ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رسڪ الائونس لاءِ احتجاج ڪندڙ ميڊيڪل اسٽاف

Editorial

سنڌ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شعبن ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو پيو اچي. پر حڪومت پاران انهن جون ڳالهيون مڃڻ بدران تشدد جي واٽ ورتي ويندي آهي يا وري انهن جي مطالبن کي جائز نه سمجهيو ويندو آهي. صحت کاتو سنڌ جو اهم ترين کاتو آهي، جتي هزارين ملازم ڪم ڪن ٿا. جڏهن انهن جي مطالبن کي ٻڌو نٿو وڃي ته اهي هڙتالون ۽ احتجاج جو سڏ ڏين ٿا. تازو آيل ٻوڏ کان پوءِ صحت کاتي جا ملازم هر حوالي سان متحرڪ نظر آيا آهن. اهي ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر هنڌ موجود هوندا آهن. ان ڪري حڪومت انهن لاءِ رسڪ الائونس جو اعلان پڻ ڪيو هو. پر اوچتو ئي اوچتو اهو الائونس بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪالهه به انهن سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي جي ملازمن جو رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف گرينڊ ھيلٿ الائنس جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي، ليڊي هيلٿ ورڪرن اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي سول اسپتال، ڀٽائي اسپتال، قاسم آباد تعلقي اسپتال، سروسز اسپتال سميت ٻين اسپتالن جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي او پي ڊيز جو 2 ڪلاڪ بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. مانجهند ۾ اڳواڻن عبدالستار ميمڻ، گهرام خان کوسو، ڊاڪٽر زوهيب ميمڻ، ڊاڪٽر سرور لانگاه، فدا حسين ميمڻ، پير مشتاق ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. دادو ۾ راجا رفيق پنهور، ثمينه لاشاري، امتياز چانڊيو، ڊاڪٽر محمد يوسف، نثار لاشاري, قربان لنڊ، مجيد جهتيال, گل محمد شاهاڻي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. جھول-ٽنڊو آدم ۾ يونين جي اڳواڻن مٺل پنجارو ڪانڊيرو خان راھو ڊاڪٽر امام علي ٻگھيو ڊاڪٽر اضافي مري ڊاڪٽر خورشيد چنا ممتاز علي شاه محمد علي وسيم محمد خاصخيلي نواب شر ڊاڪٽر طلحه سرور جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتالن اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي. ميرپورخاص ۾ سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي جي ملازمن جو رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف گرينڊ ھيلٿ الائنس جي سڏ تي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي، ليڊي هيلٿ ورڪرن سول اسپتال ۾ ھڪ ڪلاڪ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ڊگهڙي ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان رسڪ الائونس سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لا تعلقه اسپتال ڊگھڙي اڳيان ڪم ڇڏ هڙتال ڪري مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيراميڊيڪل عملي جي اڳواڻن دانهيندي چيو ته تازي ٻوڏ ۽ برسات سبب پيرا ميڊيڪل اسٽاف متاثرن علائقن ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، جن کي اضافي مراعتون ڏيڻ بدران ويتر انهن کي ملندڙ رسڪ الائونس بند ڪري اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ اهم ترين مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ نه رڳو صحت کاتي کي اڳيان اچڻ گهرجي پر سنڌ حڪومت کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت صحت کاتي جي ملازمن کي رسڪ الائونس نه پئي ڏئي سگهي ته ان جو اعلان نه ڪيو وڃي ها. جيڪڏهن اعلان ڪيو ويو ۽ ان تي عمل ڪيو ويو ته پوءِ اوچتو ان کي بند نه ڪيو وڃي. پر هاڻ جڏهن الائونس بند ڪيو ويو آهي ته ملازمن جو اهو حق آهي ته اهي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين. ان ڪري صحت کاتي کي گهرجي ته ملازمن جي مطالبن کي مڃتا ڏني وڃي، انهن جو مقرر ڪيل الائونس وري بحال ڪيو وڃي. گهٽ ۾ گهٽ ان وقت تائين ان الائونس کي جاري رکيو وڃي، جيستائين ٻوڏ متاثرن جي مڪمل طور بحالي نٿي ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button