ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قاتل حادثا ۽ نام نهاد انڪوائريون

Editorial-Ariticle-Mumtaz Mangi

ڪي اين شاهھ ٻوڏ متاثرن جي ڪوچ کي باهھ جو حادثو جنهن ۾ 18 مسافر سڙي فوت ٿيا آهن حادثي کي چار ڏينهن ٿي چڪا آهن پوري سنڌ ٻوڏ جي پيڙا کان پوءِ هن حادثي جي درد جي ڪيفيت مان گذري پئي ميڊيا ۽ خاص ڪري سنڌي ميڊيا اخبارن کان ٽي وي چينل ۽ سوشل ميڊيا تائين مسلسل گھڻ پاسائين رپورٽنگ ڪري پئي پر هي حادثو ايڏو وڏو حادثو آهي جنهن کي ڪجھه ڏينهن جي رپورٽ ڪرڻ سان پنهنجي فرض جي ادائگي کي پورو نٿو سمجھي سگھجي. ٻيو ته هي حادثو ڪي اين شاھه جي ڳوٺ در محمد ڀرڳڙي جي لغاري برادري جي ماڻهن سان پيش آيو ڏکويل ماڻهو پنهنجي ڳوٺ واپس ويندي سڙيل لاشن ۽ زخمين سان پهتا اهي ايترا غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهن جو انهن جي تدفين کان تڏي تائين اهو رپورٽ ٿيو آهي ته نه چونڊيل نمائيندا پهتا ۽ نه ضلعي انتظاميه جا ڪامورا پنهنجي ڪامورڪي ٺٺ مان ٻاهر نڪري غريبن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ ويا (ممڪن آهي ته هن ڪالم پڙهڻ تائين ميڊيا جي تنقيد کان پوءِ ڪجھه ڪامورا ۽ سياستدان يعني چونڊيل نمائيندا عذر خواهي جو خفو لاهيندي تنقيد کان بچڻ جون پوائنٽون اسڪور ڪن) هي حادثو جيڪڏهن ڪنهن سياسي خاندان سان ٿئي ها ته جيترو سياسي خاندان مٿانهون بااثر هجي ها اوترو ئي حڪومت سوڳ جو اعلان ڪري ها ملڪي ميڊيا تي رپورٽ اچڻ کان پوءِ به وفاقي سرڪار ۽ سندس اتحادي جماعتن کان علاوه پوري مخالف ڌر بشمول پي ٽي آءِ ۽ سندس اڳواڻ عمران خان ڪنهن جي به ڀرسان درد جو احساس نه گذريو هو غريب ۽ مسڪين ئي هئا ۽ آهن انهن مسڪينن جي عام حيثيت عام سطح کان وڌيڪ ناهي سنڌ سرڪار روايتي اعلانن جيان اعلان ڪندي حادثي جي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ڪوچ جي فٽنيس جي رپورٽ گھرندي اسان جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پهرين ڏينهن ئي وڏي ڏک جو اظهار ڪندي چيو هو ته “مسافرن کي ايمرجنسي گيٽ مان ڇو نه ڪڍيو ويو؟” ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ حڪومت ۽ ان جا وزير اهڙي جهان مان ٿا رهن جن کي سنڌ جي روڊن رستن پوري انتظامي ڍانچي سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽ جي صورتحال جي ڪا خبر ئي ناهي خوفناڪ ۽ قاتل حادثه جيڪي هر ڏينهن جو معمول بڻجي چڪا آهن انهيءَ ۾ اتنظامي حڪومتي ۽ متعلقه وزارت جي ڪيتري نااهلي ۽ ڪيترو گناھه شامل آهي ان جي انڪوائري ڪرڻ جي بجاءِ صرف نقطه به نقطه متعلقه پوائنٽ تي فوڪس ڪندي چيو ويندو آهي ته حادثو جيڪو ٿيو انهيءَ جون ڪمزوريون ڪوتاهيون ڪهڙيون هيون ۽ گھڻو ڪري اهوئي چيو ويندو آهي ته ڪيس ڊرائيور ۽ مالڪ تي داخل ڪيو ويندو آهي بعد ۾ سڀ شيون سنڌ جي حڪومتي مغرور نديءَ ۾ لڙهنديون رهنديون آهن.
