ پرائيويٽ علاج سسٽم موجود آھي. ان مان مدد وٺي سگهجي ٿي.
پر آفتن سبب ذھني دٻا لا سرڪار کي به هنگامي ماهر نفسيات يا سوشل ڪائونسلر مقرر ڪرڻ کپن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button