شهري زندگي ڪيتري بي رحم ۽ ڪيتري هڻ وٺ واري هوندي آهي، ان جو اندازو هر ان ماڻهوءَ کي آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ ڏينهن رات گذاري ٿو. انهن ئي شهرن ۾ ڪيترا نسل پيدا ٿين ٿا، جوان ٿين ٿا ۽ پوڙها ٿي مري وڃن ٿا پر شهر ماڻهوءَ کي جتي سک ڏيندا آهن، اتي اهڙيون اهڙيون تڪليفون به ڏين ٿا، جن کي سهڻ ڪڏهن ڪڏهن ممڪن نه هوندو آهي. فليٽن ۽ سوڙهن گهرن ۾ پلجندڙ ٻارن لاءِ دنيا رڳو ڪمرا هوندا آهن. شهر ويڳاڻو ڪندا آهن، اڪيلائي ڏيندا آهن ۽ ماڻهوءَ جي مزاج کي مٽائي ڇڏيندا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ چئن سالن جي منهنجي ڀائيٽي اوچتو مون کي چيو “چاچا مون سرڪل وارو آسمان ڏٺو.” آئون سمجهي نه سگهيس هوءَ سرڪل وارو آسمان ڪنهن پئي چوي، پوءِ خبر پئي ته هوءَ گول چنڊ کي سرڪل وارو آسمان چئي رهي هئي. هن کي اها خبر نه پئي ته آسمان جي سيني تي چمڪندڙ اهو گول چنڊ آهي، جنهن کي هوءَ آسمان سمجهي رهي هئي. ان اڻڄاڻائيءَ ۾ هن ٻارڙيءَ جو ڏوهه ڪونهي ڇاڪاڻ ته هن کي ڪڏهن کليل ميدان ۽ کليل آسمان نصيب ئي ڪونه ٿيو آهي. اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙن کي جڏهن انهن جون استاد ٻڌائين ٿيون ته صوف جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي ته ٻارن کي اهو ئي لڳندو آهي ته صوف فقط ڳاڙهو ٿي سگهي ٿو. ان کان سواءِ صوف جو ڪو رنگ نٿو ٿي سگهي. ٻارن جي تصور ۾ صوف جا ڪئين رنگ ٿي سگهن ٿا پر اسڪول ۾ رڳو ڳاڙهو صوف ئي قابل قبول هوندو آهي.
ڪئين سال اڳ جڏهن منهنجي سئوٽ اڃا ننڍڙي ٻارڙي هئي ته هڪ ڀيري هوءَ پنهنجن مائٽن سان ڪنهن ٻهراڙيءَ جي لوڪل بس ۾ سفر ڪري رهي هئي. سنڌ ۾ لوڪل بسن ۾ ماڻهن سان رڍون ٻڪريون به چڙهنديون آهن ته ان جون ٻوريون به هونديون آهن. اوچتو بس ۾ هڪ مسافر رڍ سان چڙهي پيو. ان وقت هن رڙ ڪري چيو.
“امان شيدين جي ٻڪري…..”
اها ڳالهه هن رڊ جي گهنگهرو اُن کي ڏسي چئي هئي. ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ هن ڪڏهن رڍ ڏٺي ڪانه هئي ۽ نه ئي هن کي ڪنهن ٻڌايو هو ته رڍ ڪهڙي ٿيندي آهي. اهو گهڻو ڪري شهري ٻارن سان ٿيندو آهي، انهن کي چنڊ، سج ۽ تارن جي خبر نه هوندي آهي. روڊن تي هلندڙ ڍڳين ۽ گڏهه ۾ فرق ڪونه ڪري سگهندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي فطري ماحول کان پري آهن. انهن کي اها ڄاڻ ناهي ته انسان جو رشتو ايستائين اڻپورو آهي، جيستائين انهن جو واسطو پکي پکڻ ۽ جانورن سان ناهي. فطرت جي هر ان اهڃاڻ سان انساني رشتو قائم رکڻ ان جي باري ۾ ڄاڻ هجڻ لازمي آهي، جيڪو هن ڌرتي ۽ ڪائنات ۾ وجود رکي ٿو.