حادثي جو شڪار زخمي ۽ فوتي ڪجھه ڏينهن کان پوءِ جڏهن پنهنجي درد تي قسمت جا پها رکي ڪجھه برداشت ڪرڻ جهڙا ٿيندا آهن ته حڪومت جي طرفان مالي سهڪار جي نالي تي عوام جي ئي رت پونهه جو پيسو انهن کي چيڪن جي صورت ۾ ڏيندي حڪمران پارٽي ۽ حڪومت جا وزير ۽ ڪامورا اهڙي فخر سان فوٽو ڪڍرائيندا آهن ڄڻ هو پنهنجي ذاتي دولت مان اهي چيڪ ڏيندا هجن ٿوري ئي عرصي کان پوءِ سنڌ جي ڀوتارڪي ڪلچر ۾ پيڙهندڙ عوام وٽ نام نهاد چڱا مڙس ميڙون ڪري پڄندا آهن ۽ پوءِ سڀني جا گناھه قدرت جي کاتي ۾ وجھي پنهنجو پاڻ کي بي گناهھ ڪندي آجا ٿي بوشڻ ڇنڊي “کير کنڊ” ٿي ويندا آهن گناھه بخشائڻ جي چڱ مڙسي هتي روز جو معمول آهي ڪي اين شاھه جي بي گناھه سڙيل وجودن ۽ زخمين سان به ائين ئي ٿيندو ڪا اهڙي انڪوائري ٿيندي ئي ڪو نه جو ڪنهن وزير يا ڪاموري کي جواب ڏيڻو پوي.
هتي جيتري ٽرانسپورٽ مافيا طاقتور آهي اوترو ئي ڪامورڪي مافيا طاقتور ۽ مغرور آهي. جن جو ڪم هيٺين سطح کان مٿي سطح تائين ڀتا اوڳاڙيءَ تي هلي ٿو ۽ انهيءَ کان وڌيڪ بيحس روين ۾ هاڻي اهو شامل ٿي چڪو آهي ته هتي جيڪو به نقصان ٿئي ٿو جا ٿيندو رهندو انهيءَ ۾
اڪثريت عوام جي آهي ڪهڙي ضرورت آهي ٽرانسپورٽ کي بهتر ڪرڻ جي اوهان تجزبي جي بنيادن تي هڪڙي ڏينهن سنڌ جي ڪهڙي به روڊ تي چيڪ پوسٽ لڳائي بيهو اوهان کي خبر پئجي ويندي ته گاڏين هلائيندڙن ۾ ڪيترن ماڻهن کي ڊرائيونگ لائنس آهي ۽ ڪيترين گاڏين جا فٽنيس سرٽيفيڪٽ آهن ۽ ڪيتريون گاڏيون فٽنيس جي معيار تي پورو ٿيو لهن اوهان کي تعجب ۽ حيراني ٿيندي، جڏهن ٽوٽل انگ اکر ڏھه پرسنٽ جي برابر به مشڪل سان ڊاڪيومينٽ ملندا ايتري حد تائين جو گاڏين جو نمبر پليٽون به پوريون نه هونديون، ننڍي عمر جا ڇوڪرا گاڏيون هلائيندي ملندا سڄيءَ سنڌ ۾ ته ڇا پر پوري پاڪستان ۾ ڪا به ٽرانسپورٽ ڪمپني اهڙي ناهي جيڪا پنهنجي ڊرائيورن کي يونيفارم پائڻ کي پابند ڪري ڪراچي جهڙي شهر ۾ مني بس هلائيندڙ انڊر ايج ڊرائيور گلو کولي ۽ ٽيڙي ٽوپي پائي مين روٽن تي گاڏيون هلائيندي نظر ايندا هن وقت تائين سنڌ جي شهرن ۾ لکن جي تعداد ۾ چنگچڪي رڪشا هلن ٿا نه انهن جي رجسٽريشن آهي نه ڪنهن وٽ لائنس ڀڳل ٽٽل رڪشا ڌڙڌڙ ڪندي رستن تي هلندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن حادثي مان گذرندا.
