اسلام آبادپاڪستانسنڌ

وفاق طرفان سيڪيورٽي ڏيڻ کان معذرت، ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن وفاقي حڪومت پاران خط ذريعي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪرڻ بعد ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ رٿيل مڪاني چونڊون ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. ايڪسپريس نيوز موجب ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ گهرو وزارت طرفان لکيل خط ۽ سنڌ حڪومت طرفان پيش ڪيل تجويزن جو جائزو ورتو ويو. ان کان اڳ وفاقي حڪومت ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن کي باضابطا خط لکيو هو، جنهن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ سڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪئي وئي هئي. وفاقي حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو سنڌ حڪومت جي مشاورت سان ڪيو وڃي. ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ سنڌ حڪومت وٽ 16 هزار اهلڪارن جي کوٽ آهي. سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي گهرو وزارت جي معافي واري خط جو جائزو وٺڻ بعد اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ گهرو وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. 2

ڏينهن اڳ به اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت موقف اختيار ڪيو هو ته پوليس ۽ سڪيورٽي ادارا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مصروف آهن، جنهن سبب ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لا 16 هزار پوليس اهلڪارن جي کوٽ آهي. اليڪشن ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته ڇا گهرو وزارت سنڌ حڪومت جي سيڪيورٽي جي حوالي سان 16 هزار سڪيورٽي فورسز جي گهرج پوري ڪري سگهي ٿي؟ اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان گهرو وزارت کان اڄ جواب طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. گهرو وزارت جي سيڪريٽري سان مڪاني ادارن جي چونڊن بابت گڏجاڻي به ڪئي. گهرو وزارت کي چيو ويو ته چونڊن جي پرامن انعقاد لاءِ فوج ۽ رينجرز جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي، گهرو وزارت ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشنن تي پوليس اهلڪارن جي کوٽ سبب فوج ۽ رينجرز ڊيوٽي سرانجام نه ڏئي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن موجب لکت ۾ ٻڌايو ويو ته فوج ۽ رينجرز بطور ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور موجود هوندي. سنڌ حڪومت جو چوڻ هو ته ڪراچي جون اڪثر پولنگ اسٽيشنون حساس يا انتهائي حساس آهن، ان ڪري اليڪشن ڪميشن وٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي ان ڪري چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. ڪراچي ۾ چونڊن جي فيصلي بابت اجلاس 15 ڏينهن کانپوءِ ٻيهر ٿيندو. واضع رهي ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جون چونڊون 3 مهينن لاءِ ملتوي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 3 خط به موڪليا هئا، جڏهن ته ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي ٿيڻيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button