سَر نِسرن ۽ ٻَٻُر ڦُلڙيون ڪن تھ پوءِ اھو ڪيئن ممڪن آھي جو سڄڻ ۽ ساڻيھه سندو سڱ نھ چِڪي!؟ سو ھيل بھ سندس مَن ۾ اھو ئي لقاءُ آھي، جيڪو ھر سال ھِن موسم ۾ ھوندو اٿس. بس ھيل جيڪڏھن ڪجھه مَٽيل آھي تھ اھو آھي ھن موسم جو ساءُ!! ڇاڪاڻ تھ پنھنجي محڪوم ديس ۾ آيل ٻوڏ کائنس ڪجهھ اھڙو طلبي رھي آھي، جيڪو ھن موسم جي اڳوڻي معمول کان ڪجھه مٽيل آھي. جي نھ تھ ھن موسم ۾ ھر سال ھو ڪچي جا سَر ۽ ٻَٻُر ڏسڻ لاءِ ڪاھي ويندو ھو پنھنجي آشرم جي اُن سنگي ڏانھن، جنھن سنگي جو ڳوٺ ھيلوڪي ٻوڏ ۾ ڪک پن جو ٿيو تھ اڃان ناھي سھيڙجي سگھيو. تنھن ڪري ھي ھيل ماڳھين اندران ڀڄي پيو آھي. بس پوءِ اھو آھي جو ھِن وڃي پنھنجي اھا پراڻي ڊائري کولي آھي، جنھن ڊائري جي ھر ھڪ ورق ۾ سندس وجود جو اھو عڪس چِٽيل آھي، جنھن جو جيڪڏھن مڪمل سچ پڌرو ٿي پوي تھ ھوند ٻيلي کي باھه لڳي وڃي. سندس اھا پراڻي ڊائري، جنھن ۾ اڪثر ڳالھيون مام ۾ ڪيل آھن، وٽس اَمُلھه مُوڙي وانگي سنڀالي رکيل آھي ۽ جڏھن جڏھن بھ کيس ڪا ڳالهھ سمجهھ ۾ نھ ايندي آھي تھ پنھنجي ان پراڻي ڊائري جي ورقن ۾ وڃي سام ٿي رھندو آھي اوستائين، جيستائين ڪا واھُر وري.
ھا ان ڪري ھو ڪالھوڪي شام کان پنھنجي ڊائري جا ورق اٿلائي رھيو آھي، جن ورقن مان ڪجھه سِٽون ھيئن آھن.
**جيڪڏھن ڪنھن جيل جي باندين کي اھو چيو وڃي تھ ھو جنھن کي بھ چاھين سندي رضا سان پنھنجو جيلر چونڊي سگھن ٿا تھ اھڙي چونڊ جي موڪل سان ان جيل جي باندين کي آزادي تھ ڪونھ ملندي نھ!! تنھن ڪري ئي ٽالسٽاءَ جي ان ڳالهھ جي تناظر ۾ آئون ھن ملڪ اندر جمھوريت جي نالي ۾ ٿيندڙ چونڊن کي ڍونگ ٿو سمجھان. ھا باقي توکي جيڪڏھن اھڙي چونڊ مان ڪا اميد آھي تھ ڀل پنھنجي قسمت آزمائي ڏس.
** تو شيخ اياز جو اھو نظم پڙھيو تھ ضرور آھي، جنھن ۾ اياز ڳاڙھن ٻيرن جي رُت ڏانھن اشارو ڪندي، ويڙھيچن جي واھيرن جي واھُر لاءِ عقابن سان اٽڪڻ جي ڳالهھ ڪئي آھي. لڙي رات ۾ ڪنھن جي اچڻ جي بشارت ڏيندي پيرن جي پايل نھ ڇوڙڻ جو چيو اٿس پر الميو اھو آھي تھ تو ان راز کي اڄ تائين ناھي سمجھيو. توکي شايد ڳاڙھا ٻير اھي سمجھه ۾ آيا جيڪي تون بازار مان وٺي رڙڪيندو رھيو آھين ۽ پايل جو ملھه لڳائي تو وڃي مجبور مُجرا ڏٺا. باقي عقاب ٿيڻ جي تو ۾ سگھه ھونئن ئي ڪونھ ھئي، سو ويڙھيچن جي واھيرن جي ڪھڙي واھُر ڪرين ھا؟ جڏھن تھ اياز ان نظم ۾ پنھنجي ديس جي ان جواني کي ڳاتو آھي، جيڪا ڪالهھ بھ رَتي ھئي ۽ اڄ بھ رَتي آھي. اھا جواني ئي عقاب آھي ۽ اھا ئي اول آخر پنھنجي ديس جي واھُر ڪندي.
