
سپريم ڪورٽ ججن جون اهي ڪميٽيون ختم ڪري ڇڏيون جيڪي امدادي ڪمن جي نگرانيءَ لاءِ مقرر ڪيون ويون هيون. اهو ممڪن آهي ته اعليٰ عدليا سنڌ سرڪار پاران داخل ڪيل درخواست جي حق ۾ انهيءَ ڪري فيصلو ڏنو هجي جو هن نه ٿي چاهيو ته ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌ ۾ عدليا ۽ حڪومت ۾ ڪا امڪاني ڇڪتاڻ ٿئي. پر سوال اهو آهي ته هن مهل جڏهن موسم مٽجي رهي آهي ۽ متاثر ماڻهو پنهنجن جهريل جهوپن طرف موٽي رهيا آهن ۽ انهن وٽ نه پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني آهي ۽ نه انگ ڍڪڻ لاءِ اڳڙي آهي. اهڙي حالت ۾ هو اهو سيارو ڪيئن ڪٽيندا؟ جنهن جي باري ۾ هاڻي کان وٺي چيو پيو وڃي ته هن ڀيري جي سردي تمام گهڻي سخت هوندي. هن واري سيارو سموريون ڪسرون ڪڍندو؟ پر وري به اهو سوال ڪر کڻي ٿو ته ڪنهن مان؟ سيارو سخت به ٿيو ته پکي ۽ مڇيءَ جي شڪار جا ماحول وڏيرا ۽ پسئي وارا ماڻهو ماڻيندا. اهي پنهنجن شهري مهمانن جون دعوتون ڪندا ۽ انهن جي ٻيڙين ۾ سير ڪرائيندا ۽ انهن کان غيرملڪي پکين مٿان فائر ڪرائيندا. جڏهن ته اهي لکين سنڌي ماڻهو صرف پنهنجي غريب سان گڏ گذارو ڪرڻ جي لاءِ مجبور هوندا، جن جا حال هن ڀيري اهڙا هوندا، جهڙا تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ نه ٿيا آهن.
غيرملڪي امداد ۾ ڪجهه اضافو به ٿي رهيو آهي ۽ اها پنهنجا عبوري مرحلا به مڪمل ڪري پئي پر اصل معاملو آهي ته جيتري به امداد ملندي، اها حقدارن تائين پهچندي به يا ان جو حشر اهو ٿيندو، جنهن کي هن سنڌي پهاڪي جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ته ”ڪانگ آ مئو جو لولو ويندو حج تي“!!
اسان جي ڪرپٽ حڪمرانن ۾ ايتري اخلاقي جرئت ئي ناهي جو اهي اين ڊي ايم اي کان پڇا ڪري سگهن ته سنڌ کي ايترو گهٽ حصو ڇو ٿو ڏنو وڃي؟ ملڪ ۾ جيڪي امدادي سامان جا جهاز پهتا، انهن جي حوالي سان پڇا به نه ڪئي وئي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير ميڊيا جي آڏو دانهن ڪئي ته هن مهل تائين سنڌ کي امداد جو داڻو نه مليو آهي ۽ ان کان پوءِ هن جي بولتي به بند ڪرائي وئي. جڏهن ته اهو فرض بلاول جو هو ته هو پرڏيهي وزير هجڻ جي حوالي سان پنهنجا اختيار استعمال ڪندي پرڏيهي امداد جي ونڊ ورڇ جي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي ها. پر هن اهڙو ڪجهه نه ڪيو ۽ هن اهڙو ڪجهه ڪرڻ به نه ٿي چاهيو، جنهن سان اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ جا امڪان پيدا ٿين. ان ڪري ماٺ اختيار ڪئي وئي. هن ڀيري به اهو ئي خدشو آهي ته پرڏيهي امداد جي ونڊ ورڇ ڪيئن ٿيندي؟ آخر ان جي انصاف واري ورهاست کان وٺي ان جي شفافيت جي سلسلي ۾ ڪوئي ته مڪينزم جوڙيو ويندو. آخر امداد ڏيڻ وارن ملڪن ۽ ادارن جا به ڪي شرط شروط هوندا يا نه؟ ائين نه ٿيڻ گهرجي ته هن امداد کي آخري امداد سمجهي ان جو حشر اهڙو ڪيو وڃي جو اها واقعي به آخري امداد ثابت ٿئي. جيڪڏهن اهو ڪجهه ڪيو ويو ته اهو تمام خراب ۽ انتهائي منفي ٿيندو.
