سنڌ

قمبر ۾ مختلف ڳوٺن جي متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

قمبر جي مختلف ڳوٺن ڪور سليمان، دين پور، ڳڙهي رضا محمد شابراڻي، بٺي لشڪر، بوهڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي عبدالرحمان شابراڻي، رشيد احمد، غلام مرتضى شابراڻي، مشتاق شابراڻي ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ دوران گهر ڊهي پٽ پئجي ويا زرعي زمينون ٻڏي تباهه ٿي ويون، ڪيترن مهينن کان بي يارو مددگار ڳوٺن ۾ ترسيل آهيون، ضلعي انتظاميا اسان کي ڪا بنيادي سهولت نه ڏني آهي، ڊٺل گهرن ۾ کليل آسمان هيٺان ويٺل آهيون کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي، معصوم ٻچڙا بکن تي پاهه ٿي ويا آهن. چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي درن تي ڌڪا کائي ٿڪجي پيا آهيون. خدارا اسان جي واهر ڪري کاڌ خوراڪ ڏئي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button