**توکي عالمي سياسي، سماجي جدلياتي تاريخ، سائنس توڙي فلسفي تي دسترس ھوندي ۽ تون ان جي ڪري ڀلي پنھنجي بُت مان نڪري ھل پر سنڌ جي عام سٻاجھي لوڪ سان مخاطب ٿيندي تون ڀِٽ جي ڌَڻي جا جيڪي غلط بيت پڙھين ٿو، تنھن مان ئي سنڌ اھو پَرکي ورتو آھي تھ تون ڪيتري پاڻي ۾ آھين. تنھن ڪري منھنجي توکي ڀائراڻي صلاح آھي تھ اول لطيف سائين کي ڌيان سان پڙھه، ھردي سان ھنڍائي سائين جي بيتن جي پڙھڻي دُرست ڪر. پوءِ ڀلي سنڌ جي سياسي ميدان ۾ پنھنجي پِڙ کي ڳولي لهھ.
** آئون ھيترا ورھيھ گُذري وڃڻ کان پوءِ بھ سائين صادق فقير جي شھر ۾ گھاريل اھا انتھائي سرد رات نٿو وساري سگھان، جنھن رات ۾ ڌڳندڙ مچ جي سُھائي ۾ چاپھين ڏاڙھي واري ھڪ صوفي فقير منھنجي اکين جي لڪل ڪھاڻي پڙھي وٺڻ باوجود، مون کي پنھنجي ڇپر ۾ پناهھ ڏني ھئي ۽ سڄي رات جي رھاڻ ۾ ھڪ لمحي لاءِ اھو نھ لکايائين تھ ھن انھن پڊن ۾ منھنجي رولڙي جو سبب ڄاڻي ورتو آھي. ھا اھا رات، جنھن کان پوءِ ئي مون اھو نظم لکيو ھو…
ثوابون ڪي گليون مين اڪيلا گُناھه
ايڪ راتِ پناهھ ڪا سوال ليڪر
ڀٽڪتا رھا
اور شھرِ پارسا ۾ شام ڍل رھي ٿي..!!
اھو نظم جيڪو مون کي پنھنجي سموري شاعري ۾ وڌيڪ پيارو آھي. ڇاڪاڻ تھ ان رات کان پوءِ ئي منھنجو اھو پنڌ شروع ٿيو، جنھن ۾ مون کي پنھنجي درويش ديس جي اھا مشھور چوڻي سمجھه ۾ آئي ھئي تھ…
“عِشق ۽ مُشق ڪڏھن بھ لِڪي ناھن سگھندا”
** ڪلانڪر ڍنڍ جا اھي ڪوڏ، جيڪي مون پنھنجن اکين جي لُڙڪن سان ڌوئي، تو پاران سوکڙي طور ڏنل کٿيءَ ۾ سانڍي رکيا ھئا، تن ۾ وقت سان گڏ الائي ڪٿان اچي اھا ساڳي واري پئي آھي، جنھن واري تي ويٺي تو مون کي ان ڍنڍ جي مھاڻن جي پيار جون ڪٿائون ٻڌايون ھيون.