اسان جو معاشرو اصل ۾ اسان جي حڪمرانيءَ جو اولڙو آهي ۽ هن جو حال اهو آهي جو هتي کائڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي تميز مان ڪم نه ٿو ورتو وڃي. اهو ئي سبب آهي ته پرڏيهي امداد جي حوالي سان هاڻي کان وٺي اهي خدشا ڪر کڻي رهيا آهن ته هڪ سنڌ جو حصو تمام گهٽ رکيو ويندو. جهڙي طرح ارسا جي اجلاسن ۾ سنڌ سان زيادتيون ٿينديون رهيون آهن ۽ جهڙي ريت ايف ايس سي ايوارڊ جي تاريخ ۾ سنڌ سان سدائين بي واجبيون ٿيون آهن، ساڳي طرح سان هن ڀيري پرڏيهي امداد جي سلسلي ۾ سنڌ جي حق کائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي ۽ اسان وارن حڪمرانن جو حال اسان کي ساريو پيو آهي. انهن ۾ جرئت نالي ڪا شيءَ ڪانهي. ان ڪري هو سنڌ جي حق جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪنهن به ريت ڪامياب ٿيڻ جوڳا ناهن. جيڪڏهن انهن کي سنڌ جي سنڀال ڪرڻ جو فرض نڀائڻ اچي ها ته سنڌ ٻڏي ئي ڇو ها؟ سنڌ کي سرڪار جي غير ذميواريءَ ۽ بري حڪمرانيءَ هٿ وٺي ٻوڙيو. جيڪا حڪومت سنڌ کي برسات کان بچائي نه سگهي اها سرڪار وفاق سان وڙهي سنڌ کي پرڏيهي امداد جو حق وٺي ڏيندي؟ ان جا امڪان اسان کي هاڻي کان وٺي نظر نه ٿا اچن.
سنڌ سرڪار ۾ اها سورهيائي ۽ هڪ قسم جي صوبائي حقن وٺڻ واري جرئت جو منڍ کان وٺي فقدان رهيو آهي ۽ خاص طور تي جڏهن وفاقي حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو شيئر هوندو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جو وڏو وزير سنڌ جي حقن جي سلسلي ۾ پنهنجا چپ سبي ڇڏيندو آهي. اهو لقاءُ اسان تاريخ جي هر دور ۾ ڏٺو آهي. ان حوالي سان هن ڀيري به اهو ئي ڀئه آهي ته سنڌ پنهنجا حق حاصل نه ڪري سگهندي. سنڌ کي اهو ڪجهه نه ملندو، جيڪو سنڌ کي ملڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ اسان جي انهن سياسي قوتن جي به ڪا تياري ناهي، جن جو اسيمبلين ۾ ته خير سان ڪو وجود نه رهيو آهي ۽ نه آهي پر پوءِ به هو پريشر گروپ جي طور تي تمام گهڻو موثر رهنديون آيون آهن ۽ هن وقت به اهي جيڪڏهن چاهن ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا پر انهن جي موڊ مان محسوس ٿي رهيو آهي ته اهي ان قسم جي ڪنهن تياريءَ جي لاءِ تيار ناهن. ان صورت ۾ سنڌ کي پرڏيهي امداد جو پورو حق ڪيئن ملندو؟
سنڌ جي ماڻهن جا ٻوڏ ڇهه ڇني ڇڏيا آهن. سنڌ جي ماڻهن وٽ چوڻ جي حوالي سان نه پر واقعي به تمام مشڪل صورتحال آهي ۽ ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ جنهن محنت، ايمانداري ۽ صلاحيت جي ضرورت آهي، ان جو اسان وٽ منڍ کان وٺي فقدان رهيو آهي. ان ڪري هن مشڪل صورتحال ۾ به تمام گهڻو ڊپ آهي ته اسان اهو گهربل نتيجو حاصل نه ڪري سگهون. ڇو ته سنڌ جي سماج تي گهري نظر رکڻ وارن جو خيال آهي ته هن ٻوڏ سبب سنڌ کي ايترو ته نقصان پيو آهي جو سنڌ واقعي ۾ به پنجاهه سال نه پر سئو سال پوئتي ڌڪجي وئي آهي. ماڻهن جا گهر گهاٽ ڊٿل آهن. انهن جي روزگار جا وسيلا ٻڏل آهن. بيروزگاري جي باهه ته سنڌ کي وڏي عرصي کان ساڙي رهي آهي پر هن ڀيري ته ان باهه ۾ جيڪا ٻوڏ کان پوءِ امڪاني شدت ايندي، ان کي ڪير قابو ڪندو؟ ماڻهن کي بک ۾ پاهه ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ تمام وڏي ۽ جامع منصوبابنديءَ جي جيڪا ضرورت آهي، ان جو اسان جي انتظاميا ۾ ڪو لڇڻ ناهي. اسان جو انتظامي سرشتو ان ڀڳل ٽٽل گاڏيءَ جهڙو آهي، جنهن جي پويان لکيل هوندو آهي ته ”نه انجن ڪي طاقت نه ڊرائيور ڪا ڪمال، چلي جا رهي هي خدا ڪي سهاري“ اسان جو انتظامي سرشتو مجموعي طور تي نه رڳو نااهليءَ ۾ پنهنجو مٽ ۽ ثاني نه ٿو رکي پر ان ۾ اها ايمانداري به ناهي، جيڪا ڪنهن به انتظامي سرشتي جي آخري اميدا هوندي آهي.
