پاڪستانسنڌ

جيالن ڌماڪن کان بي خوف ٿي عظيم قائد جي حفاظت ڪئي: آصف زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪارساز سانحي جي بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي، ڪارساز سانحي جا 15 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي خاص پيغام ۾ آصف زرداري چيو ته جيالن بم ڌماڪن کان بي خوف ٿي پنهنجي عظيم ڀيڻ ۽ قائد جي حفاظت ڪئي. هن چيو ته اڄ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ ان جي هزارين جيالن جي رت سان جمهوريت قائم آهي، پيپلزپارٽي عهد ڪري ٿي ته ڀلي ڇا به ٿئي جمهوريت قائم ۽ دائم رهندي. هن چيو ته پ پ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو مشن مڪمل ڪري 1973 جي آئين کي اصل صورت ۾ بحال ڪيو، 18 هين آئيني ترميم ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي ضمانت آهي.

هن چيو ته پ پ سوات ۾ ٻيهر قومي پرچم سر بلند ڪيو، صوبن کي خودمختياري ڏني، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي سڃاڻپ ڏني، غريب ۽ مستحق عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي رياست جي ثمرن ۾ حصيدار بڻايو، اسان جي جدوجهد ان روشن صبح لاءِ آهي، جڏهن هر نوجوان روزگار سان هوندو. آصف زرداري چيو ته معاشي ۽ سماجي طور تي ڪمزور طبقن کي معاشي ۽ سماجي انصاف مهيا ٿيندو، اڄ ملڪ جو پٺتي پيل علائقو ٿر ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، هي روشني به محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو خواب هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button