سنڌ

نصيرآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جو راشن ۽ ٽينٽ نه ملڻ خلاف احتجاج

نصيرآباد ۾ ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرن راشن ۽ ٽينٽ نه ملڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن دانهيندي چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار نصير آباد پهنجا نوازي ڪري من پسند ماڻهن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏيئي رهيا آهن، جڏهن ته اسان گذريل ڪافي ٽائيم کان کليل آسمان ھيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهيون. بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي پر هتي روينيو جا ڪجهه عملدار اصل ٻوڏ ۽ فلڊ ڪئمپ ۾ ترسيل متاثرن سان ناانصافي ڪري رهيا آهن. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور تي متاثرن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏيئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button