پوري سنڌ جو ٽريفڪ نظام رڳو ڀتا اوڳاڙي تي متحرڪ نظر ايندو تمام ويگنن ۽ ڪوچن ۾ سوين حادثا باھه لڳڻ جا ٿيا آهن هر حادثي ۾ مري ويلن جو تعداد پنجن کان پنجاھه تائين ٻڌايو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو تعداد وڌي به ويندو آهي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ مسافر ڪوچن ۽ ويگنن ۾ گيس سلينڊر تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر عملي طور تي ڪو به قدم نٿو کنيو وڃي حادثي کان پوءِ روايتي ۽ نام نهاد انڪوائريون ڪيون وينديون آهن جيڪا صورتحال اسان جي اڳيان آهي ان مطابق ته ٽرانسپورٽ جا تمام ڪامورا ۽ وزير سڀ جو سڀ جيل ۾ هجڻ گھرجن پر بليم گيم وضاحتن، لٻاڙن، روايتي اعترافن جو گوڙ شور ۽ صرف بڪ بڪ ٻڌڻ ۾ ايندي هي گندگي ۽ غلاظت جا وهڪرا پنهنجي آب وتاب سان ائين هلندي نظر ايندا. مثال ڪجھه سال پهريان جيڪب آباد شهر
کان سکر ايڪسپريس جي لاءِ ڪجھه ريلوي ڪوچز جن ۾ ايئرڪنڊيشن به شامل هيا، نڪرندا هئا، انهن ائيرڪنڊيشن ڪوچز ۽ ايڪانامي جي بڪنگ ايتري حد تائين هئي جو جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ سيٽ بڪ ڪرائڻي پوندي هئي. خاص ڪري اي سي ڪوچن ۾ پر اوچتو ئي اوچتو ان بيٺل جيڪب آباد اسٽيشن تي ڪوچز کي باھه لڳي وئي سڀئي ڪوچ سڙي ويا. سڄي عوام دانهون ڪيون ته پرائيويٽ بسن جي مافيا اها دهشتگردي ڪئي آهي، انڪوائريون ٿيون ۽ پوءِ ٽيڪنيڪل فالٽ نامعلوم سبب ۽ سڀ ڪجھه لڙهي ويو پر حيرت انگيز ڳالهھ اها آهي ته بند ٿي ويون ۽ عوام کي جيڪا ٿوري گھڻي سهولت هئي اها ختم ڪئي وئي ڪنهن کي ڪجھه نه ٿيو سڀ آيو ويو ٿيون ۽ سڀ گم ٿي ويو. ڀلي جيڪڏهن اسان وزير اعليٰ سنڌ يا سنڌ حڪومت کان يا خاص ڪري پ پ پ جي قيادت کان هي مطالبو ڪريون ته تمام هلندڙ ڪوچز کي ڊسيپلين ۾ آڻيندي انهن جي فٽنيس مانيٽرنگ جو سسٽم هر روز جي بنيادن تي ڊيلي ڊيٽا بيس سان ڳنڍيو وڃي هر ڊرائيور جي روڊن ۽ رستن تي ڊاڪٽر چڪاس ڪري ان جي صحت جي تصديق ڪري تمام ڪوچز کي هلائيندڙ ڊرائيور جي ڊيوٽي هڪ مخصوص ٽائيم تائين ڪئي وڃي هر ڊرائيور يونيفارم ۽ لائنس بيج سان سيٽ تي ويهي. پوري سنڌ ۾ ڪو به انڊر ايج ڊرائيوري نه ڪري ايتري حد تائين جو موٽر سائيڪل هلائڻ لاءِ به انڊر ايج پابندي هجي. بلڪه پاڻ ته هي مطالبو ڪنداسين ته ڊرائيونگ سيٽ تي ويهڻ سان لائنس جو هڪ ڪارڊ ريبن ۾ پاتل هجي اهڙي اعلان ۽ عمل سان سنڌ حڪومت کي ڪيترو فائدو ٿيندو ۽ ڪيترو نقصان ٿيندو ظاهر آهي ته وسيع تر لائنس ٺهڻ جي في ۽ ريونيول في جي تمام گھڻي انڪم حڪومت کي ئي ٿيندي انهيءَ کان وڌيڪ ٽرانسپورٽ ڊسپلين جو ڪلچر مضبوط ٿيڻ شروع ٿيندو هي جيڪا ٽرانسپورٽ انارڪي هلي ٿي انهيءَ تي ڪنٽرول ٿيندو. گھڻي دير لڳندي حڪومت کي ويگنن، ڪوچز ۽ بسن مان گيس سلينڊر ختم ڪرڻ جي هن ڪوچ جي حادثي ۾ بظاهر ته هن وقت تائين اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته ايئرڪنڊيشن سرڪٽ جي شارٽ ٿيڻ سان باهھ لڳي ۽ منٽن ۾ سڄي ڪوچ کي باھه وڪوڙي وئي جو ايترا 18 ماڻهو سڙي فوت ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا لڳي ته ائين ٿو ته ڪوچ ۾ يا ته گيس سلينڊر لڳل هئا يا تيل جي ليڪيج ۽ گاڏي ۾ تيل هاريل ايترو هو جو فورن گاڏي کي باھه وڪوڙي وئي. پاڻ هي مطالبو وري دهرايون پيا ته مسافر ڪوچز ۽ ويگنن جي مانيٽرنگ سسٽم هر شهر جي زيرو پوائنٽ کان ايترو لازمي ڪيو ته ان چيڪ پوسٽ جي گذرڻ کان ڪا به گاڏي سفر نه ڪري پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿو جڏهن حڪومت عوام سان همدردي رکي عوام جو درد محسوس ڪري يا قانون جي يا ڊسيپلين جي پابند هجي هي ڀوتارڪي ۽ پيري سرڪار ماڻهن کي جنهن نگاھه ۽ حيثيت سان ڏسندي آهي انهيءَ مان اهڙي اميد رکڻ ته ديواني جي خواب برابر ٿيندو ۽ سنڌ ۾ هي قاتل حادثا ٿيندا ئي رهندا هر وڏي حادثي کان پوءِ نام نهاد انڪوائرين جا حڪم به ٻڌڻ ۾ ايندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button