رانديون

رضوان ٽي 20 ۾ گيل، بابر ۽ ڪوهلي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد رضوان ٽي 20 ۾ پنهنجي ئي ڪپتان بابراعظم، ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل ۽ ڀارت جي ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش خلاف ٽھ ملڪي سيريز جي ميچ ۾ محمد رضوان هڪ سال دوران 1500 رنسن کان وڌيڪ جو هدف ماڻي ورتو آهي. جڏهن تھ محمد رضوان ٻن سالن ۾ لاڳيتو 1500 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پهرئين بيٽر جو اعزاز پڻ ماڻيو آهي. ان کان اڳ ڪرس گيل ۽ بابراعظم اهو اعزاز ماڻيو هو، جڏهن تھ محمد رضوان 58 اننگز ۾ 2337 رنسون بھ پوريون ڪيون آهن، جيڪو پڻ بابراعظم 2281 ۽ ڀارت جي ويرات ڪوهلي 2102 رنسن سان ٺاهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button