سنڌ جي زراعت سان سدائين اها زيادتي ٿيندي رهي آهي ته پنجاب ارسا جي اڏيءَ تي سنڌ سان حصي پتي جي سلسلي ۾ زيادتي ڪندو آهي ۽ ٻيو ته جيڪو ڪجهه آفيشلي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويندو آهي، اهو ڪجهه نه ڏنو ويندو ۽ ان گهٽ حصي ۾ به تمام گهڻيون گهوٻيون هنيون وينديون آهن. انهن گھوٻين کان پوءِ جيڪو ڪجهه بچندو آهي، ان تي وري سرڪاري سگهه رکندڙ سنڌي وڏيرا پنهنجا هٿ صاف ڪندا آهن. اهڙي طرح اهو ڪجهه ٿيندو آهي، جيڪو ڪجهه سنڌ جي غربت ۽ افلاس جو بنيادي سبب بڻبو رهيو آهي. هڪ ته حصو گهٽ ۽ ٻيو ته ان گهٽ حصي ۾ به گهوٻيون لڳنديون آهن ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه به نه بچندو آهي. هن ڀيري پرڏيهي امداد جي سلسلي ۾ به ساڳيا خدشا نه پر باقاعده طور تي تمام وڏا خطرا آهن.
سنڌ ۾ سڀ کان وڏو نقصان هيٺين ۽ هيٺين وچولي طبقي جو ٿيو آهي ۽ انهن وٽ نه تعليم آهي ۽ نه انهن جو موثر سياسي آواز آهي. ان حساب سان انهن جي نالي ۾ اسان جي ڪرپٽ وڏيراشاهي جيڪي ڪلور ڪندي، انهن کان اسان جا پرڏيهي به آگاهه آهن. ان ڪري هو به هر هر امداد جي ورڇ جو موثر ۽ شفاف مڪينزم پڇا ڪندا رهيا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جا حال اهي آهن ته هن مهل تائين نقصان وارن علائقن جو سروي به نه ٿيو آهي. جڏهن ته نه صرف اهو تهه تائين سروي ٿيڻ گهرجي بلڪه ان سروي کي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي آڻي ماڻهن کان چيڪ ڪرايو وڃي ته حڪومت صحيح سروي ڪيو به آهي يا نه؟
سروي واري ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان طرح سان امداد ۽ بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو وڃي جو ان ۾ اسان جي ڪرپٽ ۽ کائو ڪلچر جو ان مٿان ڪو پاڇو نه پوي. ان کان سواءِ ٻي اهم ۽ تمام گهڻي اهم ڳالهه اها آهي ته اسان جو نظام گهڻو ڪري پنهنجا نوازڻ ۾ تمام گهڻو بدنام آهي. ان حوالي سان ان جا امڪان تمام گهڻا آهن ته امداد ۽ نئين سربحاليءَ جي ڪم کي سياسي مداخلت کان بچائڻ جا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن انهن متاثر ماڻهن سان ڪنهن قسم جي ناانصافي نه ٿئي، جيڪي سياسي طور تي پيپلز پارٽيءَ جي چونڊيل نمائندن کي پسند ناهن. جن جي باري ۾ سرڪاري نمائندا اها تهمت هڻندا رهيا آهن ته اهي سندن مخالفن جي هٿن ۾ کيڏن ٿا. جيڪڏهن نئين سر بحاليءَ جي ڪم ۾ سياسي مداخلت ٿي ته سرڪاري نمائيندا پنهنجن مخالف متاثرن کان ڀرپور انتقام وٺندا ۽ اهڙي طرح امداد ۽ نئين سر بحاليءَ جي ڪم کي سياسي مفادن جي صليب تي چاڙهي ان جو تاريخي طور تي تمام برو حشر ڪيو ويندو. ان بي انصافيءَ کان بچڻ جي سلسلي ۾ به اسان کي صاف ۽ شفاف مڪينزم جي ضرورت پيش آئي آهي ۽ پر ان طرف هن مهل تائين سرڪار سڳوري ڪا به وک وڌائيندي نظر نه ٿي اچي.