جيڪي ٻار پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، رٽو هڻن ٿا، انگريزيءَ ۾ فر فر پنهنجو تعارف ڪرائين ٿا ۽ گهر کان اسڪول ۽ اسڪول کان گهر تائين محدود هوندا آهن، انهن کي نه رڳو آسمان جي خبر ڪانه هوندي آهي پر انهن جي چوڌاري جيڪي به فطري معاملا آهن، انهن کان اهي اڻڄاڻ هوندا آهن. پر ڇا ڪڏهن اسان ان ڳالهه تي ويچاريو آهي ته اسين ڪهڙو نسل تيار ڪري رهيا آهيون. آرٽيفيشل انٽليجنس واري دور ۾ ٻارن جي رسائي هر قسم جي جديد مشين تائين آهي پر انهن جي رسائي پنهنجي ڀرپاسي موجود ڪيترين ئي شين تائين ڪونهي. تنهنڪري اهي هڪ بي خبريءَ ۾ رهن ٿا، ان بي خبريءَ سان اهي جوان ٿين ۽ ان بي خبريءَ سان اهي زندگي گذاريندا رهندا آهن.
اسين ٻارن کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ به تيار نه آهيون، جيڪي ڪجهه اسان پنهنجن وڏن کان ٻڌو آهي. مثال طور اسين ٻارن کي آکاڻيون ڪونه ٻڌائيندا آهيون. انهن کي اهو ڪونه ٻڌائيندا آهيون ته آکاڻين ۾ ڪيڏو وڏو جهان سمايل آهي، جنهن وسيلي اهي پنهنجي تخيلقي صلاحيتن کي وڌيڪ نکاري سگهن ٿا. هاڻ ٻار آکاڻيون ٻڌڻ بدران موبائيل استعمال ڪن ٿا. اهي موبائيل تي ڪارٽون ڏسن يا وري ڪي انگريزي جا بيت ٻڌن ٿا. انهن جون جسماني سرگرميون محدود ٿي ويون آهن يا وري نه هئڻ برابر آهن. تنهنڪري اهي انهن سمورين شين کان محروم لڳا پيا آهن، جيڪي انهن لاءِ ضروري آهن.
ان ۾ رڳو ڏوهه ٻارن جو به ناهي. اسان وٽ راندين جا ميدان ۽ پارڪ جي زمين ميونسپل يا لينڊ مافيا ڳڙڪائي وئي آهي يا وري ڪو پلازه اڏيندڙ ڳڙڪائي ويندو آهي. ان ڪري ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ميدان ڪونه آهن. انهن لاءِ پارڪ ڪونه آهن، جتي وڃي اهي ڪجهه دير لاءِ پنهنجو پاڻ مان مزو ماڻي سگهن. اتي اهي مستيون ڪن. پنهنجو پاڻ کي کليل ماحول ۾ آزاد محسوس ڪري سگهن. جڏهن سماج ۾ هر پاسي سوڙهه ٿيندي هجي ته پوءِ ٻارن جا ذهن به سڪڙجي ويندا آهن. ان ڪري ڪنهن زماني ۾ پنهنجو ننڍپڻ ٻاهر گذاريندڙ ٻارن کان اڄوڪي دور جا ٻار گهڻا الڳ آهن. جيڪي گهرن تائين محدود آهن ۽ انهن وٽ راند جو ذريعو به رڳو موبائيل گيم آهي.
اهي ارطغرل غازي ڊرامو ڏسي ان کي هيرو سمجهن ٿا. ان جهڙو ٿيڻ چاهين ٿا ۽ جيڪي ڪجهه انهن کي اسڪولن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو، انهن کي اهو ئي سچ سمجهن ٿا. اهي سوال نٿا اٿارين، ڇاڪاڻ ته هيءَ رياست سوال کان هونئن به ڊڄندي رهي آهي. تنهنڪري سوال ڪرڻ جي صلاحيت آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي. سوال ماڻهو جي ذهن جون بند دريون کولڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ اسان کي اهي ذهن نه کپن جيڪي سوچي سگهندا هجن. جيڪي ڪنهن مسئلي جو حل ٻڌائي سگهندا هجن يا جن وٽ ڪا نئين ڳالهه هجي. جن وٽ ڪو اهڙو آئيڊيا هجي جيڪو سماج جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي.
تنهنڪري اڄ جيڪي ٻار آسمان کي نٿا سڃاڻين، اهي سج ۽ چنڊ ۾ فرق نٿا ڪري سگهن. انهن کي جيڪڏهن اها خبر ناهي ته برسات ڪڪرن وسيلي ٿيندي آهي. رڍ ۽ ٻڪري ۾ فرق هوندو آهي ته پوءِ حيرت به نه ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان سڀني اهڙو ماحول تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ اسين ٻارن کي قيد ڪري اهو ئي ڪجهه سيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جيڪو اسان کي مناسب يا صحيح لڳي ٿو. پر ٻار ڪيترو ڪجهه سکي سگهي ٿو، ان لاءِ ڪوششون ڪونه پيا ڪريون.