پاڪستانسنڌ

پي ٽي آءِ 6 سيٽون کٽڻ باوجود پارليامينٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي آهي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت جي سياسي حڪمت عملي ايتري سادي ۽ معصوم آهي جو ننڍي چونڊ ۾ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون کٽڻ باوجود پارليامينٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي آهي. ان کان اڳ پي ٽي آءِ وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ 162 سيٽون هيون ۽ هاڻي ننڍي چونڊن ۾ 6 سيٽون کٽڻ باوجود گهٽجي 156 سيٽن تائين رهجي ويون آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سياسي طور دماغ خالي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪارساز ۾ 18 آڪٽوبر 2007ع جي شهيدن جي يادگار تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ به ساڻس گڏ هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته عمران خان جو دماغ خالي آهي ۽ سندس فيصلا سندس سياسي ناپختگي ۽ جهالت جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن هو ننڍي چونڊن ۾ وڙهڻ بدران پنهنجي پارٽي جا اميدوار بيهاري ها ته هو قومي اسيمبليءَ جي 6 سيٽن تان پنهنجي انگ ۾ اضافو ڪري سگهي ها. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجڻ تي کيس اسيمبليءَ ۾ “سليڪٽڊ” قرار ڏنو هو ۽ هن ان اصطلاح جو مذاق اڏائڻ لاءِ ٽيبل وڄائي. هن چيو ته هاڻي هن کليل نموني اعتراف ڪيو آهي ته هو ڪٺپتلي وزيراعظم هو ۽ سندس ڌيان ڪنهن ٻئي هنڌ هو. وڏي وزير افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان جي سياسي ڏاهپ جو اندازو لڳايو ته هن پارليامينٽ کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هاڻي وفاقي راڄڌاني ۾ هڪ جٿي آڻڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن طاقت ذريعي حڪومت تي قبضو ڪري سگهي جيڪڏهن هن وٽ جمهوري سوچ رکندڙ اڳواڻ هجي ها ته اقتدار ۾ واپسي لاءِ پارليامينٽ جو رستو اختيار ڪري ها.

مراد علي شاهه عمران خان کي خبردار ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي ۽ حڪومت جي تبديلي پارليامينٽ ۾ ووٽ ذريعي ئي ممڪن آهي. ڪارساز سانحي بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اڄ کان 15 سال اڳ 18 آڪٽوبر 2007ع تي هو پنهنجي عظيم قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ ٽرڪ ۾ سوار ٿيو هو. وڏي وزير چيو ته سڄي پاڪستان مان لکين ماڻهو پنهنجي قائد جي استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي پهتا. هن پنهنجي ماضيءَ جي يادگيرين مان ميڊيا کي ٻڌايو ته ماڻهو پنهنجي عظيم ليڊر کي ڏسڻ لاءِ پرجوش ۽ نعرا هڻي رهيا هئا ته “بينظير آئي آهي، روزگار لائي آهي” (بينظير ماڻهن کي روزگار جا موقعا ڏيڻ لاءِ واپس آئي آهي). هن ڌماڪي واري هنڌ ڏانهن هٿ کڻي چيو ته هن جاءِ تي ڌماڪا ٿيا ته ان ۾ 180 ماڻهو مارجي ويا ۽ 450 کان وڌيڪ بيگناهه زخمي ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ جي ٻاجهه سان محترمه بينظير ڀٽو حملي ۾ بچي وئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هوءَ پنهنجي زخمي ڪارڪنن سان ملڻ لاءِ جي پي ايم سي پهتي ۽ ان کانپوءِ ڌماڪي ۾ مارجي ويل لياري جي ڪارڪنن جي گهرڀاتين سان ملاقات لاءِ پڻ وئي. مراد علي شاهه چيو ته محترمه بينظير ڀٽو 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ عوام جي حقن جي حڪمراني لاءِ جدوجهد ڪندي پنهنجي جان قربان ڪئي ۽ ساڳي ريت پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي جان ڏني تنهن ڪري اها (جمهوريت) اسان لاءِ گهڻي عزيز آهي. ان کان اڳ وڏي وزير شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ سندن لاءِ دعا پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button