** مون کي تھ اڃان توکي اھو بھ ٻڌائڻو ھو تھ مون جڏھن اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو ھو، تڏھن پنھنجي ڪالم جو عنوان “سوريءَ سزوار” ڇو رکيو ھئم ۽ تِن ڏينھن ۾ منھنجي ٻَٽُون جي ان حصي، جنھن ۾ نوجوان پنھنجين محبوبائن جون تصويرون لڪائي رکندا آھن، تنھن حصي ۾ مون اياز جو اھو نظم ڇو سنڀالي رکيو ھو تھ…
زندگي آزاد پل جون نانءُ آ
نھ آھي ھن ۾
ماھه و سال جي ڳڻپ
موت ڪائي شئي نھ آ
پر ان کان اڳي جو آئون توکي اھي سڀ ڳالھيون ٻڌايان ھا، توکي پنھنجي ڪيريئر جي ڇڪ اڳتي ڇڪي وئي ھلي ۽ آئون وڃي آشرم پھتس. ھاڻ آئون پنھنجي ڳريل پھراڻ ۽ پراڻي ڳريل کيٿري سان جھاڳي رھيو آھيان اھو پنڌ، جنھن پنڌ تي تون شاعري ڪرڻ چاھين تھ ان ۾ تولاءِ ڪافي مواد موجود آھي. ھا شاعري، جيڪا پڻ تنھنجي سُڃاڻپ بڻي ۽ آئون ان وچ ۾ تنھنجا ڪيترائي نظم ان خوشفھي ۾ پڙھندو رھيو آھيان تھ انھن نظمن ۾ تو جيڪي لڪل اشارا ڪيا آھن، سي منھنجي لاءِ آھن. جڏھن تھ توکي اھا چڱي ريت خبر آھي تھ منھنجي شاعري جي ھر ڳُجھي تشبيهھ ۾ فقط تون ئي سمايل آھين.
** بنواس ۾ رام جي واپسي جا ڏينھن موٽي رھيا آھن ۽ آئون جيڪو ھر سال رام تي لکندو ھئس سو ھاڻ سنڌ جي ھڪ غريب جاتي واري ھندو دوست جي ميار کان پوءِ ماٺ آھيان، جنھن ۾ مون کي ھُن خط لکي اھا ميار ڏني ھئي تھ…
“اصل ۾ راوڻ سان تاريخ ۾ وڏي ناانصافي ڪئي وئي آھي. ان ڪري اوھان کي سڀ کان پھرين رام ۽ راوڻ جي قصي وارو اصل سچ ڪنھن حقيقي ساڌو سنت کان سمجھڻ گھرجي. پوءِ توھان جي دِل جيڪو گُھري سو ڀلي لکجو”
اھي ڏينھن ۽ ھي ڏينھن، آئون اڃان تائين ان سنت کي ڳولي رھيو آھيان، جيڪو مون کي رام ۽ راوڻ جي ڪھاڻي جي اصل مام سمجھائي. ھا پر پوءِ بھ جڏھن جڏھن ڏياري ويجھي ايندي آھي، تڏھن خبر ناھي ڇو رامائڻ پاڻمرادو منھنجي ھردي ۾ ھُرڻ شروع ٿيو وڃي. اھا رامائڻ جنھن جون ھي سٽون تھ سدا لاءِ ياد اٿم…
” انسان کي غيرضروري خواھشون ڌڪي وڃي ٻِچاڙائپ، لالچ ۽ تشدد جي تري ۾ اڇلائين ٿيون. ھا ٻيو اھو تھ پنھنجي جائز فطري دفاع کان سواءِ ٻي ڪنھن بھ مقصد لاءِ تلوار کڻڻ سنياس جي نفي آھي. باقي اھو ضرور آھي تھ ھڪ سورمي جو موت جنگ جي ميدان کان وڌيڪ ٻي ھنڌ نٿو سونھين. ۽ ھا اھو بھ تھ ماکيءَ جي مک گُل مان پنھنجي حصي جو رس چُوسي وٺڻ کان پوءِ ھڪدم اتان اُڏامي وڃي ٿي.”
بس اھي ھيون ڪجھه ڳالھيون جيڪو ھو پنھنجي پُراڻي ڊائري ۾ ٻيھر پڙھندو رھيو ۽ محڪوم ديس جي موسم اُداس ٿيندي رھي. ھن سوچيو تھ ھن بُري ڀنڀور کي اُجارڻ وارو اَتور ڪڏھن ايندو ۽ سندس ديس جون ڏُکيون ڪڏھن ڏِک ويھنديون؟