سنڌ

ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل لاڙڪاڻي واسي درزي نوجوان جي آزاديءَ لاءِ وارثن پاڪ ڪتاب کڻي پنجين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ذوالفقار باغ واري علائقي جي رهواسڻ بيواهه عورت هير خاتون بليدي پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏجي دانهيو ته 20 ورهين جو نوجوان پٽ مجاهد علي بليدي ڪراچي جي جوهر اسڪوائر واري علائقي ۾ درزڪو پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو، جنهن کي پنج ڏينهن اڳ 12 سيپٽمبر تي منجهند ڌاري ڪم دوران دڪان تان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، جنهن ڪري سخت اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هن چيو ته پٽ مجاهد علي بليدي جو ڪنهن سياسي جماعت سان ڪو واسطو ناهي ۽ نه ئي وري مٿس ڪو ڪيس داخل آهي، جنهن کي کنڀي وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي. هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button