سنڌ

ڳڙهي خد ابخش ڀٽو ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ورسي

ڪارساز سانحي کي 15 ورهيه گذري ويا. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جانثاران بينظير قبرستان ۾ 20 گمنام شهيدن “مين ڀٽو هون” جي 15 هين ورسي 18 آڪٽوبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻ اعجاز لغاري، خير محمد شيخ، عمران جتوئي، ,دليپ ڪمار منصور سومرو، محمد انور ٻرڙو، سرفراز ميراڻي، خالد ڪريم مڱريو ۽ ليڊيز ونگ جي ڪارڪن ۽ ٻيا شريڪ هئا. قرآن خواني بعد اجتماعي دعا گهري لنگر تقسيم ڪيو ويو. جنهن بعد ڪارساز سانحي جي 20 گمنام شهيدن “مين ڀٽو هون” جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪرڻ بعد دعا گهري وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪار ساز سانحي ۾ شھيد ٿيل جيالن جي عظمت کي سلام پيش ڪريون ٿا. ھنن پنھنجي قائد بينظير ڀٽو جي آجيان ڪرڻ دوران بمن ۽ بارودن ۾ پنھنجي جان جا پيش ڪيل نظرانا سندن ڪيل جدوجھد کي وساري نٿو سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button