سنڌ

ميرو خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

ميرو خان ۾ فنڪشنل ليگ جي سڏ تي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرو خان نهيد ميراڻي خلاف فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن ۽ شهرين عرضي ڀٽو چوڪ تي رڪاوٽون رکي شاميانا هڻي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي ميرو خان جي اڳوڻي چيئرمين حاجي الهرکيو تنيو، نياز مستوئي، محمد صالح رند ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اي سي نهيد ميراڻي ٽينٽ، راشن ۽ ٻيو سامان ايم پي اي گهنور اسراڻ، پ پ عهديدارن ۽ من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته متاثر بي يارو مددگار ۽ دربدر بڻجي بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن جن جي ڪا واهر نه ٿي سگهي آهي. هنن اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ورهايل امدادي سامان جي شفاف جاچ ڪرائي سامان حقيقي متاثرن کي ڏياري واهر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي اي سي نهيد ميراڻي ٻڌايو ته ميرو .خان ۾ ٽرينڊ شروع ٿيو آهي ته احتجاج ڪري ڌرڻا هڻي بليڪ ميل ڪري راشن ورتو وڃي پر ائين نه ٿي سگهندو. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 300 ٽينٽ ۽ هڪ هزار راشن بيگ صرف چئن وارڊن ۾ ڏنا آهن پر ان باوجود احتجاج جو رستو اختيار ڪري حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته احتجاج سڀني جو حق آهي پر مان ڪنهن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button